رسول ميمڻ جي ياد ۾
(نوٽ: مون هي سمورو آرٽيڪل اصل ۾ “ٽيون خيرپور لٽريچر فيسٽيول، 2023” ۾ سائين رسول ميمڻ جن سان منسوب سيشن ۾ شرڪت لاءِ تياري ڪرڻ دوران لکيو هو. ان سيشن ۾ سائين محترم سائين ممتاز بخاري ۽ محترم ادل سومرو سان گڏ مون به ڳالهائيندڙ طور حصو ورتو هو، جڏهن ته مير تقي ٽالپر ان سيشن جو ماڊيريٽر هو.]
رسول ميمڻ پهرين جنوري، 1956ع تي سکر ۾ پيدا ٿيو ۽ 24 نومبر، 2021ع تي وفات ڪري ويو. سندس پورو نالو غلام رسول ميمڻ هو. هن شروعاتي تعليم اباڻي شهر سکر مان ئي حاصل ڪئي. هو پيشي جي لحاظ کان هڪ ڊاڪٽر هو. هو آخري ساھه تائين ميڊيڪل جي ميدان سان ئي لاڳاپيل رهيو.
ادبي دنيا ۾ رسول ميمڻ جن ناول، مختصر ڪهاڻي، ترجمي، فلسفي، شاعري ۽ مضمون نگاريءَ تي قلم کنيو. سندن مختصر ڪهاڻين جا 15 ڪتاب، ڇھه ناول، فلسفي جا 4 ڪتاب، ترجمي جا ٻه ڪتاب ۽ مضمون نگاريءَ جا ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
رسول ميمڻ سنڌي افساني، ناول، فلسفي ۽ شاعريءَ ۾ ڀرپور حصو ونڊيو. سندس مختصر افسانا ۽ ناول نئين فڪر ۽ ٽيڪنڪ سان سرشار ملن ٿا. مون هن آرٽيڪل ۾ رسول ميمڻ جي ڪجھه ڪهاڻي ڪتابن ۾ موجود چونڊ افسانن، ڪجھه ناولن ۽ سندس ترجمو ڪيل ٻن ڪتابن تي ڪجھ سرسري نظر ڦيرائي آهي.
رسول ميمڻ جا افسانا: رسول ميمڻ افساني ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ سندس افسانن ۾ موضوع به انيڪ آهن. سندس افسانن ۾ موضوعاتي دنيائون ڏاڍيون وسيع آهن. سندس افسانا موضوعاتي اعتبار کان پڙهندڙن کي يڪسانيت يا ورجاءَ جو احساس هرگز نه ٿا ڏيارين. هيٺ سندس مختصر ڪهاڻين جي ڪجھه ڳٽڪن منجهان چونڊ ڪهاڻين تي نظر ڦيرايل آهي.
(1) امن جي نالي: رسول ميمڻ جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو سال 1977ع ۾ ڇپيو. هن مجموعي جي پهرين ڪهاڻي “پارس هٿ” ۾ ڏاتوءَ نالي ڪردار وسيلي سڀ ڪجھه خدا تي ڀاڙي ويهڻ ۽ پاڻ ڪا محنت نه ڪرڻ واري سوچ جي عڪاسي آهي. ڏاتو جيڪو خدا کان برسات جي دعا ٿو گهري ۽ جيسين برسات نه ٿي پوي. هو بک اڃ تي جبل مٿان ويٺو رهي ٿو. پوءِ آخر ۾ هو ڪاوڙ ۾ اچي پٿر کڻي هيٺ اڇلائيندو رهي ٿو ۽ پٿر لڳڻ سان زمين ۾ ڦاٽ اچي وڃي ٿو ۽ زمين مان چشمو ڦاٽي نڪري ٿو. ائين چئجي ته هي ڪهاڻي “همٿِ مردان مددِ خدا” واري پهاڪي تي ٻڌل آهي ۽ ان فڪر جي وضاحت ڪندي نظر اچي ٿي. انسان محنت کانسواءِ ڪجھه نه ٿو ماڻي سگهي. هيءَ ڪهاڻي محنت، جفاڪشي جدوجهد ۽ همٿ وارو پيغام ڏئي ٿي. يعني خدا پاڪ انسان کي ڪم ڪرڻ لاءِ هٿ ڏنا آهن، پر انسان هٿن کي عملي جدوجهد ۾ آڻڻ بدران چپ ڪري ويهي دعا گهرڻ لاءِ ڪتب آڻي ته اهو خدا جي ڏنل نعمت هٿن جو ڪو سٺو استعمال نه چئبو.
