عورتن جي حقن بابت ڪامريڊ لينن سان ڪيترائي ڀيرا منهنجو بحث ٿيو. ان بحث جي دوران هن ان مسئلي تي پنهنجن خيالن جي وضاحت ڪئي. اها حقيقت آهي ته ڪامريڊ لينن عورتن جي تحريڪ کي بيحد اهميت ڏيندو هو. هن وٽ عورتن جي تحريڪ عوامي تحريڪ جو هڪ اهم حصو آهي ۽ ڪجهه حالتن ۾ اها فيصلائتي به بڻجي سگهي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو مرد ۽ عورت جي سماجي برابري جو قائل هو. هن وانگر ڪو ڪميونسٽ ان اصول کان انڪار نٿو ڪري سگهي. لينن سان ان مسئلي تي منهنجي پهرين طويل گفتگو 1920ع جي بهار مهيني ۾ ٿي. اها گفتگو ڪريملن ۾ سندس مطالعي واري ڪمري ۾ ٿي هئي. لينن جي سامهون ميز تي وڏي تعداد ۾ ڪتاب ۽ ڪاغذ وکريل پيا هئا، پر ان بي ترتيبي ۾ به هڪ ترتيب هئي. عام طور تي ائين سمجهيو ويندو آهي ته دانشور ترتيب ۽ ضابطي جو لحاظ نه رکندو آهي ۽ جيترو وڌيڪ بي ترتيبي ۽ انتشار هن جي زندگي ۾ هجي، اهو اوترو ئي وڏو دانشور هوندو آهي، پر لينن جي باري ۾ اها ڳالهه درست نه هئي.
لينن گفتگو جي شروعات ڪندي چيو: “اسان کي عورتن جي هڪ طاقتور ۽ عالمگير تحريڪ واضح ۽ مثبت نظرياتي بنيادن تي تعمير ڪرڻ گهرجي. ظاهر آهي ته مارڪسي نظريي کانسواءِ اسان جو عمل درست نٿو ٿي سگهي. جيستائين عورتن جي عالمي تحريڪ جو تعلق آهي ته اسان ڪميونسٽن کي ان لاءِ واضح اصول مرتب ڪرڻا پوندا. اسان کي پنهنجي ۽ ٻين تمام پارٽين جي وچ ۾ واضح لائين ڪڍڻي پوندي. اها بدقسمتي آهي ته اسان جي ٻي عالمي ڪانگريس عورتن جي حقن جي مسئلي جي اميدن تي پوري نه لٿي. ان ڪانگريس ۾ اهو سوال ته اٿيو، پر ان جو واضح جواب نه ڏنو ويو ۽ نه ئي مثبت موقف اختيار ڪيو ويو. ان ڪانگريس جي پاران هڪ مقرر ڪميٽي اڃان تائين ان سوال تي غور ڪري رهي آهي. ان ڪميٽي جي ذميواري ۾ اهو ڪم آهي ته ان سوال تي بنيادي اصولن ۽ هدايتن تي مبني هڪ قرارداد مرتب ڪري، پر ان ڪميٽي اڃان تائين ڪو ڪم نه ڪيو آهي. توکي ان ڪميٽي جي مدد ڪرڻ گهرجي.“جيڪو ڪجهه لينن مون کي ٻڌايو، اهو مان پهرين به ٻين کان ٻڌي چڪي هئس. مان ڪميٽي جي بي عملي تي حيرت جو اظهار ڪيو. انقلاب جي دوران روسي عورتن جي ڪردار ۽ عمل سان منهنجي وڏي حوصلا افزائي ٿي هئي. روسي عورتن انقلاب جي دفاع ۽ ملڪ جي تعمير لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري رهيون هيون، سو به واکاڻ جوڳو آهي. روسي عورتون بالشويڪ پارٽي جون ميمبر هيون. هنن جون پارٽي جي اندر سرگرميون ڪنهن کان ڳجهيون نه هيون. ان لحاظ کان هيءَ پارٽي هڪ مثالي پارٽي هئي. رڳو هن پارٽي عورتن جي ڪميونسٽ عالمي تحريڪ لاءِ قابل قدر، تربيت يافته ۽ تجربيڪار عورتون مهيا ڪيون هيون. روس جون ڪميونسٽ عورتون تاريخ ۾ هڪ مثالي حيثيت اختيار ڪري ويون هيون. منهنجي ڳالهه ٻڌي لينن مسڪرائي چيو: “سچ ته اهو آهي ته روس جي ڪميونسٽ عورتن عظيم ڪم سرانجام ڏنو آهي. پيٽروگراڊ، ماسڪو ۽ ٻين شهرن ۽ صنعتي مرڪزن ۾ پرولتاري عورتن انقلاب ۾ شاندار ڪردار ۽ عمل جو مظاهرو ڪيو آهي. هنن جي تعاون کانسواءِ شايد انقلاب ۾ ڪاميابي نه ملي سگهي ها يا انقلاب وڏي مشڪل سان ڪامياب ٿئي ها. اها منهنجي راءِ آهي. هنن بي مثال جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ اڃان به ڪري رهيون آهن. ٿورو تصور ته ڪيو، اهي ڪيئن نه مسڪرائي بک ۽ محرومي کي برداشت ڪري رهيون آهن. اهي پنهنجن مورچن تي ڄمي بيٺل آهن، ڇو ته اهي سوويت يونين جي حفاظت ڪرڻ چاهين ٿيون ۽ آزادي ۽ ڪميونزم کي دشمنن کان بچائڻ چاهين ٿيون. اسان جون مزدور عورتون بي مثال طبقاتي جاکوڙي آهن. هنن جا ڪارناما قابل تحسين آهن. مان هلندي هلندي اهو ٻڌائيندو هلان ته اهي عورتون به، جيڪي اسان جي مخالف صفن ۾ آئيني جمهوريت پسندن سان گڏ هيون، ذليل فوجي ڪيڊٽن کان وڌيڪ جرئت جو مظاهرو ڪري ڏيکاريائون.”
“اهو درست آهي ته اسان جي پارٽي جون عورتون ذهين، اڻ ٿڪ ۽ اعتبار جوڳيون آهن. اهي سوويت يونين جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽين ۽ وزارتن ۾ اهم عهدن تي فائز آهن. انهن مان اڪثر ڏينهن رات ڪم ڪنديون آهن. پارٽي ۾ مزدورن ۾ ۽ سرخ فوج ۾، هر جڳهه اهي رات ڏينهن ڪم ۾ جنبيل رهنديون آهن. انقلاب لاءِ ان کان وڌيڪ قابل قدر ڪم ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. سوويت عورتون جيڪي ڪارناما انجام ڏئي رهيون آهن، اهي پوري دنيا جي عورتن لاءِ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. هنن جا اهي ڪارناما سندن صلاحيتن جو ثبوت آهن. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عورتون سماج لاءِ قيمتي ڪم سرانجام ڏئي سگهن ٿيون. پهرين پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ حڪومت سماج ۾ عورتن کي مردن جي برابر حيثيت ڏيارڻ لاءِ رستو سڌو ڪري رهي آهي. هي جاکوڙي عورتون عورتن جي خلاف ڦهلايل تعصب کي ختم ڪري رهيون آهن. عورتن جي باري ۾ لکيل تمام ڪتاب اهڙي تعصب سان ڀريا پيا آهن. دنيا جي پهرين سوشلسٽ رياست عورتن کي مردن جي برابر حق ڏئي ڪري ان سموري تعصب کي ملياميٽ ڪري رهي آهي.”
“مون کي افسوس آهي ته اڃان تائين اسان ڪميونسٽ عورتن جي عالمي تنظيم ٺاهي ناهيون سگهيا. اهو ڪم اڄ ئي شروع ڪرڻ گهرجي. ان تحريڪ کانسواءِ ڪميونسٽ انٽرنيشنل ۽ ان جي پارٽين جو ڪم اڌورو آهي ۽ رهندو. انقلابي عمل همگير عمل آهي ۽ عورتن جي عالمي تحريڪ کانسواءِ مڪمل نه ٿيندو. مون کي اهو ٻڌايو ته ٻاهر جي ملڪن ۾ ڪميونسٽ ڪم ڪهڙي طرح ٿي رهيو آهي.” مان لينن جي سوال جو جواب تفصيل سان ڏنو ۽ هن کي ٻڌايم ته ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي پارٽين جي وچ ۾ تعلقات اڃان تائين ڍرا ۽ بي ترتيب آهن. لينن منهنجون ڳالهيون توجهه سان ٻڌيون. هن منهنجون ڳالهيون ايتري ڌيان سان ٻڌيون جو نه هن بيزاريءَ جو اظهار ڪيو ۽ نه ئي ٿڪاوٽ جا آثار سندس چهري تي ظاهر هئا. ايستائين جو ننڍيون ننڍيون ڳالهيون به غور سان ٻڌائين. مان لينن کان وڌيڪ توجهه سان ٻڌڻ وارو شخص ڪونه ڏٺو. هو وڏي تيزي سان واقعن جون ڪڙيون جوڙي وٺندو هو ۽ جيڪو ڪجهه ٻڌندو هو، ان جا نتيجا ڪڍي وٺندو هو. گفتگو جي دوران ننڍا ننڍا ۽ اهم سوال پڇندو ويندو هو ته جيئن واقعن جي پوري تصوير سندس سامهون اچي وڃي. لينن ڳالهيون ٻڌڻ وقت نوٽ وٺندو ويندو هو ته جيئن بعد ۾ ان کي ڪم ۾ آڻي سگهي ۽ ان جو حوالو ڏئي سگهي.
