جادل آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي وڏي شھر سينفرانسسڪو جي ھڪ نالي واري اسپتال يو سي ڊيوس ھيلٿ سينٽر جي آءِ سي يو وارڊ ۾ پيرالائيزڊ ٿيل بيڊ تي سمھيو پيو ھو ۽ ھن جو علاج جديد مشينن ۽ دوائن جي ذريعي ٿي رهيو ھو، پر ڊاڪٽرن جادل جي پيءُ کي جيڪو پاڪستان ۾ ھڪ بين الاقوامي اين جي او جو ڪنٽري ھيڊ ھو، جنهن جي ڪري ھن جي پٽ جي علاج جو سڄو خرچ آمريڪن بيسڊ اين جي او برداشت ڪري رهي هئي، کي مشورو ڏيندي چيو، “اسان کي اميد آهي ته تنهنجو پٽ ھن وڏي ٽراما/صدمي مان نڪري ھڪ نارمل زندگي گذاريندو، پر ڪيترن ڏينهن يا مھينن يا سالن ۾ سو نٿا چئي سگهون.”
جادل جو پيءُ ڊاڪٽرن جي ڳالهه ٻڌي روئي رهيو ھو. ڇاڪاڻ ته جادل سندس وڏو پٽ ھو ۽ اوڀر جي ملڪن ۾ خانداني سرشتو آمريڪا کان وڌيڪ مضبوط آهي، سو به سنڌ جي دريائي ڪچي جي علائقي جو خاندان. جادل جي پيءُ جي اکين مان ڳوڙھا لار ڪري وھي رهيا ھئا ۽ ھن پنهنجي پيشانيءَ تي ھلڪيون ٿڦڙون ھڻندي آھستي چيو، “منهنجو پٽ جادل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي گڏيل چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ ٽاپ نمبر کڻي اسسٽنٽ ڪمنشر ٿي چڪو آھي، پر ھو جوائن ڪرڻ جي بدران ھتي آءِ سي يو ۾ پيو آهي.” اکين جا ڳوڙها اگھندي چيائين، “ڀلا ھن جي قسمت مان ته نٿو ٺاهي سگهان نه.”
جادل جي پيءُ کي يو سي ڊيوس اسپتال جي دماغ جي وڏن ڊاڪٽرن ڊيوڊ برانڊمين ۽ ڊاڪٽر سرجئي اسٽاوسڪي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو. ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڊاڪٽرن جو واسطو نيورالنڪ، بليڪ راڪ، نيوراٽيڪ، پرسيشن نيوران سائنس ۽ ٻين ڪمپنين جون دماغ جي علاج واريون ڊوائيسز ۽ ايپليڪيشنز استعمال ڪري ڪنهن حادثي يا ڪنهن ٻئي طرح سان معذور ٿيل مريضن جي دماغ جا سگنل ڪمپيوٽر جي ذريعي پڙهي وٺندا ھئا تن مان ڊاڪٽر ڊيوڊ برانڊمين کيس چيو، “اسان جي اسپتال ۾ ھڪ جديد ڊوائيس آئي آهي، جنهن کي برين ڪمپيوٽر انٽرفيس ٿو سڏجي ان جي ذريعي دماغ نيورانس (تنتي جيوگھرڙن) جي ذريعي جيڪي سگنل ٻاهر ڪڍڻ ٿو چاهي سي پڙهي سگهجن ٿا ته مريض ڇا ٿو چوڻ چاهي، پر مريض جي دماغ ۾ مئسيج موڪلڻ واري ڪمپيوٽر ڊوائيس شروعاتي مرحلا ڪراس ڪرڻ کانپوءِ جلد اسپتال جي حوالي ٿيندي ته پوءِ ڪجهه جلدي علاج ممڪن ٿي ويندو، پر سڀ کان وڌيڪ طاقتور علاج “ول پاور” آهي جنهن جي ذريعي تنهنجو پٽ ھوش ۾ اچي جسم کي حرڪت ۾ آڻي سگهي ٿو.
“خرچ ڪجهه گهڻو ٿيندو، پر ھڪ رستو آهي ته توهان پنهنجي آمريڪن بيسڊ اين جي او کي عرض ڪيو ته اھا خرچ برداشت ڪري ته پوءِ برين ڪمپيوٽر انٽرفيس تي علاج شروع ڪري سگهجي ٿو.” ٻي ڊاڪٽر سرجئي اسٽاوسڪي چيو،
“منهنجي اين جي او جي وڏي آفيس نيويارڪ ۾ آهي جنهن جي مشوري تي مان سينفرانسسڪو جي ھن مشهور يو سي ڊيوس ھيلٿ سينٽر ۾ پنهنجي پٽ کي داخل ڪرايو آهي.” جادل جو پيءُ ھڪ ساھيءَ ۾ چئي ويو. “ٺيڪ آ…!!”
ڊاڪٽر ڊيوڊ برانڊمين جادل جي پيءُ کي چيو، “توهان فون ڪري انهن کي آگاھه ڪيو ته اسان برين ڪمپيوٽر انٽرفيس ڊوائيس جي ذريعي پنجن حواسن جا مئسيج دماغ ڏانهن کڻي ويندڙ ۽ ٻاھر ڪڍندڙ موٽر نيورانس جا سگنل پڙهي اوھان کي ٻڌائينداسين ته ھن وقت توهان جو پٽ ڇا ٿو چوڻ چاهي.”
جادل جي پيءُ پنهنجي اين جي او جي باس کي سڄي حقيقت کان آگاھه ڪيو ته باس کيس اجازت ڏيندي چيو، “مان پنهنجي اين جي او جي آفيس مان يو سي ڊيوس ھيلٿ سينٽر جي ڊائريڪٽر سان ڳالهائي سڄي پيمينٽ ڪري ڇڏيندس. ڇاڪاڻ ته اھا اسان جي ھيلٿ پاليسي آهي تنهنڪري توهان فڪر نه ڪريو.”
پيمينٽ ملندي ئي ڊاڪٽر ڊيوڊ برانڊمين ۽ ڊاڪٽر سرجئي اسٽاوسڪي پنهنجي ٽيم سان جادل جي دماغ جي سرجري ڪري دماغ جي اسڪيلپ (ٿلھي چمڙي) جنهن جي ھيٺان موٽر نيورانز سگنل موڪليندا آهن جن کي ڊوائيس جي اليڪٽروڊس ڪنيڪٽ ڪيو ته دماغ مان موٽر نيورانس (تنتي جيوگھرڙن ۾ موجود ڊينڊيرائيٽ ۽ ايگزان بجليءَ جي رفتار سان سگنل موڪلين ۽ حاصل ڪن ٿا) جن ميسيج خارج ڪرڻ شروع ڪيا سي حقيقت ۾ اليڪٽرو ڪيميڪل سگنلز جي ذريعي ٿي آيا ۽ اهي برين ڪمپيوٽر انٽرفيس ڊوائيس تي ظاهر ٿيڻ لڳا، پر جيئن ته جادل جي ٻولي سنڌي ھئي تنهنجي ڪري ڊاڪٽر ڊيوڊ برانڊمين ۽ ڊاڪٽر سرجئي اسٽاوسڪي ڪمپيوٽر تي اھي ميسيج گوگل ٽرانسليشن ۽ چيٽ جي پي ٽيءَ ڏانهن ٿي موڪليا جن انگلش ۾ ترجمو ٿي ڪيو، پر پروف ريڊنگ جي ٿورين غلطين سان. ڊاڪٽرن کي گوگل ٽرانسليشن بھتر ٿي لڳي جو کين خبر ھئي ته ڪڏهن ڪڏهن چيٽ جي پي ٽي پنهنجي طرفان به جملا لکي موڪليندي آهي.