ڪهاڻي “امن جي نالي ۾” جنگي محاذ تي هڪ فوجي ۽ ڊاڪٽر جي وچ ۾ ٿيندڙ گفتگوءَ تي سرجيل آهي. گفتگوءَ ۾ ڊاڪٽر جو زندگي ۽ موت تي فلسفياڻو بحث ڏاڍو اثرائتو آهي. ڊاڪٽر امن ۽ تعميريت جي علامت آهي ۽ اهو هلندڙ جنگ دوران بمن ۽ گولين هلندي به سڪون جي ننڊ ڪندو رهي ٿو ۽ زخمي فوجي جيڪو جنگ، ويڙھه ۽ تخريبيت جي علامت آهي اهو پندرهن ڏينهن کان پوري ننڊ به نه ٿو ڪري سگهي، پر جڏهن ان زخمي فوجيءَ جي دل ۾ امن ۽ سڪون جو چاھه اچي وڃي ٿو ته هو به سڪون ڀري گهاٽي ننڊ ۾ هليو وڃي ٿو. هتي نفسياتي اولڙا به ظاهر آهن، ائين چئجي ته انسان پنهنجي من اندر ئي شيطان ۽ فرشتا وسايو ويٺو آهي ۽ اهو پنهنجي شعور موجب عمل پيرا ٿئي ٿو.
(2) ڪهاڻي ڪتاب “روشنيءَ جو مينار”: ڪهاڻي “مولوي ۽ شيطان” ۾ جنسيات جو موضوع آهي، پر بيان اهڙي مزاحيه ۽ کلمک انداز ۾ ڪيو ويو آهي جو پڙهندڙ لطف اندوز ٿيندو رهي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي ولگرٽيءَ جو احساس پيدا نه ٿو ٿئي.
ڪهاڻي “روشنيءَ جو مينار” علامتي ڪهاڻي آهي. هڪ شخص جيڪو روشنيءَ جي مينار جي ٻاهرين روشنيءَ کان متاثر ٿي حق سچ ۽ عرفان جي منزل ماڻڻ لاءِ جڏهن مينار جي اندر وڃي ٿو ته اندر اوندھه انڌوڪار هجي ٿي. هتي روشنيءَ جي مينار کي دنيا جي پيرن مرشدن سان ڀيٽ ڏني وئي آهي جيڪي ٻين کي روشني ڏيڻ ۽ حق جي منزل تائين پهچائڻ واري واٽ ڏيکارڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، پر اهي پاڻ عمل ۽ ڪردار کان مڪمل خالي هجن ٿا ۽ سندن اندر ۾ اونداهي هجي ٿي. هتي روشني مطلب نور، حق، علم، روحانيت ۽ اوندھه مطلب جهالت، ظلمت، بي عملي ۽ منفيت. هڪ طرف سان هيءَ satire به آهي ته سماج جي عڪاسي به آهي، پر اظهار علامتي انداز ۾ ٿيل آهي. انسانن بدران شين کي مثال بڻائي پيش ڪيو ويو آهي. اهو آهي فن. اها آهي تخيل جي مضبوطي.
