ايڊيٽوريل

لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چونڊن ۾ دير جو سبب بڻجي سگهي ٿو

اليڪشن ڪميشن، صدرِ مملڪت ۽ سپريم ڪورٽ سڀني جي ڏنل متفقه تاريخ مطابق ته چونڊون 8 فيبروري 2024 تي ٿينديون. سڀني سياسي پارٽين جو ان تي اتفاق ٿيو ۽ اليڪشن ڪميشن هڪ طريقيڪار سان انهيءَ تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ وڃي رهي هئي، انهيءَ سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي مقرري پڻ ڪري ڇڏي هئي، جن جي تربيت پڻ شروع ٿي چڪي هئي. هڪ ٻن ڏينهن جي اندر چونڊن جو شيڊيول پڻ اچڻو هو. ڇو ته ضروري آهي ته چونڊن جو شيڊيول چونڊن جي مقرر تاريخ کان 54 ڏينهن پهرين اچي. اچانڪ پي ٽي آئي جو وڪيل هاءِ ڪورٽ لاهور ۾ پهچي ويو ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جسٽس علي باقر نجفي فيصلو ڏنو ته اليڪشن ڪميشن طرفان مقرر ڪيل ڊي آر اوز ۽ آر اوز ڇو ته بيوروڪريٽ آهن، انهيءَ ڪري انهن جي مقرري کي معطل ڪجي ٿو ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ٻيا آفيسر مقرر ڪري. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سپريم ڪورٽ جي ڏنل تاريخ مطابق 8 فيبروري تي جڏهن چونڊون ٿيڻيون آهن، ته انهن ۾ رڪاوٽ وجهڻ واري اپيل جيڪا پي ٽي آئي طرفان داخل ڪئي وئي آهي ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ به اسان جي هڪ عدالت پٺيان بيٺل نظر اچي ٿي، جنهن سبب يقينن ڪيترائي شڪ ۽ شبها عوام جي ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا ته آخر ان فيصلي جي پٺيان ڪهڙيون طاقتون مصروف عمل آهن، جيڪي چونڊون وقت تي ڪرائڻ نه ٿيون چاهين. واضح ڪجي ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کان جنهن جو ان وقت جو چيف جسٽس عمر عطا بنديال هو، کي درخواست ڪئي هئي ته اليڪشن ڪميشن کي ڊي آر اوز ۽ آر اوز جوڊيشري مان ڏنا وڃن. ان وقت جي چيف جسٽس آر اوز ۽ ڊي آر اوز ته نه ڏنا، صرف ايترو چيو ته توهان جي درخواست کي هاءِ ڪورٽن طرف موڪليون ٿا، ڇو ته انهن جو اختيار آهي ته جوڊيشري کي اليڪشن جي سسٽم ۾ شامل ڪن ۽ پنهنجي ججن کي ڊي آر اوز ۽ آر اوز مقرر ڪن، پر سواءِ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ٽنهي صوبن جي هاءِ ڪورٽن اليڪشن ڪميشن کي جواب ڏنو ته هو جوڊيشري جا آفيسر يا جج آر اوز ۽ ڊي آر اوز مقرر نه ڪندا، صرف بلوچستان هاءِ ڪورٽ حامي ڀري هئي، پر پوءِ ان به اهو چئي معذرت ڪئي ته جڏهن باقي ٽن صوبن جي ڪورٽن اوهان کي اها سهولت نه ڏني آهي، ته پوءِ بلوچستان هاءِ ڪورٽ به اها سهولت نه ٿي ڏئي سگهي. اليڪشن ڪميشن وٽ سواءِ بيوروڪريسي کي مقرر ڪرڻ جي ٻيو ڪوبه رستو نه بچيو ۽ انهن ڊي سين کي ڊي آر اوز ۽ ٻين صوبائي آفيسرن کي آر اوز مقرر ڪيو آهي ته پوءِ عين وقت تي هاءِ ڪورٽ لاهور وٽ ڪهڙو جواز آهي ته پي ٽي آئي جي هڪ وڪيل جي پٽيشن تي ايڏو وڏو قدم کڻي ۽ اهو به نه ٻڌائي ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کي جوڊيشري مان پٺڀرائي نه ملي ۽ اليڪشن ڪميشن انتظامي آفيسرن کي به اليڪشن ڪرائڻ ۾ شامل نه ڪري ته ڇا پوءِ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آئي جا ضلعي صدر يا بار ڪائونسلن جا وڪيل آر اوز ۽ ڊي آر اوز مقرر ڪري اليڪشن ڪرائي؟ ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته جج صاحب ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ سان گڏ اهو به ٻڌائي ها ته آخر اهي ڪهڙا آفيسر هجڻ کپن، جن کي اليڪشن ڪميشن مقرر ڪري اليڪشن ڪرائي. ائين محسوس ٿو ٿئي ته اها سازش جنهن اليڪشن جي عمل کي شڪي بڻائي ۽ روز روز نئين ڳالهه ڪري سياسي استحڪام کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي، اها اڃا ختم نه ٿي آهي، بس ان جا روپ مٽجن پيا. نه صرف سڀئي سياسي پارٽيون انهيءَ ڳالهه تي زور ڏين ٿيون ته ڪنهن به صورت ۾ اليڪشن جي مقرر تاريخ ۾ ڪابه تبديلي ٿيڻ نه گهرجي ۽ پي ٽي آئي جو هن وقت جو چيئرمين بئريسٽر گوهر علي ۽ علي ظفر پڻ اها ڳالهه واضح چئي رهيا آهن ته اهڙي پٽيشن سان محسوس اهو ٿيندو ته پي ٽي آئي اليڪشن ۾ دير ڪرائڻ چاهي ٿي ته پوءِ هڪدم انهن کي هاءِ ڪورٽ ۾ وڃي پنهنجي درخواست واپس وٺڻ کپي ته جيئن سومر تائين اليڪشن شيڊيول جو اعلان ٿئي. هڪ دفعو ٻيهر چونڊون ٿيڻ لاءِ جيڪا شڪ جي فضا قائم ٿي رهي آهي، انهيءَ کي ختم ڪيو وڃي. اطلاعن موجب ان ڳالهه جي خبر پئي آهي ته پيپلز پارٽي جيڪا پنهنجي آئين ۽ منشور مطابق هن وقت سڀني کان وڌيڪ جمهوريت پسند پارٽي آهي اُها سپريم ڪورٽ ۾ ان اپيل خلاف وڃي رهي آهي، جيڪو يقينن سياسي طور تي پيپلز پارٽي کي فائدو پهچائيندو. اميد آهي ته نون ليگ ۽ ٻيون سياسي پارٽيون به ان کي پنهنجو فرض سمجهنديون ۽ سڀئي ان عمل جو حصو بڻجي چونڊن کي پنهنجي وقت تي ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون ته جيئن اليڪشن جي عمل ۾ آيل رڪاوٽ کي ختم ڪري اليڪشن ٿيڻ لاءِ رستي کي هموار ڪيو وڃي ۽ عوام منجهان شڪ ۽ مايوسي ختم ڪئي وڃي.