پاڪستانخاصنيو‍‍ز

توانائي جي شعبي ۾ سرڪلر ڊيٽ ٻه هزار ارب رپين کان مٿي چڙهي ويو: شفقت محمود

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته توانائي جي شعبي ۾ سر ڪلر ڊيٽ ٻه هزار ارب رپين کان مٿي چڙهي چڪو آهي ۽ آءِ پي پيز سان نون معاهدن سان سر ڪلر ڊيٽ گهٽجي ويندو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب دوران شفقت محمود چيو ته بطور ايم اين اي، سندس حلقي کان سڀ کان وڌيڪ مسئلا بجلي بابت اچن ٿا، عوام ڪنهن به حڪومت جي ڪارڪردگي جو تجزيو بجلي جي فراهمي ۽ ٻين معاملن سان ڪري ٿو. اسان جو اصل ٽارگيٽ ڪراچي کي مطمئن ڪرڻ آهي، بجلي جي مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون جاري آهن. شفقت محمود چيو ته ماضي ۾ بجلي جي معاهدن سان لاڳاپيل قومي مفادن کي سامهون نه رکيو ويو هو، ماضي جي حڪومتن جا مسئلا اسان حل ڪري رهيا آهيون. آءِ پي پيز سان ماضي ۾ ڪيل معاهدن کي متوازن ڪري رهيا آهيون، اسان جڏهن حڪومت سنڀالي ته 1500 ارب رپين جو سر ڪلر ڊيٽ ورثي ۾ مليو. هي سر ڪلر ڊيٽ ٻه  هزار ارب رپين کان مٿي چڙهي ويو آهي.  آءِ پي پيز سان نوان معاهدا ڪرڻ سان سر ڪلر ڊيٽ گهٽجي ويندو.