ڪهاڻي “انساني نسل جو آخري ساهوارو” سائنسي فڪر رکندڙ ڪهاڻي آهي. هن ۾ چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي جي اپٽار ڪيل ملي ٿي ۽ گڏوگڏ سائنس سان مُلن ۽ پنڊتن جي ٽڪراءَ جي عڪاسي پڻ واضح آهي. هيءَ ڪهاڻي انساني تاريخ جي سمورن نسلن جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي آهي. انسان روز اول کان ڪينءَ مذهبي ٺيڪيدارن جي ور چڙهي سزا ۽ جزا جي ڌوڪي ۾ ڦاٿل رهيو آهي ۽ انسان جڏهن شعور ماڻي مذهبي ٺيڪيدارن جي هٿ مان نڪري وڃي ٿو ته پوءِ هو ڪينءَ سزا ۽ جزا کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. هي ارتقائي نظرئي ۽ مذهبي پنڊتن جي وچ ۾ ٿيل ٽڪراءَ ۽ انسان جي مستقبل تي نگاھه وجهندڙ بهترين ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ فڪر ۽ فن انتهائي سگهارا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ رسول ميمڻ جو ڊارون واري نظرئي کان متاثر ٿيڻ ۽ مذهبن تان ويساھه کڄي وڃڻ وارو فڪر به نمايان آهي.
(3) اوجاڳي جا خواب: ڪهاڻي “هڪ دال ٻه چپاتيون” ۾ مرڪزي خيال اهو آهي ته انسان ڪمائي ڪمائي دولت گڏ ڪري ٿو، پر آخر ۾ بيمارين جي ور چڙهڻ سبب اڻڀي ماني ۽ دال تي گذارو ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو. هي هڪ اصلاحي، نصيحتي ۽ اخلاقي درس ڏيندڙ ڪهاڻي آهي. جيڪڏهن انسان پنهنجي دولت وسيلي غريبن ۽ بکايلن جي مدد ڪري کين سهولتون ڏئي ته اهو دولت جو بهترين استعمال ٿيندو. دولت پيتيءَ ۾ بند پئي رهي ۽ انسان وڃي قبر ۾ پوي ته اهڙي دولت جو ڪهڙو لاڀ ٿيندو.
ڪهاڻي طنز ۽ ٺٺول جو سهڻو مثال آهي. هي satire ۽ مزاح وارو ڏاڍو سهڻو افسانو آهي.
ڪهاڻيءَ ۾ هڪ سيٺ آهي جيڪو پئسن کي پيتيءَ ۾ گڏ ڪندو وڃي ٿو، پر هو جڏهن وڌندڙ عمر سان بيمار ٿي پوي ٿو ۽ ڊاڪٽر کيس علاج سان گڏ رک ڪرڻ جو چون ٿا ته هن جي خوراڪ دال ۽ سڪل اڻڀي ماني بڻجي وڃي ٿي. هيتري دولت هوندي به هو کائڻ پيئڻ جي نعمتن کان وانجهيل ئي هجي ٿو ۽ پيتيءَ ۾ گڏ ڪيل پيسا به سندس ڪنهن فائدي ۾ نه ٿا اچن.
ڪهاڻي “ٻه ڪڻيون” ۾ موضوع غربت ۽ بدحالي آهي، پر ان جو ڪارڻ مينهن نه وسڻ هجي ٿو. ائين چئي سگهجي ٿو ته ان ڪهاڻيءَ جو خيالtheme ماحوليات يا آبهوا جي تبديلي آهي جنهن سبب انسانذات تي پوندڙ ناڪاري اثر ظاهر ٿي پون ٿا.
ڪهاڻي “ڪافر ديوتا” ۾ وري انساني عظمت، اتحاد، ٻڌي ۽ امن جو سنيهو سمايل آهي.
“مختصر ڪهاڻين ورکا”، “ڪارو پهاڙ” ۽ “پُل جي پويان” ۾ وري اميد پرستيءَ جا موضوع آهن. انهن مختصر ڪهاڻين ۾ مايوسيءَ کان انڪار نه ٿيل آهي، پر اهو ڏيکاريل آهي ته مايوسي انسان جو لازمي جزو ضرور آهي ۽ ان کي مڃڻ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پر تنهن هوندي به مايوسيءَ کان پار پوڻو آهي ۽ اميد جو دامن ناهي ڇڏڻو.
