خاص

پائلٽن جي عالمي تنظيم جھاز حادثي جي تحقيق لاءِ خدمتون پيش ڪري ڇڏيون.

انٽرنيشنل فيڊريشن ايئرلائن پائلٽ ايسوسيئيشن تحقيقي ٽيم جي سربراھ کي خط لکيو آھي، جنھن ۾ ڪراچي ۾ ڪري تباھ ٿيڻ واري پي آءِ اي جھاز جي تحقيق لاءِ خدمتون پيش ڪيون ويون آھن. ايسوسيئيشن جي صدر جو چوڻ آھي ته ھو پي آءِ اي جھاز حادثي جي تحقيق ۾ ايڪسپرٽ طور شامل ٿيڻ چاھي ٿو. ذريعن جو چوڻ آھي ته پي آءِ اي جھاز حادثي جي تحقيق جو عمل جاري آھي. تحقيقي ٽيم حادثي واري جڳھ تي مختلف طريقن سان تحقيق ڪري رھي آھي. پي آءِ اي جي سيفٽي ٽيم جو سربراھ ڪيپٽن عامر آفتاب به ٽيم سان گڏ حادثي واري جاءِ تي موجود آھي. تحقيقي ٽيم پاران تباھ ٿيل جھاز جو وائس ڊيٽا ريڪارڊر ڳوليو پيو وڃي. ايئر بس 320 جھاز جو بليڪ باڪس شروع ۾ ئي ملي ويو ھو. بليڪ باڪس ۽ وائس ڊيٽا ريڪارڊر فرانسيسي ٽيم پاڻ سان گڏ ڊي ڪوڊ ڪرڻ لاءِ کڻي ويندي. ايئر بس ٺاھڻ واري ڪمپني جي فرانسيسي ماھرن جي 11 رڪني ٽيم خصوصي جھاز اي آءِ بي 1888 ڪراچي پھچي وئي آھي. ٽيم جا ماھر حادثي واري جڳھ جو دورو ڪندا ۽ پاڪستاني تحقيقي ٽيم کي ٽيڪنيڪل مدد فراھم ڪندا. فرانسيسي ماھرن جي ٽيم 16 ڪلاڪن ۾ پنھنجي تحقيق ڪري اڄ رات 10 وڳي واپسي ڪندي ۽ پاڻ سان گڏ جھاز جو بليڪ باڪس کڻي ويندي، جنھن سان حادثي جي تحقيق ۾ وڌيڪ اھم ثبوت ملندا