چندي ذريعي ڏنڊ جي ادائگي بعد 300 قيدي رها
چندو جمع ڪندڙ ادارن پاران لکين رپيا جمع ڪري 300 غريب قيدين کي جيلن مان آزادي ڏياري وئي آهي. هي 300 قيدي اهي هئا جيڪي پنهنجو قيد ڪاٽي چڪا هئا پر سزا ۾ ٻڌايل ڏنڊ کي ڀرڻ جي سگهه نه رکڻ سبب اهي اڃان به قيد ۾ هئا. عدالت پاران ٻڌايل ڏنڊ ۾ ديت، دمن ۽ ارش ۽ ٻين قسمن جا ڏنڊ شامل آهن. ياد رهي ته هنن قيدين مان 37 اهڙا به آهن جن جا ڏنڊ حڪومت ادا ڪيا آهن.