رسول ميمڻ جا ناول: ڪنهن به تخليقيت جي عظمت ان ۾ ڪتب آندل فن، فڪر ۽ مواد تي لاڳو هوندي آهي. يعني فن ڪيترو سگهارو آهي ۽ فڪر ڪيترو عالمگيريت رکندڙ آهي ۽ مواد ڪيترو اثرائتو آهي. ان سان گڏ اسلوب سميت ڪي ٻيون شيون به گهرجائو هونديون آهن. رسول ميمڻ جي ناولن کي ڏسون ٿا ته فني پختگي، فڪر جي بلندي ۽ مواد جي جهجهائپ ملي ٿي.
(1) اڻويھه عورتون: هي هڪ تاريخي ناول آهي. ناول جي ڪهاڻي سنڌ تي عربن جي ٿيل حملي جي پس منظر ۾ آهي. هن ۾ ناول جو مکيه ڪردار ڪهيداس آهي جيڪو سندس محبوبه هارانسي کي ڏکيائين ۽ تڪليفن کانپوءِ آزاد ڪرائي ماڻي وٺي ٿو ۽ ان سان گڏ عرب جي حاڪم گهراڻي جي ڀائرن کي به صلح ڪري مسئلا ختم ڪرائي وڃي ٿو.
ناول جي پڄاڻي خوشگوار آهي ۽ خوشحال ۽ پرامن سنڌ جي تعمير جي اميد سان پوري ٿئي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ هجي يا عربستان اتان جي هيٺئين طبقي جي مظلوميت ۽ پيڙاءَ کي ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته حڪمران طبقي کي عياش، دولت ۽ طاقت جو پوڄاري، لالچي ۽ مفاد پرست ڏيکاريو ويو آهي. ائين چئجي ته هن ناول مان رسول ميمڻ جو هيٺئين طبقي جو حمايتي ليکڪ هجڻ وارو عنصر نمايان طور جهلڪي ٿو.
ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو نسلي متڀيد يا تعصب نه ٿو ملي. سنڌ جو ڪيس اهڙي نموني وڙهيو ويو آهي جو سنڌ کي مظلوم ۽ محڪوم ۽ عرب حاڪمن کي ظالم ۽ قابض به ڏيکاريو ويو آهي ته سنڌ واسين کي علم ۽ حڪمت جو ڄاڻو ۽ سونهن ۽ سوڀيا وارو به ڏيکاريو ويو آهي، پر عربن خلاف به ڪنهن به قسم جي سختي يا ساڙ ڀريو احساس جو اظهار ناهي ڪيو ويو. ان مان اهو به ملي ٿو ته ليکڪ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي حقن جو به تحفظ ڪري ٿو ۽ ٻئي ملڪ ۽ قوم خلاف سختي يا تعصباڻي پروپئگينڊا کان به پاسو ڪري ٿو. هي انتهائي ڏکيو ڪم آهي، پر رسول ميمڻ ڏاڍي سهڻي ۽ سولي نموني تڪميل تي پهچايو آهي.
ناول جو موضوع تاريخ آهي، پر ان سان گڏ ان ناول ۾ تاج ۽ تخت ماڻڻ وارن سياسي لاهن چاڙهن جا اولڙا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن ناول ۾ قوم پرستيءَ وارو لاڙو پڻ سمايل آهي. ان حساب سان هي ناول قومي ناول ۾ پڻ شمار ٿيندو. وري هن ناول منجھه واقعاتي ناول وارو عنصر پڻ آهي ڇاڪاڻ ته هي ناول سنڌ تي عربن پاران ڪيل حملي ۽ قبضي واري سچي واقعي تي سرجيل آهي.
(2) ناول “اک ڇنڀ” ۾ سريئلزم به آهي ته ان ۾ تاريخي عنصر به آهي. سنڌ شناسي ۽ ڌرتيءَ سان محبت به رسول ميمڻ جو خاص موضوع آهي جيڪو مختلف افسانن ۾ ڇلڪندي نظر اچي ٿو. ان مان رسول ميمڻ جو ڌرتيءَ سان جڙيل رهڻ ۽ مٽيءَ سان محبت وارو لاڙو به چٽو ٿي سامهون اچي ٿو.
