خاصنئون

جماعت الدعوه ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن ڪالعدم قرار

وزير اعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي  ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ٽنهي فوجن جي اڳواڻن، ڊي جي آءِ ايس آءِ، خزاني وارو وزير، دفاع وارو وزير ۽ پرڏيهي وزير شريڪ ٿيا.قومي سلامتي ڪميٽي، وزارت داخلا کي هدايت جاري ڪئي آهي ته اها جماعت الدعوه ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي، ان جا اثاثا منجمد ڪري ڇڏي. جنهن بعد  دفاع واري وزارت ٻنهي جماعتن تي پابندي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا.نوٽيفڪيشن مطابق ٻنهي جماعتن جي هر قسم جي سرگرمي تي پابندي مڙهي وئي آهي. گڏوگڏ ٻنهي جماعتن جي بينڪ اڪائونٽن ۽ اثاثن کي به منجمد ڪيو ويو آهي.