ڪراچي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سان 5 ٻار فوت
ڪوئٽا کان ڪراچي ايندڙ خاندان جا 5 ٻار زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ٻارن جا والدين خراب حالت ۾ اسپتال ۾ داخل آهن. پوليس مطابق فيملي صدر جي علائقي پاسپورٽ آفيس ويجهو نوبهارريسٽورنٽ تان برياني کاڌي هئي. پنجن ئي ٻارن کي نيشنل اسٽيڊيم ويجهو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ملير مطابق فيصل نامي شخص پنهنجي خاندان سان گڏ خميس رات ڪوئٽا کان ڪراچي آيو هيو. پوليس مطابق فوت ٿيندڙ ٻارن ۾ ڏيڍ سالن جو عبدالعلي، 4 سالن جو عزيز فيصل، 6 سالن جي عاليا ، 7 سالن جو توحيد ۽ 9 سالن جي صلويٰ شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه واقعي جو نوٽيس وٺندي فوڊ اٿارٽي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ياد رهي ته ان کان پهرين ٻه معصوم ٻارڙا جن جو تعلق لاهور سان هيو. ڪراچي جي هڪ ريسٽورنٽ مان کاڌي کائڻ کانپوءِ فوت ٿي ويا هيا.هن موقعي تي پيپلز پارٽِي جي اڳواڻ شهلا رضا هڪ کل جوڳو بيان ڏيندي چيو آهي ته فوڊ اٿارٽي ڪهڙي ڪهڙي جاءِ تي پهچي ماڻهن کي خود ان ڳاله جو خيال رکڻ گهرجي ته هو ڇا کائين ۽ ڇا نه کائين.