بلاگ

گذريون جي اوهان ساڻ گهڙيون، ياد ڪنداسين!

سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جي موجوده سيڪريٽري سُهڻي شاعر، اديب ۽ اُستاد سائين رضا لانگاھ سميت سڀني عھديدارن ۽ ميمبرن جا نهايت ٿورائتا آهيون، جن اسان جي پياري دوست خوبصورت تخليقڪار صوفي امتياز ٻلالَ جي پهرئين شعري مجموعي ”درد ميڙي مون رکيا“ جي مهورتي تقريب آچر جي ڏينهن 20 نومبر 2022ع تي مهراڻ سٽيزن ڪلب موري ۾ تمام خوبصورت انداز ۾ رچائِي. باقي اُنهن مهمانن ته ريءَ ناڻي ۽ نفعي جي اسان کي خريد ڪري ڇڏيو جيڪي اسان جي شهر موري سميت سڄي سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇَ مان قربَ جا قدم ڀري ڪَهي آيا. اسين ڪهڙن ڪهڙن شهرن ۽ مٺن ماڻهن جا نانءُ کڻون؟ سڀ اسان جي لاءِ مهان ۽ مانائتا آهن. جن اسان عاجزن کي عزت ۽ اُلفت بخشيندي صوفي امتياز ٻلال جي شاعريءَ ۽ شخصيت تي تمام بهترين نموني عالماڻي انداز ۾ روشني وڌي ۽ هڪ وڏو اعزاز بخشي ڇڏيو. اُنهن جون به عنايتون سمجهون ٿا جيڪي ڪنهن مجبوريءَ سبب پهچي نه سگهيا، پر معذرت ڪيائون ۽ پنهنجا لکيل مقالا ڏياري موڪليائون. مهراڻ سٽيزن ڪلب موري جي مانائتن سرواڻن جي صداقت به سانڍڻ جهڙي آهي. جن آيل مهمانن جو جوڳو بندوبست ڪيو. مذڪوره پروگرام ۾ آيل فنڪارن ۽ صحافين کي به وساري نٿو سگهجي جن عاليشان موٽ ڏني ۽ ڪلاڪن جي تقريب کي سالن/صدين تائين محفوظ بڻائي ڇڏيو. بقول سائين راشد مورائيءَ جي:

وڻ جنهن به هيٺ ويهجي، ان کي به ڪجي ياد،

ساٿين جي ذڪر ساڻ، سدائين رَهي دل شاد.

ڪنهن سک ته ڪنهين سُور ڏنا، پو به اي راشد،

منهنجي ته دعا آھ ته سڀ خوش هجن آباد.

اسٽيج سيڪريٽريءَ جو ڪردار به ڪمال جو هجي ٿو جيئن ڪو ڄاڻو ڊرائيور سڄي گاڏيءَ کي ڪنٽرول ڪندو آهي ۽ جاڏي وڻيس تاڏي ورائي، گاڏيءَ جي گهٽ وڌائي ۽ پُرزي پُرزي تي نظر رکندو آهي. تيئن اسٽيج سيڪريٽري به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو آهي. ساري پنڊال کي خاموش رکڻ تائين، پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ تائين ۽ هڪ هڪ مهمان کي مانُ ڏئي موتين جا هار پارائي اسٽيج تي گهرائڻ تائين، سندس ڪاوشون قابلِ تعريف هونديون آهن، اهڙيءَ طرح اسان جي پروگرام کي به پنهنجو سمجهي موري جي محبوب شخصيت سهڻي شاعر ۽ محقق نوجوان خالد ساحل ڪيريي اسٽيج سنڀالي ۽ آخر تائين اُن کي پُر رونق ۽ پُر لُطف سجائي رکيائين سندس مهربانيون چُمي چشمن تي چائڻ جهڙيون آهن. تقريب جي صدارت ڪندڙ سائين معشوق ڌاريجي جون مڻين محبتون جنهن هميشه هر حال ۾ موري جي مقدس مٽيءَ جو مرتبو مٿانهون ڪيو آهي، هن ڀيري به قيمتي وقت ڏئي صَدارتَ جي سيجَ جا سِينگارَ بڻيا. مطلب ته اسان سَڀني سَڄڻن جا وري وري شُڪرگُذار آهيون جن اسان جي سڏ ۾ سڏ ڏئي اسان جي ساھَ پَساھَ کي ويساھَ ۽ اُتساھَ جا اڻ ڳڻيا ۽ انمول تحفا اَرپيا. اُهي تحفا گُلن جي گُلڪاريءَ ۾، اَجرڪن جي اوٽَ ۾، هارن جي هٻڪارُن ۾ ۽ مقدس لفظن جي لباسن ۾ اوڍيل نظر آيا.

بَهرصُورت! اهڙا سَڀئي سُندر سانگَ سَجائڻ ۾ جن پيارن ڪشالا ڪڍيا، قَدم قَدم تي ڪَٺي رهيا ۽ قيمتي وقت جي قُرباني ڏني تن جا ته نانءُ کڻڻ کانسواءِ روح نٿو رهِي سگهي. اُنهن ۾ اسان جو اَدبي اُستاد قبلا سائين سيد منظور علي شاھ ”منظور“، سيد مُختيار علي شاھ ”مُختيار“، مُحبتي ملاح، پير شمس الدين ”شمس“، عبدالرزاق ٻلال، ڊاڪٽر خالد ٻلال، ڊاڪٽر وجھ الدين ميمڻ، عزيز سابقي، علي اصغر ڪانڌڙو، آصف ڪورائي، ايڊووڪيٽ وقار ٻلال، منصور ٻلال، غلام حسين ”گهايل“ مغيري، اظهار رضا لانگاهه، رسول بخش گچيرائي، ڄام صنم سنڌي، نياز مورائي، سجاد اڪبر مغيري، فنڪار طارق علي ابڙو ۽ ٻيا. آخر ۾ سائين راشد مورائيءَ جون سِٽون سندن نالي ڪجن ٿيون:

گذريون جي اوهان ساڻ گھڙيون، ياد ڪنداسين!

مکڙيون جي محبت جون ٽِڙيون، ياد ڪنداسين!

ڪن ٽوڙي ڇڏيون ٿي، ڪنين مضبوط ڪيون ٿي،

سي قرب ۽ الفت جون ڪڙيون، ياد ڪنداسين!