ايڊيٽوريل

دبئي ليڪس جي اسڪينڊل مان ورڻو ڪجهه ناهي

پوري دنيا ۾ پاناما ليڪس نالي هڪ فلمي اسٽائل اسڪينڊل هليو هو، جنهن کي گهڻي پذيرائي پاڪستان ۾ ملي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ نواز شريف کي پنهنجي وزارت عظميٰ جي ڪرسي عدالت جي حڪم تي ڇڏڻي پئجي وئي هئي. اها به حقيقت آهي ته عدالت جنهن نواز شريف کي پاناما ڪيس ۾ ڪورٽ اندر طلب ڪيو هو، ان کيس دبئي ۾ اقامه رکڻ تي نااهل ڪري سزا ٻڌائي هئي. جماعت اسلامي پڻ ڪورٽ اندر پهچي وئي هئي، 440 کان مٿي پاڪستاني ماڻهن جا نالا انهيءَ پاناما ليڪس ۾ ظاهر ٿيا هئا، پر سواءِ نواز شريف جي پاناما ليڪس جي 440 وولٽ ڪرنٽ جي زد ۾ ڪير به نه آيو.
هڪ دفعو ٻيهر انهيءَ فلم جو سيڪيوئل تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو نالو “دبئي ليڪس” آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ٿو وڃي ته پوري دنيا جي ماڻهن جون 400 ارب ڊالر کان مٿي جون جائيدادون دبئي اندر موجود آهن، جن مان صرف پاڪستانين جون جائيدادون جيڪي ان اسڪينڊل ۾ ظاهر ڪيون ويون آهن انهن جي قيمت 11 ارب ڊالر کان مٿي ٻڌائي وڃي ٿي ۽ پاڪستاني ماڻهن جو انگ جن جون دبئي اندر جائيدادون آهن اهو 17000 کان مٿي ٻڌايو پيو وڃي. چيو ٿو وڃي ته انهيءَ اسڪينڊل جي پٺيان يا ان اسڪينڊل کي ظاهر ڪرڻ ۾ مبينا طور پاڪستان جي بزنس ٽائيڪون ملڪ رياض جو هٿ آهي. اهو شڪ انهيءَ ڪري وڌي ٿو جڏهن انهيءَ ظاهر ڪيل لسٽ ۾ ملڪ رياض جو نالو نه آهي. جڏهن ته ملڪ رياض جي رهائش ۽ دبئي اندر سندس جائيدادون عالم آشڪار آهن. جيڪي پاڪستاني انهن جائيدادن جا مالڪ آهن انهن ۾ هن وقت جي حڪومت اندر ويٺل سڀني سياسي پارٽين جي اڳواڻن جا يا سندن اولاد جا نالا ظاهر ٿيا آهن. فوج جي رٽائرڊ جنرلن جا نالا پڻ ظاهر ڪيا ويا آهن. سول بيوروڪريٽ ۽ واپاري سڀ ان اسڪينڊل ۾ ملوث ڏيکاريا ويا آهن. هڪڙي اچرج جي ڳالهه ضرور آهي ته هڪڙو حاضر سرور آءِ جي پوليس جو نالو پڻ انهيءَ اسڪينڊل ۾ ظاهر ٿيو آهي. جيڪڏهن ڏسجي ته پاڪستاني عوام جي لاءِ يا پاڪستاني ميڊيا جي لاءِ ان ۾ نئين ڳالهه ڪهڙي آهي؟ سڀني کي خبر آهي ته پاڪستاني اشرافيه اربين ڊالرن جي مالڪ آهي، انهن جي پوري دنيا ۾ جائيدادن جي خريداري آهي ته پوءِ دبئي ۾ جائيداد هجڻ ۽ اها به ڊڪليئرڊ. جيڪي به سياستدان آهن انهن واضح ڪيو آهي ته سندن گوشوارن ۾ دبئي جون اهي سڀ جائيدادون ڊڪليئر ڪيل آهن. پوءِ انهيءَ ليڪس کي ڪهڙي پذيرائي ملندي. هڪ شيءِ اڃان وڌيڪ واضح ضرور ٿيندي ته ملڪ کي غربت جي هن حد تائين پهچائڻ ۾ انهن چند هزار ماڻهن جو وڏو هٿ آهي.
جيڪڏهن ايف بي آءِ چاهي ته هڪ ڪم ضرور ڪري سگهي ٿي، انهن سڀني ماڻهن کان مني ٽريل حاصل ڪري سگهي ٿي. اهي سڀ ماڻهو ٻڌائين ته جيڪي جائيدادون انهن خريد ڪيون آهن اهي سڀئي سندن سفيد ناڻي مان حاصل ڪيون ويون آهن يا ڪاري ناڻي مان جنهن کي ڊالرن جي صورت ۾ ملڪ کان ٻاهر کڻي وڃي پنهنجي لاءِ ته آسائشون حاصل ڪيون آهن، پر پنهنجي ملڪ کي ذري گهٽ ڏيوالپڻي جي حد تائين پهچائي چڪا آهن، جيڪو ملڪ هڪ ارب ڊالرن جي لاءِ آءِ ايم ايف جا سخت کان سخت شرط مڃڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿو، جنهن جو اثر غريب عوام تي مختلف ٽيڪسن جي روپ ۾ پوي ٿو ۽ انهن ٽيڪسن مان فائدو اهي چند ماڻهو وٺن ٿا باقي ڪروڙين ماڻهو صرف ڀوڳين ٿا يا ميڊيا جي انهن ڊرامن کي ڏسڻ ۾ مصروف هجن ٿا. اسين سمجهون ٿا ته دبئي ليڪس پڻ هڪ ڊرامو آهي جنهن مان نڪرڻو ته ڪجهه به ناهي باقي ميڊيا کي ڪجهه ڏينهن لاءِ هڪ نئون موضوع ضرور ملي ويو آهي، جيئن اسان به اڄ انهيءَ تي لکيو آهي.