انهن ٻنهي ناولن يعني “اڻويھه عورتون” ۽ “اک ڇنڀ” ۾ ناسٽيلجيائي ڪيفيت پڻ آهي. “اڻويھه عورتون” ۾ ڪهيداس جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ (سنڌ) کان ڪيڪانان پهچي ٿو ته هو هر وقت سنڌ جي ياد ۾ ٻڏل رهي ٿو. اک ڇنڀ ۾ به خاص علائقي جو بيان آيل آهي.
(3) ناول “اسٽيل جا پنج گلاس” ۾ علامت نگاري به ملي ٿي، پر وري ان ناول جو موضوع يا خيال سياست ئي آهي. هتي پنج گلاس اصل ۾ پاڪستان جي چئن صوبن ۽ وفاق جي علامت طور آيل آهن.
(4) ناول “ڪتا” ۾ علامت نگاري به آهي ته ڪتي کي انسانن جيان سوچڻ، سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ واري پرک ڏئيpersonify به ڪيو ويو آهي جيڪو ڏاڍو ڪامياب ۽ اثرائتو تجربو ٿيل آهي. ان سان گڏ هن ناول ۾allegorical انداز ۾ همعصر اديبن ۽ نقادن تي satire جي انداز ۾ پڻ ڪافي جملا ملن ٿا.
(5) ناول “قالو بليٰ” رسول ميمڻ سندس هڪ ڊاڪٽر دوست جي گهرواريءَ جي وفات جي پسِ منظر تي لکيو هو. سندس اهو دوست پنهنجي گهرواريءَ سان ڏاڍي محبت ڪندو هو، پر هوءَ هڪ رات سندس ٻانهن ۾ فوت ٿي وئي. اھو ڊاڪٽر صبح تي جاڳيو ته زال کي مئل حالت ۾ ڏٺائين. ان جو ٿڌو ٿيل لاش سندس ٻانهن ۾ هو. ان واقعي تي هي هيڏو فلسفاڻيو ناول لکيل آهي. ظاهري طور تي ته هي هڪ واقعي جي تناظر ۾ لکيل آهي، پر ناول ۾ غضب جو فڪر سمايل آهي. پختو فن به آهي ته مواد به جهجهو آهي.
هڪ حقيقي واقعي کان متاثر ٿي ان کي تخيل ۾ آڻي ڪمال جو افسانو لکيو ويو آهي. هي ناول وسيع مطالعي جي به عڪاسي ڪري ٿو ته سگهارو تخيل به ملي ٿو.
مرڪزي ڪردار وارث جيڪو مرندڙ زال جي لاءِ حياتي وٺڻ نڪري ٿو ۽ هو ديوتائن، پيغمبرن، ولين، نبين، فلاسافرن، بادشاهن، حڪيمن، رِشين ۽ جنگجوئن کان زال عشناء لاءِ حياتي ڏيڻ ۽ موت کي ٽارڻ جي گذارش ڪندو رهي ٿو، پر ڪٿان به کيس حياتي نه ٿي ملي. ان ريت هڪ طرف ته موت اٽل آهي ۽ ان کان ڪير به بچي نه ٿو سگهي جو فڪر آهي ته ٻئي پاسي وري مذهبن ۽ مذهبي شخصيتن تي سوال به اٿاريل آهي جن جي باري ۾ معجزن ۽ ڪرامتن جا انيڪ قصا موجود آهن ۽ انهن کي موت ۽ حيات تي دسترس مليل هجڻ جون دعوائون به ڪيل آهن، پر هن ناول مان اهو پيغام ملي ٿو ته اهي عظيم هستيون فقط ذڪر ڪيل ڳالهين تائين ئي محدود آهن ۽ حياتي ڏيڻ ۽ موت کي ٽارڻ ۾ حقيقي طور تي ڪا به مدد نه ٿا ڪري سگهن. ان حساب سان ناول ۾ مذهبن ۽ مذهبي شخصيتن خلاف واضح خيال پڻ ملي ٿو.
