خبردار، ڪورونا وائرس وبا جلد ئي ٻيھر شديد ٿي سگھي ٿي، صحت وارو عالمي ادارو.

صحت واري عالمي اداري ڊبليو ايڇ او خبردار ڪيو آھي ته جيڪڏھن احتياط نه ڪئي وئي ته ڪورونا وائرس وبا ھڪ دفعو ٻيھر شدت اختيار ڪري سگھي ٿي ۽ ان کان متاثر ٿيڻ وارن ماڻھن ۾ به تيزي سان اضافي جو خدشو آھي. ڊبليو ايڇ او پاران ھي تنبيھ ھڪ اھڙي وقت ۾ ڪئي وئي آھي جڏھن آمريڪا ۽ مختلف يورپي ملڪ لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ يا مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اشارو ڏئي چڪا آھن. سڄي دنيا جي حڪومتن کي مشورو ڏيندي ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آھي ته ڪورونا وائرس وبا کي قابو ۾ رکڻ لاءِ نگراني، ٽيسٽنگ ۽ ٽريڪنگ سان لاڳاپيل عملن ۾ اضافو ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي

 

 

 

 

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments