نيوزلينڊ جي ٻن مسجدن ۾ فائرنگ مرندڙن جو تعداد 40 ٿي ويو

نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 40 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. فائرنگ ڪندڙ شخص جو نالو برينٽن ٽيرنٽ ٻڌايو ويو آهي، جنهن کي واقعي مهل فوجي وردي پهريل هئي. ٻئي طرف موقعي تي موجود بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم حملي ۾ بچي وئي آهي. حملي ڪندڙ بابت چيو پيو وڃي ته اهو هڪ آسٽريلوي شهري آهي. نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊر چيو آهي ته هي حملو منصوبي تحت ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪل 5 ڄڻا شامل هئا ۽ سڀني حملي آورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ عورت به شامل آهي. واقعي بعد ڪرائسٽ چرچ جون ٻيون مسجدون ۽ چرچ بند ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سرڪار پاران عوام کي متاثرا مسجدن کان پري رهڻ جو چيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *