خاصنئون

سيڪيورٽي خدشن سبب سڄي ملڪ ۾ پوليو مهم معطل

پوليو جي خاتمي واري پروگرام کي چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ادارن کي پوليو مهم معطل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهي. خبرن موجب پوليو مهم کي گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور ۾ پيش ايندڙ واقعي جي ڪري معطل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڪجه ڏينهن اڳ پشاور ۾ پوليو مهم دوران قطرا پيئارڻ سبب مبينا طور تي ڪجهه ٻارن جي طبيعت خراب ٿي وئي هئي. جنهن بعد مشتعل ماڻهن بنيادي صحت مرڪز کي ساڙي ڇڏيو هجيو. جنهن بعد ڪوئٽا، لاهور ۽ خيبر پختو نخوا جي مختلف علائقن ۾ پوليو ورڪرن تي ٿيندڙ حملن ۾ پوليس اهلڪار ۽ پوليو ورڪر فوت ٿي ويا هيا.