ايڊيٽوريل

سڪرنڊ ۾ چوري ٿيل گٽر جو ڍڪ ۽ معصوم سليمان جو قتل

سنڌ حڪومت جون کوکليون دعوائون ان وقت ظاهر ٿين ٿيون جڏهن صوبي اندر لاقانونيت جو راڄ نظر اچي ٿو، امن امان جي صورتحال تي ميڊيا لکي لکي ٿڪجي پئي آهي، پر سنڌ سرڪار ۽ ان جا آفيسر ڪوڙ جي ڪهاڻي اهڙي گهڙين ٿا جنهن مان محسوس ٿو ٿئي ته سنڌ جهڙو پرامن صوبو پوري پاڪستان ۾ نه آهي.
سنڌ سرڪار جي لوڪل گورنمينٽ واري کاتي طرف نظر ڦيرايون جنهن جي سالياني بجيٽ سوين ارب رپيا آهي، اهو کاتو يونين ڪائونسل کان وٺي ٽائون ڪاميٽي، ميونسپل ڪاميٽي، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ سنڌ ۾ جيڪي به بلدياتي ادارا آهن انهن کي بجيٽ ڏئي ٿو ۽ انهن جي سارسنڀال پڻ لهي ٿو. سنڌ جي شهرن جي صفائي هجي، محلن ۾ گليون ٺهنديون هجن، گندي پاڻيءَ جو نيڪال هجي اهي انهيءَ کاتي جا ڪجهه اهم ڪم آهن، جنهن ۾ اهو کاتو مڪمل ناڪام نظر اچي ٿو. شهر هجن يا ٻهراڙيون اسان کي هر جڳهه هر رستي تي گندو پاڻي بيٺل نظر اچي ٿو ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ٺهيل گٽر لائينن تي موجود مين هولن جي مٿان ڍڪ موجود نه آهن اهي کليل گٽر ڪامورن جا کليل وات نظر اچن ٿا. گٽرن مان بدبوءِ ۽ ڪامورن جي وات مان واڳونءَ جي بوءِ اچي ٿي. انهن ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن جو پيٽ سواءِ ڪرپشن جي ڀرجندي نظر نٿو اچي. انهن کي هر ڏينهن انهن کليل گٽرن ۾ ڪرندڙ معصوم ٻارن جون وڃايل زندگيون نظر نٿيون اچن. هنن کي انهن فوت ٿيندڙ ٻارن جي والدين جون دانهون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن. انهن گٽرن جي نظر ٿيندڙ معصوم زندگيون ڪنهن کان انصاف گهرنديون؟ مڪاني ادارن کي هر مهيني ڪروڙين رپين جو فنڊ ملي ٿو اهو پورو فنڊ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿو. شهرن جون صفايون ته نٿيون ٿين، پر گٽرن تي ٺهيل مين هول جا ڍڪڻ پڻ نٿا لڳايا وڃن، جيڪڏهن لڳايا وڃن ٿا ته ڪجهه ٽائيم کانپوءِ اهي چوري ڪري ڪٻاڙين جي دڪانن تي کپي وڃن ٿا ۽ پوءِ انهيءَ ۾ سليمان راڄپر جهڙا معصوم گلڙا ڪِري پنهنجي حياتي وڃائي ويهن ٿا اهو حادثو نه پر قتل آهي ۽ انهن جي قتل جو ڪيس ان ڪائونسل جي چيئرمين مٿان، ان علائقي جي ڪائونسلر مٿان ۽ ڪائونسل ۾ موجود سرڪاري ڪاموري جي مٿان داخل ڪيو وڃي. جيستائين انهن کي جوڳي سزا نه ايندي ان وقت تائين هنن کي پنهنجي ذميداري جو احساس نه ٿيندو اهي ماڻهو ڪرپشن کي حق سمجهي کائيندا رهندا. هتي انهن ڪٻاڙي وارن کي به پڪڙيو وڃي ۽ سزا ڏني وڃي جيڪي اهي چوري ٿيل گٽرن جا ڍڪ موالين کان خريد ڪن ٿا انهن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، انهن کان پڇيو وڃي ته اهڙي ڍڪ کان بغير مين هول ۾ جيڪڏهن سندن ڪو ٻارڙو خدا نه ڪري ڪِري پنهنجي حياتي وڃائي ته سندن مٿان ڪهڙي قيامت گذرندي. اسين سليمان راڄپر جي والدين جي ڏک ۾ شريڪ آهيون اسين سمجهون ٿا اهي ٻارڙا ڪهڙين تڪليفن سان پاليا وڃن ٿا. مائٽن کي انهن مان ڪيتريون اميدون هجن ٿيون، وڏا ٿي پڙهي لکي نه صرف پنهنجي لاءِ بهتر ٿيندا، پر والدين جو به خيال رکندا.
يقينن حڪومت اهو قتل جو ڪيس ته داخل نه ڪندي، پر اهڙن واقعن ۾ جيڪي ٻارڙا پنهنجي حياتي وڃائين ٿا انهن جي مائٽن کي حڪومت معاوضو ڏئي جيڪو پڻ ٻار جي حياتيءَ جو نعم البدل نه آهي، پر ڪنهن حد تائين ازالو ضرور آهي ۽ اهو معاوضو حڪومت نه ڏئي. ڇو ته حڪومت وٽ پئسو عوام جي ٽيڪسن جو آهي، اهو معاوضو انهيءَ چيئرمين کان ورتو وڃي، انهيءَ ڪاموري کان ورتو وڃي، انهيءَ ڪائونسلر کان ورتو وڃي جيڪي نه صرف ووٽ وٺڻ لاءِ ماڻهن جون ننڊون ڦٽائيندا آهن، پر جڏهن چونڊون کٽي ايندا آهن ته اهڙن ڪڌن عملن جي ڪري ماڻهن کي سک سان سمهڻ نه ڏيندا آهن، پر پاڻ پنهنجن گهرن ۾ آفيسن ۾ ايئرڪنڊيشن هلائي سک سان ويٺا هوندا آهن.