ڊاڪٽر ڊيوڊ برانڊمين جادل جي پيءُ کي ٻڌايو، “جادل جي دماغ جي مختلف حصن مان جيڪي گڏيل صورت ۾ ميسيج نيورو ٽرانسميٽر (اليڪٽرو ڪيميڪل) جي ذريعي منتقل ٿيڻ شروع ٿيا آهن سي شايد ان وقت کان ٿورو اڳ جا آهن، جڏهن ھن جو ايڪسيڊنٽ ٿيو ھو.” ڊاڪٽر ڪجهه خاموش رهي ھڪ ميسيج جيڪو سنڌيءَ ۾ ھو تنهن کي گوگل ۽ چيٽ جي پي ٽيءَ مان انگلش ۾ ترجمي ڪرڻ جي ڪمانڊ ڏني ته ڪمپيوٽر تي لکجي آيو، “ثميره زرين…!!”
ڊاڪٽر ھڪدم جادل جي پيءُ کي نالو ڏيکاريو ته ھن ٻڌايس، “ھي ته ڇوڪريءَ جو نالو آهي.”
“ھن سان جلد رابطو ڪيو… جلدي..!!” ڊاڪٽر ڊيوڊ برانڊمين جادل جي پيءُ کي حڪم واري انداز ۾ چيو ته ھو پوليس کان مليل جادل جي موبائيل فون ۾ نالا نمبر ڳولهڻ لڳو.
برين ڪمپيوٽر انٽرفيس واري ڊوائيس ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ميسيجز جو ھڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. “منهنجي ثميره زرين سان پھرين ملاقات آرٽس فيڪلٽيءَ جي وڏي ليڪچر ھال ۾ ھڪ جھوني سنڌي دانشور ۽ سياستدان جي ليڪچر ٻڌڻ کانپوءِ ٿي، جڏهن مان ھن کان آخر ۾ سوال ڪيا ھئا.” “سر، اسان سڀ سنڌ جي سياست ۽ سماجي اشوز کان واقف آھيون، پر توهان اسان کي عالمي معاشي اسٽيج تي اڀرندڙ چين ۽ ھندستان جي پسمنظر ۾ سنڌ جا اشوز سمجھايو ھا نه. خاص طور تي سنڌ ۾ سي پيڪ جي پسمنظر ۾ ڌاٻيجي اسپيشل اڪانامڪ زون ٺھڻ کانپوءِ سنڌ ۾ جنهن رفتار سان ترقي ٿيندي تنهن جي پسمنظر ۾ سنڌ ھڪ صنعتي صوبي ۾ تبديل ٿي ويندو يا زرعي ئي رھندو؟” ڪجهه گھڙيون ساھ پٽيندي وري ٻيو سوال ڪيومانس، “جيڪڏهن گوادر پورٽ مڪمل طور تي فنڪشنل ٿي ويو ته پوءِ ڪياماڙي ۽ قاسم پورٽ جي ڪھڙي اھميت رھندي؟”
مون کي ياد آهي… جھوني سنڌي دانشور ۽ سياستدان منهن تي ڦڪي کل آڻيندي جواب ڏنو ھو، “پٽ، منهنجي ليڪچر جو اھو موضوع نه ھو.” ھال ۾ ويٺل سڀني شاگردن کان ھو موڪلائي جڏهن ھال جي ٻاھرين گيٽ تي پھتو ته جادل کي سڏ ڪندي چيائين، “توهان جا سوال منهنجي ليڪچر جو حصو نه ھئا.”
“سادا سوال آهن” مان جواب ڏيندي چيومانس، “سقراط کي زھر (ھيملاڪ) پيئارڻ جو سبب ڇا ھو؟”
“سادي نموني سان جواب ھي آهي ته سقراط نوجوانن کي سچ ڳالهائڻ جي ترغيب ڏيندو هو ۽ سوال ڪرڻ سيکاريندو هو ۽ ايٿنس جي ديوتائن کي نه مڃڻ سندس جرم بڻجي ويو جنهن جي ڪري حڪمرانن سقراط جي مٿان 399 ق. م ۾ مقدمو هلائي زھر (ھيملاڪ) پيئارڻ جو فيصلو ڏنو.” ثميره زرين مون کي جواب ڏنو ھو ته سندس سھيلي به اچي پھتي ۽ بيرو به چانھه ۽ سمبوسا کڻي آيو ھو.
“سقراط پنهنجي نوجوان پوئلڳن/شاگردن کي سچ ڳالهائڻ، سوال ڪرڻ ۽ ايٿنس جي ديوتائن کي نه مڃڻ يا کڻي ھيئن چئجي ته ان دور جي مذهبي رسمن جي خلاف بغاوت جو ٻج ٿي ڇٽيو ته پوءِ سقراط ظالم حڪمرانن جي خلاف ھٿياربند بغاوت ڇو نه ڪئي.” مان ثميره زرين کان اھڙو سوال ڪيو جنهن جي ھن کي توقع نه ھئي.
“ڏسو نه سقراط قانون جو سخت پابند ھو جنهن جي ڪري ھن بغاوت نه ڪئي” پر ثميره زرين سمبوسو کائي چانھه جو ڍڪ ڀريندي ٻڌايو ھو، “ھن سوال ۾ ئي سقراط جي شخصيت ۽ فلسفي جو وڏو تضاد ۽ حسن لڪيل آهي.”
“ڪيئن ڀلا؟” مان پڇيم.
“جادل تنهنجي سوال ۾ فقط ٻه لفظ آهن، پر ان جو جواب ٿورو وڏو ۽ سمجھڻ جوڳو آهي.” ثميره زرين منهنجي اڻ تڻ واري ڪيفيت کي سمجهندي جواب ڏنو ھو، “ڏسو، سقراط چوندو هو ته قانون ۽ حڪمران ٻه الڳ شيون آهن. حڪمران غلطيون ڪري سگهن ٿا، پر قانون شهر جي گڏيل سماجي معاهدي جو نتيجو آهي. سقراط پنهنجي دوست کي مثال ڏئي سمجھائي ٿو ته قانون ڄڻ ته منهنجي والدين وانگر آهي. مان انهن کان زندگي، تعليم ۽ تحفظ ورتو آهي. ڇا مان هاڻي انهن کي ٽوڙي سگهان ٿو؟” ڪجهه گھڙيون ترسڻ کانپوءِ ثميره چانھه جو ڍڪ ڀريندي وري چيو ھو، “عام ماڻهو کي ڀلي سزا ناجائز لڳي، پر سقراط زھر جو پيالو قبول ڪري سمجهيو ته اھا ھن جي اخلاقي فتح هئي ته ھو موت کان نٿو ڊڄي.”
“دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن پوءِ اھي مذھبي ھجن يا وري ڊيموڪريٽڪ، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ انقلاب ھجن تن سڀني ظالم حڪمرانن جي قانون/آئين کي نه مڃيندي بغاوت ڪئي ۽ پوءِ ظالم حڪمرانن جي قانون/آئين کي ٽوڙي پنهنجو ھڪ عدل ۽ انصاف ڀريو معاشي نظام ڏنو” چانھ جو ڍڪ ڀريندي مان ثميره زرين کان پڇيو جيڪا سمبوسو کائي مٿان چانھه پي رهي هئي، “سقراط جو طريقو دنيا جي انقلابين کان مختلف ڇو ھو؟”
“تنهنجو سوال ٽيڪنيڪلي ڏکيو ضرور آهي، پر پوءِ به مان توهان کي ٻڌايان ٿي ته سقراط جو ڌيان هميشه فرد جي روح، اخلاقي سڌاري ۽ علم جي ڳولها تي رهيو. سقراط پاڻ چيو ھو ته جيڪڏهن مان سچ پچ سياست ۾ داخل ٿيان ها ته گهڻو وقت اڳ مون کي ختم ڪيو وڃي ھا” چانھه جو آخري ڍڪ ڀريندي ثميره زرين چيو ھو، “جادل سقراط سياست ۾ سڌي ريت داخل ٿيڻ کان پاسو ڪندو هو.”
