سنڌ ۾ سرڪاري آفيسون، ريسٽورينٽ، شاپنگ مال ۽ بسون بند ڪرڻ جو اعلان

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ 172 ٿي ويو. سرڪاري آفيسون، کاڌي پيتي واريون هوٽلون، شاپنگ مال، فوڊ اسٽريٽس ۽ شهرن کان ٻاهر ويندڙ بسون 15 ڏينهن تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسپتالن ۾ او پي ڊيز به بند رهنديون، ڪريانه اسٽور بند نه ٿيندا، ان حوالي سان ڪورونا وائرس بابت وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽريز، ڪور فائيو، ايئرپورٽس، اٿارٽيز، ڊبليو ايڇ او ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا وائرس سماجي تعلقات جي ڪري پکڙجي رهيو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ سمورا شاپنگ مال، کاڌي واريون هوٽلون، ريسٽورينٽ، ڪراچي جو سمنڊ ڪنارو، پارڪ ۽ ڪراچي اليڪٽرانڪ مارڪيٽ اڄ کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ بند ڪيا ويندا. جڏهن ته ريزڪي دڪان، کير، مڇي، گوشت ۽ ڀاڄين جا دڪان کليل رهندا. ضرورت مطابق اهي 24 ڪلاڪ به کليل رکي سگهجن ٿا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته فقط صحت، لوڪل گورنمينٽ ۽ واٽر بورڊ کانسواءِ سموريون سرڪاري آفيسون خميس کان بند ڪيون وينديون. انٽر سٽي بس سروس به خميس کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. مختلف شهرن ۾ موجود مسافرن کي ٻه ڏينهن ڏنا ويا آهن ته اهي پنهنجن شهرن تائين پهچي وڃن. جنهن کانپوءِ سمورن روٽس تي مسافر بسون بند ڪيون وينديون