ايڊيٽوريلنئون

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي دهشتگرد گروهن کان هٿيار واپس وٺڻ جي گهر

            4 اپريل 2025 تي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي اجلاس ۾ آريا فارمولا ميٽنگ گهرائي وئي، جنهن ۾ پاڪستان ڪالعدم ٽي ٽي پي سميت دهشتگرد گروهن، نام نهاد بلوچ لبريشن آرمي ۽ مجيد برگيڊ جي ذريعي جديد خطرناڪ ۽ غير قانوني هٿيارن جي حاصل ڪرڻ ۽ انهن جي استعمال تي تمام گهڻي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن وقت پاڪستان ۾ افغانستان کان دهشتگردي پنهنجي عروج تي ٿي رهي آهي. ڇو ته جڏهن کان وٺي طالبان حڪومت آئي آهي ان ڏينهن کان وٺي ٽي ٽي پي پاڪستان آرمي ۽ ٻين عام ماڻهن ۽ ادارن تي حملا ڪري پاڪستان جي اندر امن امان جو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، جنهن ۾يقينن سڀ کان وڏو سبب پاڪستان ۾ چين کان ايندڙ سرمائيڪاري هڪ وڏو سبب آهي.

            گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ هڪ اهڙي ميٽنگ گهرائي ويندي آهي جنهن ۾ يونائيٽيڊ نيشن جو ڪوبه ميمبر ملڪ پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ سيڪيورٽي جي خدشن تحت پنهنجي پٺڀرائي ڪندڙ ملڪن کي گهرائي انهن سان هڪ گڏجاڻي يا سيشن رکي سگهي ٿو، جنهن تحت هڪ ميٽنگ گهرائي وئي ۽ پاڪستان کي موجوده خطرن بابت بحث ڪيو ويو. آريا فارمولا ميٽنگ هڪ انفارمل ميٽنگ هوندي آهي، جنهن جي اجلاس ۾ پاڪستاني مشن جي قونصلر سيد عاطف رضا ڳالهائيندي پنهنجو موقف پيش ڪيو ته هن وقت افغانستان مان دهشتگرد گروهه اهو اسلحو استعمال ڪري رهيا آهن جيڪو آمريڪا اتي ڇڏيو هو، جيڪو اربين ڊالرن جي ماليت جو آهي. نه صرف اهو تمام گهڻو مهانگو آهي بلڪه جديد اسلحو آهي جيڪو رياست پاڪستان ۽ پاڪستان جي دفاعي ادارن جي خلاف استعمال ٿي رهيو آهي، جنهن جي ذميدار يقينن افغانستان جي طالبان حڪومت آهي. هن اهو به چيو ته انهن دهشتگردن کي جيڪي پاڪستان جي خلاف دهشتگرديءَ واريون ڪارروايون ڪري رهيا آهن انهن کي ٻين ٻاهرين ملڪن کان به مالي امداد ملي رهي آهي.

            سيد عاطف رضا هن فورم تي پنهنجي اها گهر رکي ته افغانستان ۾ آمريڪا جو ڇڏيل جيڪو به اسلحو آهي ان کي طالبان کان واپس ورتو وڃي ته جيئن اهو مخالف ملڪن جي خلاف جيئن پاڪستان جي خلاف استعمال ٿي رهيو آهي نه ٿي سگهي. هن وڌيڪ گهر ڪندي چيو ته دهشتگردن کي اهڙن هٿيارن تائين رسائي ڏيڻ کان روڪيو وڃي ۽ غير قانوني هٿيارن جي بليڪ مارڪيٽ کي پڻ بند ڪيو وڃي. ڇو ته هن وقت اهي ڇڏيل هٿيار نه صرف پاڪستان جي خلاف استعمال ٿي رهيا آهن، بلڪه بليڪ مارڪيٽ ۾ به وڪرو ٿي رهيا آهن، جنهن کي مختلف دهشتگرد تنظيمون خريد ڪري دنيا ۾ امن امان کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن. هن وقت پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو سبب آمريڪا جو ڇڏيل اهو اسلحو آهي جيڪو آمريڪا 2021ع ۾ افغانستان مان نڪرڻ وقت اتي ڇڏيو. بدقسمتيءَ سان اهو اسلحو طالبان جي ور چڙهي ويو ۽ ان جي وڏي حصي تي انهن قبضو ڪري ورتو. آمريڪا جي ڊفينس اداري جي دعويٰ مطابق جيڪو 2022ع ۾ هڪ رپورٽ ۾ ڪيو ويو ته اهو اسلحو لڳ ڀڳ 7 ارب ڊالرن جو آهي، جنهن ۾ 70 هوائي جهاز، 1000 مليٽري جون گاڏيون، هزارين ٻيا هٿيار ۽ رائيفلون رات جو اونداهي ۾ ڏسڻ وارا چشمه ۽ ان کان علاوه رابطي جا ٻيا ڪيترائي اوزار هن وقت طالبان جي قبضي ۾ آهن، جيڪي بدقسمتي سان ٽي ٽي پي جي هٿ ور چڙهيل آهن.

            هن وقت پاڪستان ۾ تمام گهڻي امن امان جي ڳنڀير صورتحال موجود آهي، جنهن ۾ هڪ پاسي ٽي ٽي پي وارن کي آمريڪا جو ڇڏيل اسلحو هٿ ور چڙهيل آهي جيڪو اهو پاڪستان جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي بلوچ لبريشن آرمي جيڪا پڻ پاڪستان جي آرميءَ جي خلاف مختلف وقتن تي حملا ڪري پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ هڪ غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي آهي ۽ پاڪستان ۾ معاشي بحران واري صورتحال پيدا ٿيل آهي. جڏهن ته آمريڪا جي اها دعويٰ آهي ته انهن تمام وڏي مقدار ۾ پنهنجي آمريڪي اسلحي کي استعمال جوڳو نه ڇڏيو هو، پر ان هوندي به جيترو اسلحو دهشتگردن جي ور چڙهيل آهي اهو هن وقت رياست پاڪستان جي خلاف استعمال ٿي رهيو آهي، جنهن جي خبر سڄي دنيا کي آهي.