بلاگنئون

ٻالڪ ادب جي ليکڪ عبدالحئي ڀٽو سان ڳالهه ٻولهه

عبدالحئي ڀٽو مولوي محمود ڀٽو جي گهر ۾ 2 آگسٽ 1975ع تي ماٿيلو مومل جي ماڙي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. ڪرت طور پاڻ درس و تدريس جي شعبي سان سلهاڙيل آهي، هڪ محنتي استاد کانسواءِ سندس سڃاڻپ هڪ شاعر، نثر نگار، سگهڙ، مقرر ۽ سماجي اڳواڻ جي آهي. ٻارن جي ادب جي واڌاري لاءِ هن جاکوڙي اديب جون ڪوششون مڃڻ جوڳيون آهن. ٻالڪ ادب فورم ”ضلعي گهوٽڪي ۾ قائم ڪري ان جو نيٽ ورڪ سڄيءَ سنڌ ۾ مضبوط ڪيائين. ڪيترن ٻالڪ محفلن کي سجائي انهن جا تحريري احوال اخبارن ۽ رسالن معرفت پڙهندڙن کي پيش ڪيائين. انيڪ تنظيمن سان لاڳاپيل ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. ٻارن جي لاءِ لکيل سندس شاعري ۽ نثر ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ مستقل ۽ مسلسل شايع ٿيندا رهندا آهن.

سوال 1: ادا پنهنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ ادب سفر بابت ڪجهه معلومات ڏيو.

جواب: ادي منهنجو ننڍپڻ بهترين، غربت ۾ بنا پريشاني جي گذريو، ڳوٺ جي هم عمر ساٿين سان راند روند ڪندي بغير خوف جي وقت گذري ويو. هن وقت ننڍپڻ ڏاڍو ياد ايندو آهي. مون پرائمري کان وٺي مئٽرڪ تائين پنهنجي اباڻي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي جي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم بي ايس سي، ايم اي، پي ٽي سي، بي ايڊ، ايم ايڊ گورنمينٽ ڪاليج سکر ۾ حاصل ڪئي ۽ مون کي سنڌي ٻاراڻي ادب ۾، وڏي ادب ۾ سنڌي ٻولي جي نامياري اديب ۽ شاعر سيد امير بخاري آندو ۽ انهيءَ مون کي مختلف نثر ۽ شاعري جا ڪتاب ۽ رسالا ڏنا انهن کي پڙهڻ کانپوءِ مون کي باقاعده لکڻ جو شوق ٿيو.

سوال 2:  لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي، پهرين تحرير ڪهڙي هئي؟

جواب: مون لکڻ جي شروعات 1988ع کان ڪئي، منهنجي پهرين تحرير هڪ مختصر مضمون “سٺيون ڳالهيون” هئي.

سوال 3: ٻارن لاءِ لکڻ جو خيال ڪيئن آيو؟

جواب: مون 1988ع ۾ ماهوار گل ڦل رسالو گهوٽڪي مان خريد ڪيو ۽ ان کي مڪمل ٽي ڀيرا پڙهڻ کانپوءِ مون کي لکڻ جو باقاعده شوق پيدا ٿيو، لکندي لکندي ڪيترائي ٻارن جا ڪتاب لکي ڇڏيا.

سوال 4: پنهنجي ٻالڪ ادب ۾ ڪيل ڪم بابت ڄاڻ ڏيو. ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جي ڄاڻ ڏيو؟

جواب: مون ننڍپڻ کان ئي مختلف اخبارن ۾ ٻارن جي نڪرندڙ ٻاراڻن صفحن ۽ ٻارن جي رسالن ۾ هزارين تخليقون لکيون ۽ هاڻي به ماهوار گل ڦل رسالي ۾ لکندو پيو اچان. سنڌي ٻالڪ ادب وڌيڪ مضبوط ۽ سگهارو ڪرڻ لاءِ ٻارن جي نج ادبي تنظيم ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي پليٽ فارم تان ادبي ساٿين سان گڏجي سنڌي ٻاراڻا ڪتاب ۽ ٻاراڻا رسالا ڇپايا ۽ اهو سلسلو اڳتي به جاري آهي. اسين اڄ به ديس جي گلن جهڙن ٻالڪن ۾ اتساءُ پيدا ڪرڻ لاءِ اسڪولن ۾ علمي ۽ ادبي پروگرام ڪرائي رهيا آهيون. جڏهن ته منهنجا ڇپيل هي ڪتاب آهن: 1. گلابن جي خوشبوءِ (ڪهاڻين جو سنڌي ٻاراڻو ڪتاب)، 2. سهڻا ٻالڪ سنڌ جا (شاعري جو سنڌي ٻاراڻو ڪتاب)، 3. ماڻڪ هرهڪ جي هٿ ۾ (مضمونن جو سنڌي ٻاراڻو ڪتاب)، 4. قلم ٻارن جي هٿن ۾ (سنڌي ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب)، 5. ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جو 28 ساله سفر (سنڌي ۾ رپورٽن جو ڪتاب) ۽ منهنجا اڻ ڇپيل ڪتاب هي آهن: 1. ٻه ڪهاڻين جا ڪتاب (سنڌي ٻاراڻا ڪتاب)، 2. هڪ شاعري جو ڪتاب (سنڌي ٻاراڻو ڪتاب)، 3. هڪ شاعري جو ڪتاب (سنڌي وڏي ادب جو ڪتاب)، 4. سنڌ جون عظيم شخصيتون (مضمون جو سنڌي ٻاراڻو ڪتاب)، 5. مون جي موتي ميڙيا (ٻاراڻين تقريب جون رپورٽون)، 6. اردو شاعري جو ڪتاب (اردو ٻاراڻي ادب جو ڪتاب)، 7. علم جو پيڪر مولوي محمود ڀٽو (مضمونن جو ڪتاب).

