نئون

ستن سالن ۾ ٽي هزار هزاره قتل

سرڪاري انگن اکرن مطابق 11 سيپٽمبر کان هيستائين ڪل ٽي هزار هزاره کي قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته غير سرڪاري انگن اکرن مطابق انهن جو تعداد چار هزار آهي، جنهن مان وڏو انگ مردن جو آهي. سينيٽ پاران جوڙيل انساني حقن جي فنڪشنل ڪميٽي سان ڳالهائيندي انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ جليلا حيدر چيو ته ڪميٽي کي هزاره برادري جي تڪليفن کي ڏسڻ گهرجي. هن وقت ڏهه هزار کان وڌيڪ عورتون، مرد ۽ ٻار خراب صورتحال ۽ اظهار راءِ ۽ چرپر جي محدود آزاديءَ سان زندگي گذاري رهيا آهن. واضح رهي ته هن ڪميٽي قائم ڪرڻ جو مقصد اهو ڏسڻ آهي ته هزاره ڪميونٽي تي ويجهڙ جي عرصي ۾ حملا ڇو ٿيا ۽ انهن جي سيڪيورٽي کي ممڪن بڻايو ويو آهي يا نه. جليلا حيدر چيو ته 90 هزار کان وڌيڪ خاندان ٻين ملڪن ۾ هجرت ڪري ويا آهن جتي اهي خراب حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، انهن کي واپس گهرائي ٻيهر پنهنجي ملڪ ۾ وسايو وڃي. هن بلوچستان حڪومت تي به الزام هنيو ته اها هزاره ڪميونٽي جي تحفظ جي گارنٽي بجاءِ انهن کي ڊيڄاري رهي آهي. هتي حڪومت جي ڪابه رٽ نه آهي ۽ هتي عورتن کي حراسان ڪيون پيو وڃي ۽ ٻارن جي زندگي کي به ڪو تحفظ نه آهي. هزاره ڪميونٽي هڪ ڪئمپ واري زندگي گذاري رهي آهي. ان موقعي تي موجود بلوچستان جي ايڊيشنل آءِ. جي جهانزيب جگوزئي چيو ته هو به جليلا حيدر سان متفق آهي. هزاره ڪميونٽي جا ماڻهو ڊنل آهن ۽ اهي گهرن کان ٻاهر وڃڻ ۾ خوف محسوس ڪن ٿا. جڏهن ته اسان هنن جي تحفظ جو پورو انتظام ڪري رهيا آهيون. جنهن بعد ڪميٽي فيصلو ڪيو ته هن معاملي تي جون جي ٻئين هفتي ۾ وري ويهڪ ٿيندي ۽ معاملي کي جاچيو ويندو.