“ڪٿي ائين ته نه هو” مان چانھه جو آخري ڍڪ ڀريندي بيري کي ٻي چانھه کڻي اچڻ جي لاءِ چيو، “سقراط 30 ظالمن جي ٽولي کان ته نه ڊڄي ويو جن عوام تي سخت ظلم ڪيا ھئا؟”
“ڏس جادل، جيڪڏهن سقراط کي 30 ظالمن کان خوف ٿئي ته ھو ھيملاڪ پيئڻ جي بدران ظالم حڪمرانن سان ڪمپرومائيز ڪري پنهنجو سر بچائي ھا، پر حقيقت ھيءَ آهي ته سقراط عوام مان ظالم حڪمرانن جو خوف ختم ڪرڻ جي لاءِ فلسفي جو سھارو وٺي نوجوانن ۾ سوال ڪرڻ جو روح ڦوڪيو ۽ ھن جي تبليغ ايترو ته گهرو اثر ڏيکاريو جو سقراط جي ھيملاڪ پيئڻ کانپوءِ به ھن جي پوئلڳن ۾ خوف نه ھو.” ثميره زرين مون کي تفصيلي ٻڌايو ھيو.
“ڏسو، سقراط جي وقت ۾ 30 ظالمن جي ڪري ايترو ته خوف ھو جو ھن پھريان اڪيلي اڪيلي فرد کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سقراط جي زھر پيئڻ کانپوءِ خوف ۾ ورتل ڪراڙا مرڻ لڳا ته نوجوان جن ۾ سقراط شعور کي جاڳائي چڪو ھو سي سماجي طور تي مضبوط ٿيڻ لڳا، جنهن جي ڪري افلاطون جو رخ سياست ڏانهن ٿيو تنهنڪري ھن فلاسافر بادشاهه ۽ يوٽوپيائي رياست جو تصور ڏئي عوام کي ھڪ سياسي دڳ ڏيکاريو.” ثميره زرين سقراط ۽ افلاطون جي دور جي ڀيٽ ڪندي ٻڌايو.
“ڀلا،” چانھه جو ڍڪ ڀريندي مان ثميره زرين کان پڇيو، “افلاطون جڏهن آئيڊيلزم جو نظريو ڏنو ته سندس شاگرد ارسطو ھن جي رد ۾ ريئلزم جو نظريو ڏنو سو ڇو؟” اوچتو مون کي، ثميره زرين ۽ سندس سھيليءَ کي پنهنجي پنهنجي ڪلاس فيلوز سڏ ڪيو ته ثميره زرين مون کي چيو ھو، “ان سوال جو جواب سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن ڪنهن فري ڪلاس ۾ ڏيندس.”
مون کي ياد ٿو اچي ته ٽي ڏينهن لاڳيتو ڪلاسن ۾ مصروف رھڻ کانپوءِ جمعي واري ڏينهن تي ٻه ڪلاس فري ھجڻ جي ڪري ثميره زرين پنهنجي سھيليءَ سان گڏ فيڪلٽيءَ جي پارڪ ۾ پھتي ته مان به پريان بيري کي چانھه ۽ سمبوسا چئي کين سلام ڪري ويھڻ جو چيو ھو.
