خاص

سنڌ حڪومت طرفان 30 اپريل تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ بند رکڻ جو اعلان.

سنڌ حڪومت ۽ ٽرانسپورٽرن وچ ۾ ڳالھيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون. 30 اپريل تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ بند رھندي. ان حوالي سان ڪالھ ٽرانسپورٽرن ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ٽرانسپورٽ کولڻ جي معاملي تي ڳالھيون ٿيون. ٽرانسپورٽرن پاران صوبائي وزير اويس قادر شاھ اڳيان پنھنجا مطالبا رکيا ويا ته ٽيڪس معاف ڪري بيروزگار ٿيندڙ ڊرائيورن کي پئڪيج ڏنو وڃي. ٽرانسپورٽرن پاران بسون ۽ ڪوچون کولڻ جي به گھر ڪئي وئي پر سنڌ حڪومت 30 اپريل تائين بسون بند رکڻ جو ئي فيصلو ڪيو. اجلاس کان پوءِ اويس قادر شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٽرانسپورٽرن جون تجويزون وڏي وزير اڳيان رکيون وينديون. في الحال ٽرانسپورٽر سرڪاري فيصلن تي عمل ڪن. ھن چيو ته بس اڏا ۽ بس سروس کولڻ لاءِ ايس او پيز ٺاھيون وينديون