خاصنئون

وفاقي حڪومت قبرن تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

عوام تي ڳرا ٽيڪس لڳائڻ کانپوءِ حڪومت هاڻي قبرستانن تي به ٽيڪس لڳائڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي. تفصيلن موجب لاهور جي ميٽروپولٽن ڪارپوريشن پاران لوڪل گورنمينٽ کي هڪ درخواست موڪلي وئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اها اهڙين سڀني قبرن تي ٽيڪس لڳائي جيڪي ان جي ضابطي هيٺ اچن ٿيون. خبرن موجب ان قسم جي ٽيڪس ذريعي جمع ٿيندڙ رقم  قبرستانن جي سار سنڀال لاءِ استعمال ڪئي ويندي. تفصيلن موجب ٻارن جي قبرن تي 100 رپيا جڏهن ته بالغن جي قبرن تي 1500 رپيا ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. هن قسم جا ٽيڪس لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي ويندي جيڪا هن قسم جو ٽيڪس جمع ڪندي.