نئوننيو‍‍ز

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو سنڌ جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ زور

حيدرآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ پاران ٿيل هڪ ڪانفرنس ۾ مقررين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هن وقت سنڌ کي صوفي ازم جي نعرن جي نه بلڪه بنيادي مسئلن تي زور ڏيڻ جي ضرورت آهي. سڀني ڌرين کي گڏجي حقيقت کي سمجهڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه جو احساس پيدا ڪرڻ گهرجي ته دنيا ۾ ڇا وهي واپري رهيو آهي ۽ سنڌ جا بنيادي مسئلا ڪهڙا آهن ۽ انهن مسئلن تي گڏجي آواز بلند ڪرڻ گهرجي. پارٽيءَ جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ڪانفرنس جي صدارت ڪندي چيو ته سنڌ کي هينئر جيڪي چئلينجز اڳيان آهن تن ۾ اسان جي جاگرافيائي حدن جو تحفظ، سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جو مسئلو جيڪو اسان جي جياپي جو آڌار آهي، آباديءَ ۾ اسان جي صحيح ڳڻپ، حقِ حڪمراني ۽ سنڌي ٻوليءَ جو تحفظ ۽ ترويج شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجن وسيلن جي مالڪي ڪرڻي پوندي ۽ وفاق جو حصو هجڻ جي حيثيت سان هر فيصلي ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪراچيءَ کي گاديءَ جو هنڌ ٺاهي سنڌ جي اتحاد کي وڏو هاڃو رسايو ويو ۽ ون يونٽ ٺاهي صوبن جي جاگرافيائي حدن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وئي. سنڌي ٻوليءَ کي نقصان رسايو ويو. سنڌ کي ورهائڻ لاءِ سنڌ مخالف قوتن هميشه وڏا وس ڪيا آهن. هن سنڌ جي سڄاڻ ۽ سنڌ دوست ليکڪن جي ساراهه ڪندي چيو ته انهن پنهنجي قلم سان هميشه اهڙين قوتن خلاف آواز بلند ڪيو آهي.