سنڌ ۾ گاڏين ۽ ملڪيتن تي ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو رعايت جو اعلان

سنڌ حڪومت گاڏين ۽ ملڪيتن تي ٽيڪس ۽ پروفيشنل ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو رعايت ڏيئي ڇڏي. سنڌ جي ايڪسائيز کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پروفيشنل ٽيڪس ۾ ڏنل رعايت ٽن مهينن تائين هوندي، ان کانسواءِ پراپرٽي ٽيڪس ۾ به ٽن مهينن لاءِ 25 سيڪڙو رعايت هوندي. جڏهن ته اها منتقل ٿيندڙ ملڪيتن تي هوندي. نوٽيفڪيشن موجب موٽر وهيڪل ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٽيڪس ۾ رعايت سمورين ڪمرشل گاڏين تي به هوندي. جڏهن ته ايندڙ ٽن مهينن لاءِ سنڌ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي معاف ڪئي وئي آهي. اها رعايت پارڪن، سئنيمائن ۽ ٻين تفريحي سرگرمين لاءِ هوندي