سوال 5: موجوده وقت ڪنهن اخبار ۾ ڪو ٻارن جو صفحو ڪو نه پيو اچي ۽ نه ئي ڪي خاص رسالا پيا اچن ۽ ٻارن لاءِ لکندڙ اديبن جي فن کي پکيڙڻ ۾ وڏيون تڪليفون آهن، انهيءَ جي لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺجن؟

جواب: واقعي موجوده وقت ۾ خاص ڪري سنڌي اخبارون ٻارن جا صفحا ڪونه پيون ڪڍن، هڪ اڌ اخبار کانسواءِ ۽ سنڌي ٻولي ۾ ماهوار گل ڦل رسالي کانسواءِ ٻيا ٻاراڻا رسالا بند ٿي ويا آهن. جڏهن توهان اردو ٻاراڻي ادب تي هڪ نظر وجهندا ته اردو ٻاراڻي ادب ۾ باقاعده ٻاراڻا رسالا ڇپجن ٿا ۽ اردو اخبارون به ٻارن جا صفحا هفتيوار ڪڍن ٿيون، سنڌ جي ادبي ۽ علمي ساٿين کي گڏجي اخبارن جي مالڪن سان ملي ڪري انهن کي مطئن ڪن جيئن اهي وري پهرين جيان هفتيوار ٻارن جا صفحا ڪڍن ۽ اسان کي گهرجي جيڪي سنڌي ٻاراڻا رسالا بند ٿي ويا آهن انهن جي مالڪن سان ملي کين اهو يقين ڏياريون ته اسين اوهان سان گڏجي رسالا هلائڻ ۾ تعاون ۽ سهڪار ڪنداسين، جيئن انهن ۾ اُتساءُ پيدا ٿئي، وري اڳي جيان رسالا شروع ڪن، حڪومت ۽ علمي ادبي ادارن کي گهرجي ته جيڪي ٻارن لاءِ اديب لکن ٿا ۽ ٻاراڻي ادب جي فن کي پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن انهن سان مڪمل تعاون ۽ سهڪار ڪرڻ سان گڏ پرگهور لهن ته جيئن اهي سڪون سان سنڌي ٻاراڻي ادب جي ترقي لاءِ آساني سان ڪم ڪري سگهن.

سوال 6: ٻارن جي لاءِ نثر ۽ نظم ٻنهي مان ڪهڙو ذريعو وڌيڪ اثرائتو پهچي ٿو، توهان جو ڪم نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ ٿيل آهي ان حوالي سان ڄاڻ ڏيو؟

جواب: حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ٻارن لاءِ وڌيڪ اثرائتو ذريعو نثر آهي، ڇو ته نثر ۾ ٻارن کي علمي ۽ ادبي معلومات ۽ ڄاڻ ملي ٿي ۽ ٻار نثر ذريعي ڪاميابي جي منزل تي پهچي ٿو. باقي منهنجو ڪم نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ ٿيل آهي، منهنجا نثر ۾ تقريبن چار ڪتاب ڇپيل آهن ۽ ڪافي نثر ۾ اڻ ڇپيل ڪتاب موجود آهن ۽ نظم ۾ منهنجا ٻه ڪتاب ڇپيل آهن ۽ شاعري ۾ ٻه اڻ ڇپيل ڪتاب آهن ۽ آئون اڳتي به نثر ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.

سوال 7 : سنڌ جي مستقبل يعني اسان جي ٻارن لاءِ ڪو پيغام ڏيو؟

جواب: آئون آخر ۾ پنهنجي وطن جي مٺڙڻ، پيارن، خوبصورت ۽ گلن جهڙن معصوم ٻارڙن کي اهو پيغام ڏيان ٿو ته اهي اڄوڪي ڪاپيٽيشن جي دور ۾ محنت ڪري پڙهن ۽ وقت جي پابندي سان اسڪول وڃن ۽ پنهنجن عظيم والدين، استادن، وڏڙن ۽ پاڙيسرين جو هميشه احترام ۽ ادب ڪن ۽ هرو ڀرو رلڻ بجاءِ تعليم تي توجهه ڏين ۽ واندڪائي جي وقت ۾ ٻاراڻا ڪتاب ۽ رسالا پڙهن، ڇو ته ڪاميابي جي منزل والدين، استاد ۽ ڪتاب آهن.