خاصنئون

 شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل

شهباز شريف جو نالو وفاقي داخلا وارِي وزارت پاران اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. خبرن موجب چيو پيو وڃي ته هي معاملو وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ غور هيٺ نه آيو هيو. جڏهن ته وفاقي داخلا واري وزارت هڪ سرڪيولر ذريعي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وزارت داخلا جي سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ هو ملڪ کان ٻاهر سفر نه ٿو ڪري سگهي. اهڙو سرڪيولر سڄي ملڪ جي هوائي اڏن تي به موڪليو ويوآهي. ياد رهي ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست نيب ڪئي هئي . جيڪا ليگي اڳواڻ خلاف ڪرپشن ڪيس جي  تحقيقات ڪري رهي آهي.