پارڪ ۾ ويھندي ئي ثميره زرين مون کي چيو ھو، “ان ڏينهن توهان سوال ڪيو ھو تنهن جو جواب ۾ مان چيو ھيم ته سقراط پنهنجي تبليغ جي ذريعي اٿينس جي نوجوانن مان خوف ڪڍي ڇڏيو ھو جنهن جي ڪري ماحول تبديل ٿي ويو ھو ۽ افلاطون فلاسفر ڪنگ ۽ يوٽوپيائي رياست جو تصور ڏنو ته ساڳيءَ طرح سان ارسطوءَ جي دور ۾ اٿينس 30 ظالمن کان آزاد ٿي چڪي ھئي ۽ ٻيو ته ارسطو افلاطون جي نظريي کي مڪمل طور تي نه رد ڪيو، پر هن جي آئيڊيلزم واري نظريي کي زميني حقيقتن ۽ تجربن سان فقط صورتن/تصورن جي مخالفت ڪئي.”
ايتري ۾ چانھه ۽ سمبوسا به اچي ويا ته جيتوڻيڪ، منهنجي ذھن ۾ ٻيا به اختلافي سوال ھئا، پر مان ثميره زرين کان ھڪ آخري سوال ڪيم، “ارسطو افلاطون جي يوٽوپيائي رياست جي مخالفت ۾ 50 کان مٿي ننڍين وڏين رياستن جا آئين گهرائي يوٽوپيائي رياست کي رد ڪيو سو ڇو؟”
“بس جن نقطن مون کي پريشان پئي ڪيو سي توهان جي آڏو رکيم.” مان به چانھه جو ڍڪ ڀريندي چيو ھو.
“ارسطو عملي فلاسافر هو تنهنڪري هن افلاطون جي يوٽوپيائي رياست کي انساني فطرت جي خلاف سمجهيو ٿي.” “حقيقت ۾ ارسطو تقريبن 150 ننڍين وڏين رياستن جا آئين گڏ ڪري تجزيو ڪيو ۽ آخر ۾ نتيجو ڪڍيو ته ھڪ بهترين رياست اها آهي جيڪا ماڻهن جي فطرت مطابق هجي نه ڪي يوٽوپيائي ھجي.”
“ڪٿي ائين ته نه آهي ته ارسطو افلاطون جي فلاسفر ڪنگ ۽ يوٽوپيائي رياست کي سمجهي ئي نه سگهيو ھو.” مون وري هڪ ٻيو سوال ڪيو،
“توهان به وڏا شرارتي آھيو.” ثميره زرين جي سهيلي ٽهڪ ڏيندي چيو، “فلسفو ۽ شرارت ڪڏهن به گڏ نٿا ھلي سگهن.”
“چڱو جادل.” ھنن جي ڪلاس جو وقت ٿي ويو ۽ ھو موڪلائي ڊپارٽمينٽ ڏانهن ھليون ويون.
جادل جي پيءُ ڊاڪٽر کي ٻڌايو، “ڊاڪٽر، ڏاڍي مشڪل سان ثميره زرين کي ٽريس ڪري واٽس ايپ تي جادل سان ڳالهائڻ جي لاءِ منٿون ڪيون اٿم جو ھوءَ تمام گهڻي ڏک ۾ ھئي ۽ جادل کي آءِ سي يو وارڊ ۾ ڏسڻ ھن جي برداشت کان ٻاهر ھو.”
“تنهنجي پٽ ۾ ول پاور حد کان وڌيڪ آهي ۽ ٻيو ته ھن فلسفي جا اھڙا سوال ڪيا ۽ جواب حاصل ڪيا آهن جيڪي خاص ماڻهن کي به گهٽ ايندا آهن، ڊاڪٽر ڊيوڊ برانڊمين چيو، “جادل کي بچائڻ منهنجي لاءِ انتھائي ضروري آهي ڇو ته ھو ھڪ اسڪالر ٿو لڳي.” ڊاڪٽر ڊيوڊ برانڊمين پنهنجي ساٿي ڊاڪٽر سرجئي اسٽاوسڪي ۽ ٽيم جي اجازت کانپوءِ چيو، “مون کي موبائيل ڏي ته جادل جي سامهون رکان.”