جرمني ۾ افغان شهرين جو پاڪستان جي قونصل خاني تي حملو پاڪستان جي عوام لاءِ ناقابل قبول آهي ۽ پاڪستان جو عوام اهڙي عمل جي مذمت ڪري ٿو. حڪومت پاڪستان قونصل خاني تي حملي ۾ شامل فردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته پاڪستان جو افغانستان سان ويجهو تعلق رهيو آهي. هڪ طرح سان دفاع جي شعبي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان جي ويجهڙائي کي اسٽريٽجڪ ڊيپٿ رهي آهي ۽ ٻئي ملڪ پنهنجن ناتن تي فخر ڪندا رهيا آهن. گذريل صدي جي 70ع جي ڏهائي جي آخر کان وٺي ٻئي ملڪ عالمي اتحاد ۾ داخل ٿي ويا. روس ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سرد جنگ جا پڇاڙڪا سال ڄڻ افغانستان ۾ گذريا، جنهن کي دهشتگرديءَ جي خلاف جنگ جو نالو ڏنو ويو. دهشتگرديءَ جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. افغانستان جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ اسان مالي ۽ جاني قربانيون پئي ڏنيون آهن. ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته انهن قربانين جو افغان عوام قدر ڪري ها، پر ان جي جاءِ تي جيئن ته افغانستان جي حڪومت بنياد پرست آهي، انهيءَ جي ڪري اها پنهنجن روين ۾ ڪٽرپڻي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. انهيءَ ڪري موجوده وقت ۾ اسان جي ملڪي قيادت پاڻ به گهري فڪر ۾ آهي ته انهيءَ سڄي صورتحال کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي. اهو مڃجي به کڻي ته افغانستان جي موجوده حڪومت دوها مذاڪرات جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي آهي. هڪ طرح سان آمريڪا، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ طويل مدتي مذاڪرات کانپوءِ اقتدار طالبان حڪومت کي مليو ۽ اسان جي ملڪ به انهيءَ ۾ سهڪار ڪيو، اهو سهڪار ان بنياد تي هو ته افغانستان جي سر زمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف دهشتگرديءَ لاءِ استعمال نه ٿيندي. افغانستان مان آمريڪا ۽ نيٽو فوجي ته نڪري ويا ۽ اسان کي اميد هئي ته افغانستان ۾ هڪ پاڪستان دوست قيادت اقتدار ۾ آئي آهي ۽ اسان کي سولائي سان وسط ايشيائي رياستن تائين رسائي ملندي جيئن اسين افغانستان سميت انهن رياستن سان واپار ۽ ترقيءَ لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون ڪري سگهون. انتهائي ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته ڪابل حڪومت ڄڻ اکيون ڦيري ڇڏيون آهن ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان اسان جي ملڪ جي خلاف افغانستان جي سر زمين استعمال ڪري رهي آهي. اهو آهي دهشتگردي جي خلاف جنگ جو پسمنظر ۽ موجوده حالتون. ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ تعلقات انتهائي خراب آهن. اها ڳالهه هڪ طرف آهي، ٻئي طرف نوجوان افغاني جيڪو گهڻو ڪري پاڪستان ۾ پليو ۽ وڏو ٿيو آهي ۽ اسان انهيءَ جي ميزباني ڪئي آهي. افغان ڪئمپن ۾ انهن کي تعليم ڏني آهي، پر جيئن اسين مٿي چئي آيا آهيون ته افغانستان جي قيادت شايد پنهنجن نوجوانن جي ذهنن ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو آهي. اسان کي حيراني نه ٿيندي، احسان جو بدلو هميشه احسان سان نه ملندو آهي. اهو فردن لاءِ ته درست هو، پر هاڻي شايد قومن لاءِ به درست آهي. انهيءَ سڄي پسمنظر ۾ فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني قونصل خاني تي حملو ۽ ان تي پٿراءُ ڪيو ويو آهي.
پاڪستاني سفارتي حڪام انهيءَ افسوسناڪ واقعي تي جرمن وزارت خارجه کان احتجاج ڪندي تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن جي مطابق فرينڪفرٽ ۾ احتجاج جي نالي ۾ افغان شهرين نفرت انگيز ڪم ڪيو آهي. هنن پاڪستاني قونصل خاني تي حملو ڪيو، پٿراءُ ڪيو ۽ پاڪستاني جهنڊي کي لاٿو ويو. انهيءَ نفرت انگيز عمل تي اسان جي وزارت خارجه جرمن حڪومت سان احتجاج ڪيو آهي، پر اسين افغانستان جي حڪومت کي به چئون ٿا ته اها پنهنجن نوجوانن جي ذميداري کڻي ۽ انهن کي بين الاقوامي شهري هجڻ جا آداب سيکاري. اسين افغان نوجوانن کي به چونداسين ته نفرت سان دليون فتح ڪونه ٿينديون آهن. اسين پاڙيسري ملڪ آهيون ۽ اسان کي ڏک سک ۾ گڏ رهڻو آهي. هنن سٽن ۾ پاڪستاني قونصل خاني تي حملي جي هڪ دفعو ٻيهر مذمت ڪجي ٿي.