مان جرمني جي سياسي حالتن جي باري ۾ ساڻس وڌيڪ تفصيل سان گفتگو ڪئي. مان لينن کي ٻڌايم ته ڪامريڊ روزا لڪسمبرگ انقلابي تحريڪ ۾ عورتن جي شموليت کي تمام گهڻي اهميت ڏئي رهي آهي. جڏهن ڪميونسٽ پارٽي ٺاهي وئي ته روزا لڪسمبرگ زور ڏنو هو ته عورتن جي هڪ اخبار جاري ڪرڻ گهرجي. ليو جوگيشس سان منهنجي ملاقات سندس مرڻ کان ڇٽيهه ڪلاڪ اڳ ٿي هئي ۽ پارٽي جي باري ۾ ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. هن منهنجي ذميواريءَ ۾ گهڻا ڪم لڳائي ڇڏيا هئا، جن مان هڪ ڪم عورتن جي تنظيم بابت هو.
پارٽي ان مسئلي تي پنهنجي پهرين غير قانوني ڪانفرنس ۾ بحث ڪيو هو. اهي عورتون جن پهرين سامراجي جنگ دوران اهم ڪردار ادا ڪيو هو، اهي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جون ئي ميمبر هيون. اڪثر عورتون ان پارٽي جي چوگرد جمع هيون. ان جي باوجود اهڙيون پُرجوش ۽ مخلص عورتون به هيون، جيڪي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي ويون هيون. پارٽي مزدور عورتن جي تنظيم ٺاهڻ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪيو هو، پر اهو ڪم اڃان ابتدائي مرحلي ۾ هو. مان لينن کي سڀ ڪجهه ٻڌايو.
منهنجي گفتگو جي جواب ۾ لينن چيو ته اها بُري ابتدا نه آهي، اها سٺي شروعات آهي. ڪميونسٽ عورتن جون سرگرميون، سندن لڳاءُ، جوش، جرئت ۽ ذهانت جيڪي اهي خفيه ۽ نيم خفيه ڪارروائين دوران ڏيکاري رهيون آهن. تمام حوصلا افزا آهن. هنن جي همت سان پارٽي وڌندي ۽ ڪم اڳتي وڌندو. سندن مدد سان پارٽي عوام ۾ مقبول ٿيندي ۽ سياسي سرگرمين ۾ تيزي ايندي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀني ساٿين کي ان سوال جي اهميت ٻڌائي وڃي. کين تربيت ڏني وڃي ته عورتن ۾ ڪم ڪيئن ڪري سگهجي ٿو ۽ انقلاب ۾ عورتن جي ڪيتري اهميت آهي.
توهان ان معاملي ۾ ڇا ڪري رهيا آهيو؟ عوام ۾ ڪم لاءِ ڪيڊرن جي وڏي اهميت آهي، ڇو ته عوام تائين سوشلزم جو نظريو دانائي واري طريقي سان پهچائڻ اهم ڪم آهي، جيئن عوام جرئت ۽ حوصلي سان اها ئي لائين اختيار ڪري جيڪا اسان چاهيون ٿا. مون کي هن وقت ياد نٿو پوي ته ڪنهن جو قول آهي: “عظيم ڪمن لاءِ اتساهه ۽ حوصلي جي ضرورت هوندي آهي.” اسان کي ۽ دنيا جي مزدورن کي عظيم ڪارناما سرانجام ڏيڻا آهن.
