ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان 12 ۽ 13 فيبروري 2025 تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو. صدر سان گڏ اعليٰ سطح جو وفد ۽ ترڪ خاتون اول به اسلام آباد پهتي. ساڻس معروف ڪاروباري شخصيتون به گڏ هيون. پاڪستان جي صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم ميان شهباز شريف نور خان ايئربيس تي ترڪيه جي صدر جو استقبال ڪيو. ترڪيه جي صدر طيب اردوان جي آمد تي کيس 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. هن وقت ترڪيه دنيا جي اهم ملڪن مان هڪ آهي. تازو وچ اوڀر جي صورتحال جي ڪري خاص طور تي شام ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ علائقي ۾ ترڪيه جي اهميت وڌي وئي آهي.
صدر طيب اردوان پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آيل هو ۽ هن شهباز شريف سان هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪائونسل (HLSCC) جو ستون سيشن گڏجي چيئر ڪيو. هن ڪائونسل جي گڏجاڻيءَ ۾ هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انتهائي اهم معاهدا ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي رهنمائن گڏجي هن سيشن ۾ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ مختلف ميدانن ۾ تعاون ڪرڻ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. صدر طيب اردوان جي هن اهم دوري دوران تمام اهم فيصلا ڪيا ويا، اسٽريٽجڪ ڊائريڪشن طئي ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جا گڏيل لاڳاپا ٻنهي ملڪن کي ڪيئن ترقي ڏياري سگهن ٿا، ان تي غور ۽ فڪر ڪيو ويو. ان کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي جوائنٽ اسٽينڊنگ ڪميٽيز (JSCs) هن فورم تي ڪيون ويون، جنهن ۾ واپار، سرمائيڪاري، بينڪنگ، فنانس، ڪلچر، ٽوئرزم، توانائي، ڊفينس، ايگريڪلچر، ٽرانسپورٽ، ڪميونيڪيشن، آءِ. ٽي، هيلٿ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي پروگرامن تي منصوبابندي ڪئي وئي. هيستائين هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪارپوريشن ڪائونسل جو هي ستون سيشن هو، ان کان اڳ ڇهه سيشن ٿي چڪا آهن. پاڪستان ۽ ترڪي جا تاريخي برادرانه لاڳاپا رهيا آهن. اميد آهي ته هن ايڇ ايل ايس سي سي جي ستين سيشن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، معاشرتي ۽ سياسي لاڳاپن ۾ اڃان وڌيڪ مضبوطي ايندي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪٻئي سان تعاون ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
ترڪيه پراڻي تاريخ ۽ تهذيب جو وارث ملڪ آهي ۽ خطي ۾ ان جو اثر رسوخ صدين کان وٺي اڄ تائين موجود آهي. موجوده وقت ۾ به ترڪيه هڪ ترقي ڪندڙ ملڪ آهي. نئين دور جي نئين 1922 ۾ جديد جمهوريه ترڪيه جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ هڪ انقلاب جي ذريعي ترڪيه کي جديد ترڪيه بنائڻ جو سفر شروع ڪيو. اڄ جمهوريه ترڪيه وٽ سرمايو، ٽيڪنالاجي ۽ هنرمند افرادي قوت موجود آهي ڇاڪاڻ جو ترڪيه جي قيادت اهو سمجهي ٿي ته جيڪي ملڪ موجوده وقت جي گهرجن سان اکيون اکين ۾ ملائي نٿا بيهن ۽ حقيقت پسند رويو نٿا اختيار ڪن، ته اهي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پٺيان رهجي وڃن ٿا. جديد رياست جي انهيءَ تاريخ جي پٺيان هڪ پراڻي تهذيب ۽ سياسي قوت نظر اچي ٿي، عثماني سلطنت انهيءَ جو وڏو مثال آهي. ترڪيه جي نالي جو مطلب آهي “ترڪن جي سر زمين”. هن ملڪ جو اڌ حصو يورپ ته اڌ ايشيا ۾ اچي ٿو، جنهن جي اثر هيٺ ترڪيه جو ڪلچر جديد ۽ قديم جو امتزاج آهي، جيڪو ان کي خوبصورتي ۽ نواڻ عطا ڪري ٿو. نومبر 2012 ۾ به ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو دورو ڪيو هو، تڏهن به پاڪستان مسلم ليگ نواز جي صدر ميان نواز شريف ساڻس ملاقات ڪئي هئي. هن جو چوڻ هو ته ترڪيه سان پاڪستان جا تعلقات انتهائي اهم آهن. پاڪستان ۽ ترڪيه جا هميشه کان تاريخي ۽ دوستاڻه لاڳاپا رهيا آهن، نه صرف رياستي سطح تي پر عوامي سطح تي به انهيءَ دوستيءَ کي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ عالمي معاملن تي ترڪيه سدائين پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي. پاڪستان به ترڪيه سان بهتر تعلقات رکيا آهن ۽ جتي به ضرورت پئي آهي، اتي برادر اسلامي ملڪ سان هر جائز معاملي ۾ گڏجي بيٺو آهي. ترڪيه اهڙو ملڪ آهي، جنهن سان اسين پنهنجي آزادي کان پهرين به گڏ هئاسين ۽ اڄ به هن سان گڏ آهيون، هي ٻطرفو دوستي جو اهو عمل تسلسل سان قائم آهي ۽ اهي ٻطرفه لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي ضرورت آهن. 1990 جي ڏهائي کان وٺي ٻنهي ملڪن ۾ تعلقات وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. 1990 ۾ ترڪيه اڃان ايتري ترقي نه ڪئي هئي جيتري هن وقت ڪئي آهي، پر سڀني حالتن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا رهيا آهن.