ناول ۾ گهرو فڪر به آهي ته رومانس پڻ ملي ٿو. ناول جي خاص ڳالهھ انتهائي جهجهو مواد ۽ اثرائتو بيان آهي جيڪو پڙهندڙ کي جڪڙي رکي ٿو.
رسول ميمڻ جا ترجما: رسول ميمڻ 1988 ۾ ڊيوڊ ڪلراس پيٽي جو ڪتابThe Lives Of Destiny جو ترجمو “ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن” جي نالي سان ڪيو هو، پر هي ڪتاب مڪمل ترجمو ناهي. پاڻ ڪتاب جا ڪيترا ئي حصا ڄاڻي واڻي ترجمو نه ڪيا هئائون. رسول ميمڻ ان ڪتاب جا چونڊ پنجن شخصيتن تي لکيل مضمون ترجمو ڪيا آهن. جن ۾ مائيڪل اينجيلو، موزارٽ، ليونارڊو ڊاونچي، والٽيئر ۽ چارلس ڊارون آهن. رسول ميمڻ لکي ٿو ته “موزارٽ، ڊاونچي ۽ مائيڪل اينجيلو اهي شخصيتون آهن جيڪي هڪ ديو جيان منهنجي سوچن جي بوتل ۾ سالن کان بند رهيون آهن” جڏهن ته چارلس ڊارون لاءِ لکي ٿو ته “ان جو نظريو The Theory Of Natural Selection پڙهڻ کانپوءِ الله تي يقين ته رهيو، پر مذهبن جو انڪاري ٿي ويو هئس.”
ڪتاب جي مهاڳ ۾ رسول ميمڻ لکي ٿو ته:
“هن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي ڪنهن شخصيت کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ان جي اصلي لکڻيءَ کي ڪتاب ۾ پڻ وڌايو ويو آهي، جنهن مان ٻين ڪتابن مان مدد ورتي آهي. چارلس ڊارون تي لکيل خاڪي ۾ ان جو نظريو سڄو سارو هڪ ٻئي ڪتاب تان ترجمو ٿيل آهي، صرف سوانحي خاڪو اصل مصنف جو ڏنل آهي. سورهن سال اڳ مون جڏهن پنهنجي ڪورس جي ڪتاب ۾ ڊارون جو نظريو The Theory Of Natural Selection پڙهيو هو ته ان ڏينهن کان خدا جي وجود جو ته پڪو اقراري ٿي پيس، پر مذهب جو انڪاري ٿي پيو هئس. جيڪڏهن قيامت ٿي ته خدا کي اهو ئي چوندس ته اهو سڀ ڊارون ئي هو جنهن پنهنجي نظريي کي ڪجھه اهڙن پختن مشاهدن سان پيش ڪيو جو مون وٽ انهن جي قبول ڪرڻ کانسواءِ ڪو به جواز نه هو. ڪو به ماڻهو جڏهن ارتقائي عمل تي غور سان ويچار ڪري ٿو ته ان جو مذهب تان ايمان ئي کڄي وڃي ٿو.”
سندس ترجمو ڪيل ٻيو ڪتاب “ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب” آهي. هي ڪتاب ميلان ڪنڊيرا جي مختصر انٽرويو، هڪ ڪهاڻي ۽ ناول The Book Of Laughter and Forgetting جو تت ڏنل آهي ۽ ان ناول تان ئي ترجمي واري ڪتابڙي جو نالو رکيل آهي. هي هڪ مختصر ترجمي وارو ڪتاب آهي. ان ترجمي بابت رسول ميمڻ لکي ٿو ته “مان وڏي بي دليءَ سان ميلان ڪنڊيرا جي لکڻين جو ترجمو ڪري رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته ميلان ڪنڊيرا سرد جنگ وارن ڏينهن ۾ ڪميونزم خلاف ڳجهي طور سي.آءِ.اي جو پگهاردار ايجنٽ ٿي ڪم ڪندو رهيو. هيڏو وڏو اديب ايڏي وڏي منافقي ڪندو رهيو.”