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جرمن عورتون عظيم ڪارناما انجام ڏيڻ لاءِ حوصلو ڪٿان حاصل ڪنديون آهن؟ هنن جي پرولتاري طبقاتي شعور جي ڪهڙي حالت آهي؟ ڇا اهي فوري سياسي مطالبن کان متاثر ٿي سرگرميون ڪنديون آهن؟ هنن جي خيالن جو مرڪزي نقطو ڪهڙو آهي؟
مان روسي ۽ جرمن ساٿين کان عجيب ۽ غريب ڳالهيون ٻڌيون آهن. مان اهي سڀ توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو. مون کي ٻڌايو ويو ته هڪ جرمن عورت همبرگ ۾ طوائفن لاءِ اخبار ڪڍي رهي آهي ۽ کين انقلابي ڪمن لاءِ منظم ڪري رهي آهي. روزا لڪسمبرگ سچي ڪميونسٽ آهي. جڏهن پوليس طوائفن کي قاعدن جي خلاف ورزي تي جيل ۾ وڌو ته روزا جي انساني همدردي جاڳي اٿي ۽ هن پوليس جي ظلمن جي خلاف هڪ مضمون لکيو.
ويچاريون طوائفون سرمائيداري سماج جون مظلوم هستيون آهن. لعنتي نجي ملڪيت جي نظام ۽ سرمائيداري سماج جي منافقاڻي اخلاقيات جون شڪار آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي سرمائيدار سماج جون مظلوم ۽ بدنصيب ڌيئرون آهن. ڪو جاهل، تنگ نظر ۽ ننڍي سوچ جو ماڻهو ئي ان حقيقت کان انڪار ڪري سگهي ٿو، پر ان حقيقت کي سمجهڻ هڪ ٻي ڳالهه آهي ۽ طوائفن کي انقلابي تنظيمن ۾ منظم ڪرڻ، هنن لاءِ اخبار ڇاپڻ ۽ هنن جون ٽريڊ يونين ٺاهڻ ٻي ڳالهه آهي.
ڇا جرمني ۾ مزدور عورتون ختم ٿي ويون آهن، جن کي منظم ڪرڻ، جن لاءِ اخبار شايع ڪرڻ ۽ سندن رهنمائي ڪرڻ جي ضرورت باقي نه رهي هجي؟ ڇا اها فضول حرڪت ناهي، جيئن اسان جي همبرگ واري ذهين ساٿياڻي ڪري رهي آهي؟ مون کي ياد آهي ته هڪ وقت اهو ادبي فيشن بڻجي ويو هو ته هر طوائف کي معصوم مريم جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي. هي ان سماجي همدردي جو نتيجو آهي جيڪو انهن مظلوم هستين سان انساني همدردي سبب پيدا ٿيندو آهي ۽ ان نفرت جو اظهار به آهي جيڪو “شريف” بورجوازي طبقي جي منافقاڻي اخلاقيات جي خلاف پيدا ٿيندو آهي، جيڪي طوائفن جي سرپرستي ڪن ٿا.
پر بورجوازي ذلالت ۽ بورجوازي ذات کان نفرت جو اهو مطلب نه آهي ته اهڙا فضول ڪم ڪيا وڃن ۽ جسم فروشي جي حقيقت کان اکيون بند ڪيون وڃن. طوائفن جو مسئلو هر ملڪ ۾ موجود آهي. خود اسان جي ملڪ ۾ به ڪيترن ڏکين مسئلن سان گڏ اهو مسئلو موجود آهي، جنهن کي اسان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. طوائفن کي سماج ۾ باعزت جڳهه ڏيو، هنن کي روزگار مهيا ڪريو ۽ هنن کي پيداواري عمل ۾ شريڪ ڪريو، اهو آهي ڪرڻ جو اصل ڪم.
اسان جا معاشي مسئلا ڪجهه اهڙي طرح الجهيل آهن جو سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ ڪافي مشڪل بڻجي ويو آهي. عورتن جا مسئلا به ان مشڪل جو حصو آهن. مزدورن رياست تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ انهن ڏکين مسئلن کي حل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. سوويت روس ۾ اهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اڃان وڏي محنت جي ضرورت آهي، پر اسان يقينن انهن کي حل ڪري وٺنداسين.
