سنڌ ۾ ماڪڙ آبادگارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون.

سنڌ ۾ ماڪڙ آبادگارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون، عيد جو ٻيو ڏينھن به سک سان ملھائي نه سگھيا. ڪنڌڪوٽ، بخشاپور ۽ نارو سميت مختلف شھرن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ لٿل، فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيو. ماڪڙ انبن جي باغ ۽ ڪمند جي فصل کي نقصان پھچائڻ لڳي. ماڪڙ حملي جي ڪري فوڊ سيڪيورٽي خدشو وڌي ويو. آبادگارن پاران حڪومت کان فوري طور اسپري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي. زراعت کاتي ايندڙ مھيني وڌيڪ ماڪڙ حملي جو خطرو ظاھر ڪري ڇڏيو آھي. وفاق پاران ڏنل جھاز ايئرپورٽ تي بيٺل آھي، پائلٽ نه ھجڻ سبب فضائي آپريشن نه ٿي سگھيو. زراعت کاتي جي ترجمان چيو آھي ته ماڪڙ مٽياري، سانگھڙ، دادو ۽ ڄامشورو ضلعن ڏانھن وڃي رھي آھي. ماڪڙ جنھن ھنڌ ٻچا ڏي، اتي اسپري ڪري ان کي ختم ڪري سگھجي ٿو. 98 ٽيمون ۽ 25 گاڏيون آپريشن ڪري رھيون آھن
