شاهد خاقان عباسي نيب هٿان گرفتار
قومي احتساب بيورو اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شاهد خاقان عباسي لاهور ٽول پلازه وٽان گذري رهيو هيو جڏهن هن کي پوليس روڪيو ۽ اتي موجود نيب جي ٽيم هن کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف ن ليگ به شاهد خاقان عباسي جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي. واضح رهي ته نيب اڄ شاهد خاقان عباسي کي ايل اين جي ٽرمينل جو ٺيڪو مخصوص ڪمپني کي ڏيڻ تي تحقيق لاءِ طلب ڪري ورتو هو، جڏهن ته هو ذاتي مصروفيتن جي سبب نيب آفيس ۾ پيش نه ٿي سگهيو هو.