جرمني جا ساٿي جن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اچو ته انهن بابت سوچيون. ڪنهن به حالت ۾ پارٽي پنهنجن ميمبرن جي بيقاعده ۽ نامناسب ڪمن کي نظرانداز نٿي ڪري سگهي، ڇو ته ان سان اسان جي صفن ۾ انتشار پکڙجي سگهي ٿو. مون کي ٻڌايو ته توهان ان کي روڪڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟
ان کان اڳ جو مان جواب ڏيان، لينن پنهنجي ڳالهه جو سلسلو جاري رکندي چيو: “ڪلارا، تنهنجين غلطين جي فهرست ڊگهي ۽ بدتر آهي. مون کي ٻڌايو ويو آهي ته شام جي وقت جڏهن مزدور عورتون پڙهائي ۽ بحث لاءِ گڏ ٿينديون آهن، تڏهن اتي جنس ۽ شادي جي مسئلن تي ئي بحث ڪيو ويندو آهي. تنهنجي سياسي گفتگو ۽ تعليمي ڪمن ۾ دلچسپي جو اظهار اهڙن موضوعن ۾ ٿيندو آهي. جڏهن مون اهو سڀ ڪجهه ٻڌو ته مون کي يقين نه آيو.
پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ جي پهرين رياست پوري دنيا جي انقلاب دشمنن جي خلاف لڙائي ۾ رڌل آهي. جرمني جي حالتن جي تقاضا آهي ته مزدور انقلابين جي صفن ۾ وڌ کان وڌ اتحاد قائم ڪيو وڃي، جيئن اهي انقلاب دشمنن جي حملن کي پوئتي ڌڪي سگهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته اهڙين حالتن ۾، جڏهن انقلاب دشمن ايترا سرگرم آهن، ڪميونسٽ عورتون جنس ۽ شادي جي غير ضروري مسئلن تي بحث ۽ مباحثي ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪن ٿيون.
چيو ويندو آهي ته ويانا جي هڪ ڪميونسٽ ليکڪه جو لکيل پمفليٽ، جيڪو جنس جي باري ۾ آهي، اڄڪلهه تمام گهڻو مقبول آهي. اهو ڪتاب ڪيترو بي نتيجو آهي. جنس جي باري ۾ مزدورن کي جيڪو ڪجهه ڄاڻڻ گهرجي، اهو آگسٽ بيبل جي تحريرن ۾ موجود آهي. بيبل جي لکڻين ۾ بورجوازي سماج خلاف سخت ۽ تيز حملا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ ان مسئلي تي طبقاتي نقطهءِ نگاهه کان ڪجهه به ناهي چيو ويو.
انهيءَ پمفليٽ ۾ فرائيڊ جو ذڪر ڪري ان کي سائنسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر ان ڪوشش ۾ ذڪر ڪيل ليکڪه ۽ ٻين ڪيتريون غلطيون ڪيون آهن. فرائيڊ جي نظريي سان لڳاءُ هڪ فيشن بڻجي ويو آهي. اهڙن پمفليٽن ۽ مضمونن ۾ جنس جي باري ۾ بيان ڪيل نظريا قابلِ اعتماد ناهن.
مون وٽ اهو ساٿي به قابل اعتماد ناهي جيڪو هر وقت اهڙن مسئلن ۾ الجهيل رهي، جيئن هندو يوگي اکيون بند ڪري گيان ڌيان ۾ لڳا رهندا آهن. منهنجي خيال ۾ جنسي نظريي تي ايتري توجهه ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته اهڙو شخص پنهنجي ذاتي جنسي خواهشن جو قيدي آهي. اهڙا نظريا بيان ڪري اهي ماڻهو پنهنجي ايبنارمل جنسي زندگيءَ جو جواز ڳولهيندا آهن، جيئن بورجوازي اخلاقيات کيس گرفت ۾ نه آڻي سگهي.
بورجوازي اخلاقيات کان خوف مون وٽ قابل نفرت آهي. اهڙا پمفليٽ ۽ لکڻيون، چاهي ظاهر ۾ ڪيتريون باغي ۽ انقلابي نظر اچن، جڏهن انهن جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو وڃي ته آخرڪار ان سان بورجوازي اخلاقيات جي ئي طرفداري ظاهر ٿئي ٿي. جيڪي دانشور اهڙن مسئلن تي خاص توجهه ڏيندا آهن، انهن لاءِ اسان جي پارٽي ۾ ڪا جڳهه ناهي. اسان جي پارٽي طبقاتي شعور رکندڙ جاکوڙي مزدورن جي پارٽي آهي.