ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي لاءِ گرمي جي لهرلاءِ الرٽ جاري
موسميات واري کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ايندڙ هفتي تيز گرمي پوڻ جو امڪان آهي. پهرين کان 3 مئي تائين ڏينهن جي وقت ۾ گرمي پد 40 کان 42 ڊگري سيلسيئس تائين وڌي ويندو. موسميات واري کاتي جو چوڻ آهي ته گرمي جي لهر جي دوران سامونڊي هوائون معطل رهندوين. جڏهن ته شهر ۽ آس پاس جي علائقي ۾ سامونڊي هوائن جي بجاءِ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر واريون گرم ۽ خشڪ هوائون هلي سگهن ٿيون. جناح اسپتال جي ڊاڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ آهي ته ڏينهن جي وقت خاص ڪري 11 بجي کان شام 4 بجي تائين گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ماڻهن کي ضروري ڪم سان نڪرڻو به هجي ته مٿي تي آلي ڪپڙي جو استعمال ڪرڻ گهرجي. گرمي ۾ هلڪن ڪپڙن جو استعمال ۽ جسم کي آلو رکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته گرمي جي لهر لاءِ ايندڙمريضن جي سار سنڀال لاءِ اسپتال ۾ 50 بسترن تي ٻڌل هڪ خصوصي وارڊ قائم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ٿڌ لاءِ خاص چلر لڳايو ويو آهي. ان کان علاوه اسپتال ۾ ايمرجنسي جا 150 بسترا اڳ ۾ ئي موجود آهن.

