خاصنئون

 وڏي وزير اين آءِ سي وي ڊي لاءِ 60 ڪروڙ منظور ڪري ڇڏيا

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين آءِ سي وي ڊي لاءِ 60 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي ته جيئن ٻارن جو وارڊ شروع ڪري سگهجي. هي فيصلو وڏي وزير اين آءِ سي وي ڊي جي تحويل ملڻ بعد ڪيل ميٽنگ ۾ ڪيو جنهن ميٽنگ جو مقصد اين آءِ سي وي ڊي جا مسئلا حل ڪرڻ هو. هن وڌيڪ چيو ته اين آءِ سي وي ڊي جي درخواست تي وڌيڪ نوابشاهه، مٺي، خيرپور ۽ لياري لاءِ ٽي ارب رپيا به منظور ڪيا ويندا. واضح رهي ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ 2015 ۾ 640212 ۽ 2016 ۾ 729468 مريضن جو علاج ڪيو ويو. جڏهن ته هن سال جنوري کان جون تائين 1,111,145 مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه سنڌ ۾ هر سال 40 هزار ٻار دل جي بيمارين سان گڏ پيدا ٿيندا آهن جڏهن ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ اهڙن 60 هزار مريض ٻارن جو علاج ٿي سگهي ٿو.