ترجمي لاءِ اهي ڪتاب ڇو چونڊيائون: ڪو به مترجم ڪنهن به تخليق کي ترجمو ڪرڻ وقت ٻه اهم ڳالهيون سامهون رکندو آهي. هڪ ته هو پاڻ ان تخليق کان ڪافي متاثر ٿيل هوندو آهي. ٻيو وري وقت ۽ دور جي نزاڪتن کي ڏسندي ان ڪتاب جو ترجمو ضروري سمجهندو آهي. ان موجب ترجمو “ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن” وارو ڪتاب ان ئي خيال کان ترجمو ڪيو ويل ملي ٿو. باقي ترجمي ڪرڻ جو ٽيون سبب دوستن يا پبلشر پاران فرمائش ڪرڻ تي ڪيو ويندو آهي. ان حساب سان ڏسجي ته ميلان ڪنڊيرا وارو ڪتاب سنگت ۾ ها ۾ ها ملائڻ ڪري ترجمو ڪيو ويل ملي ٿو.
ڪنڊيرا جي لکڻين کي ترجمو ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي چوي ٿو ته “منهنجي دوست نثار منصور چيو ته رسالي پرک ۾ ميلان ڪنڊيرا نمبر ڇاپڻ لاءِ کيس هي ڪتاب ترجمو ڪري ڏيان سو دوستن سان ها ملائڻي پوندي آهي ان ڪري ترجمو ڪري ورتم”.
هتي ڏسجي ٿو ته ٻنهي ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي ٻه الڳ الڳ سبب ڏنا اٿس. پويون ڪتاب سنگت ۾ مجبوريءَ هيٺ ۽ پهريون ڪتاب وري سندس سوچن تي حاوي ٿيندڙ شخصيتن کان متاثر ٿيڻ سبب کيس سنڌي پڙهندڙن تائين آڻڻ واري سوچ سبب.
رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “امن جي نالي” 1977 ۾ آيو. وري 1979 ۾ سندن شاعريءَ جو پهريون ڪتاب “اوشا جي آشا” ۽ سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “ڪافر ديوتا” آيا. 1981 ۾ سندس ڪهاڻين جو ٽيون مجموعو “چچريل زندگين جا قافلا” آيو ۽ 1993 ۾ سندس ڪهاڻين جو ڳٽڪو “ابابيل جي آخري اڏام” آيو. جڏهن ته سندس ترجمي جو پهريون ڪتاب 1988 ۾ آيو. اتي ٿورو غور ڪجي ته سندس ٻن ڪهاڻين جي مجموعي ۾ 1981 کان 1993 جي وچ ۾ 13 سالن جو خال آهي. ان دوران لڳي ٿو ته سندس خيالن ۽ سوچن ۾ تبديلي ايندي رهي ۽ سندن مطالعو وسيع کان وسيع تر ٿيندو ويو. ۽ پاڻ لکڻ بدران مطالعي تي گهڻو ڌيان ڏنو اٿس. سندن ٻيو ترجمو “ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب” وري ڪافي عرصي بعد آيو.
ترجمي نگاريءَ لاءِ رسول ميمڻ لکي ٿو ته “ترجمو ڪو تخليقي عمل ناهي. ڪا به نئين شيءِ سرجڻ لاءِ هڪ اديب کي وڏي فڪر، پيڙاءَ، ۽ مشاهدي مان لنگهڻو پوي ٿو. جڏهن ته ترجمو ڪنهن تخليق کي پنهنجي زبان ۾ ڪاپي ڪرڻ آهي. ان ڪري مان چاهيندس ته مون کي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر رسول ميمڻ جي نالي سان سڃاتو وڃي.”
