نئوننيو‍‍ز

افغانستان ۾ امن لاءِ ڳالهيون، مسقط ۾ چار قومي گڏجاڻي

اڄ سومر 16 آڪٽوبر تي هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ افغانستان ۾ امن جي لاءِ ڳالهين تي چئن قومن جو هڪ گروپ گڏجاڻي ڪري رهيو آهي جنهن ۾ پاڪستان، آمريڪا، چين ۽ افغانستان شامل آهن. اهو گروپ افغانستان ۾ امن لاءِ ڳالهين ذريعي امن جي ڪوششن کي تيز ڪندو. پاڪستان جي ڊيليگيشن جي نمائندگي فارين سيڪريٽري تهمينه جنجوعه ڪري رهي آهي جيڪا هن وقت عُمان ۾ موجود آهي ۽ ساڻس گڏ ملٽريءَ جا سينئر آفيشلز پڻ موجود هوندا. جڏهن ته آمريڪا جي ڊيليگيشن جي نمائندگي ايلس ويلز ڪندي جيڪا آمريڪا جي اسٽيٽ اسسٽنٽ سيڪريٽري آهي. هي فورم چئني ملڪن کي اها اجازت ڏئي ٿو ته “هو جيڪي امن لاءِ قدم کڻن ٿا ۽ انهيءَ جهيڙي کي ڳالهه ٻولهه ذريعي سياسي مصالحت سان حل ڪيو وڃي انهيءَ عمل کي جاچي سگهن” خواجه آصف پنهنجي ٽن ڏينهن واري آمريڪي دوري دوران ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هاڻي انهن ڳالهين جو عمل تيز ٿيڻ گهرجي.