هي سندس ترجمي نگاريءَ بابت ذاتي خيال آهي. شايد ان ڪري ئي پاڻ وڌيڪ ترجمن ۾ هٿ نه وڌو هئائون. اڄ به مترجم کي تخليقڪار جيتري اهميت ناهي. مترجم ته الڳ ڳالھه ٿي، پر اسان وٽ ته نقاد کي به اها مڃتا ۽ اهميت نه ٿي ملي. خير اهو وري الڳ بحث ٿيندو ان ڪري ان کي ڇڏيون ٿا.
اتان اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هڪ ترجمو دوست جي چوڻ تي سنگت ۾ گڏ هجڻ طور ۽ ٻيو ترجمو پنهنجي پسنديده شخصيتن کي سنڌي پڙهندڙن تائين پهچائڻ واري خيال کان ڪيائون ۽ ان ۾ اهو به آهي ته پاڻ اهو فڪر پڙهندڙن تائين پهچائڻ ٿي چاهيو جنهن فڪر کان پاڻ متاثر ٿي مذهبن تان هٿ کڻي ناستڪ بڻجي ويو هو. هونءَ به ڪو به مترجم ڪنهن به تخليق کي ترجمو ڪرڻ وقت ٻه اهم ڳالهيون سامهون رکندو آهي هڪ ته هو پاڻ ان تخليق کان ڪافي متاثر ٿيل هوندو آهي. ٻيو وري وقت ۽ دور جي نزاڪتن کي ڏسندي ان ڪتاب جو ترجمو ضروري سمجهندو آهي. ان موجب ترجمو “ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن” وارو ڪتاب ان ئي خيال کان ترجمو ڪيو ويل ملي ٿو. باقي ترجمي ڪرڻ جو ٽيون سبب دوستن يا پبلشر پاران فرمائش ڪرڻ تي ڪيو ويندو آهي.
هاڻي ڏسون ٿا ته رسول ميمڻ 80 وارن شروعاتي سالن ۾ جيڪو چيو ته ترجمو گهٽ اهم آهي ۽ مان مترجم طور نه ٿو سڃاپجڻ چاهيان ته اڄ 40 سالن کانپوءِ به ڏسون ٿا ته تخليقڪار آڏو مترجم جي اها حيثيت ناهي ۽ 40 سال اڳ ڪيل سندس سوچ ۽ فڪر اڄ به سچو ملي ٿو. پاڻ جن سببن جي ڪري ترجمي مان هٿ ڪڍيائون اهي به پاڻ ئي واضح ڪري ويا هئا ۽ جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيائون انهن جي وضاحت به هڪ هنڌ ملي ٿي ته ٻئي هنڌ پڙهندڙ پاڻ ئي سمجهي وڃي ٿو.
۽ هاڻي اسان اهو به ڏسون ۽ سمجهون ٿا ته جيڪڏهن رسول ميمڻ ترجما ڪندو رهي ها ته پوءِ پاڻ کوڙ تخليقي ڪم کان پري رهجي وڃي ها ۽ سنڌي افسانو ۽ فلسفو ڪجهھ اهم تخليقي ڪتابن کان محروم رهجي وڃي ها.
باقي ترجمي لاءِ اهو آهي ته فيض احمد فيض، سعادت منٽو، ڪرشن چندر ۽ قرت العين حيدر جهڙن وڏن نالن به انگريزي ٻوليءَ کان اردوءَ ۾ ترجما ڪيا آهن. پوءِ انهن ڪتابن جي اهميت کي ڏسندي ترجمو ڪيو يا ڪنهن ٻي سوچ سبب ترجما ڪيا، پر اهو آهي ته مترجم جي کڻي ٿوري ئي سهي، پر ادب ۾ اهميت ضرور آهي. ان مان پنهنجي ٻوليءَ جي ليکڪن کي به وسيع خيال ۽ نرالا اسلوب ملي وڃن ٿا ۽ پڙهندڙ به پنهنجي ٻوليءَ ۾ سرجندڙ ادب جي دنيا سان ڀيٽ ڪري وڃي ٿو ۽ خبر پوندي رهي ٿي ته اسان شاعري، مختصر ڪهاڻي ۽ ناول وغيره ۾ باقي دنيا جي ڀيٽ ۾ ڪٿي بيٺل آهيون.