سمرقند
ناول- قسط چوڏهين
ترجمو: زاهده ابڙو
جلد ئي سڄي سلطنت ۾ بيچيني پکڙجي وئي، حڪومت جو نظام مفلوج ٿي ويو، سپاهين جي چرپر جي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ لڳي ۽ ماڻهو خانا جنگيءَ بابت ڳالهائڻ لڳا- چيو ٿي ويو ته نظام اصفهان جي ڪجهه علائقن ۾ هٿيار ورهايا آهن- بازارن مان وڪري جون شيون غائب ڪيون ويون- خاص خاص بازارن، خاص طور سونارن جوهرين جا دروازا منجهند جي وقت بند ڪيا ٿي ويا- ديوان علائقي جي ويجهو ڇڪتاڻ واري ڪيفيت عروج تي هئي- وزيراعليٰ کي پنهنجو دفتر حسن جي حوالي ڪرڻو پيو، پر ان جي رهائشگاهه ديوان سان لڳو لڳ هئي ۽ رڳو هڪڙي ننڍڙي باغيچي ئي ان جڳهه کي ان کان ڌار ٿي ڪيو جيڪا جاءِ ان جي مد مقابل جي حوالي ٿي چڪي هئي- هاڻي اهو باغيچو حقيقت ۾ فوجن جي رهائشگاهه ۾ تبديل ٿي ويو، ۽ نظام جو ذاتي پهرو ڏاڍي بيچيني سان سندس حفاظت ڪري رهيو هو پيرن کان وٺي مٿي تائين هٿياربند-
عمر کان وڌيڪ پڇتاءُ ٻئي ڪنهن کي نه هو- هن چاهيو ٿي ته هو مداخلت ڪري ته جيئن گرميءَ پد ٿورو هيٺ لهي ۽ مخالفن جي وچ ۾ ٺاهه جو ڪو سبب نڪري- جيتوڻيڪ نظام اهڙي حالت ۾ به سندس استقبال خوشيءَ سان ڪندو هو، پر ”زهر ۾ ٻڏل تحفو“ ڏيڻ تي کيس ست سُريون به ٻڌائيندو هو- ٻئي پاسي حسن پنهنجو وقت ڪاغذن سان گڏ بند ٿي ليکو چوکو تيار ڪرڻ ۾ گذاري رهيو هو جيڪو کيس سلطان کي پيش ڪرڻو هو- هو پنهنجي وفادارن جي گهيري ۾ صرف رات جي وقت ئي چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ ديوان جي قالين تي ٿي ليٽيو-
فيصلي جي وقت اچڻ کان ٽي ڏينهن اڳ، خيام هڪ صلح صفائي جي آخري ڪوشش ٿي ڪرڻ چاهي- هو حسن جي قيام گاهه تي ويو ۽ ساڻس ملاقات لاءِ زور ڀريو، پر کيس اهو جواب ڏنو ويو ته هو هڪ ڪلاڪ کانپوءِ اچي ڇو ته هن وقت ”خبر رسان“ خابرن سان گفتگو ۾ مصروف آهي- خيام سوچيو ته ٻاهر ٿوري چهل قدمي ڪري وٺي، پر اڃان دروازي تي ئي پهتو هو ته شاهي خواجه سرائن مان هڪ جنهن کي مٿي کان وٺي چوٽيءَ تائين ڳاڙهو وڳو پاتل هو کيس مخاطب ڪيو:
”خواجه عمر مهرباني فرمائي منهنجي پٺيان هلندا اچو، اوهان جو انتظار ڪيو پيو وڃي-“ خيام ان جي قيادت ۾ تهه خانن جي راهدارين مان چاڙهين تان ورن وڪڙن مان ٿيندو هڪ باغ ۾ نڪتو جنهن جي وجود جو ڪنهن کي ڪو شڪ ئي نٿي ٿي سگهيو- هر پاسي مور آزاديءَ سان پئي ٽليا زردالن جي وڻ تي مکڙيون ٽڙيل هيون ۽ ڦوهارن مان پاڻيءَ جو آواز اچي رهيو هو، هو ڦوهاري جي پٺئين پاسي هڪ ننڍڙي قد جي دروازي تي پهتا جنهن تي سپين جو جڙاءُ ٿيل هو خواجه سراءِ دروازو کوليو ۽ کيس اندر قدم رکڻ لاءِ چيو-
اهو هڪڙو بيحد ڪشادو ڪمرو هو جنهن جي ڀتين تي بخمل چڙهيل هو ۽ هڪ پاسي کان هڪ محرابي ڪنڊ ٺهيل هئي جنهن تي پردو ٽنگيل هو، جنهن ۾ هن وقت هلڪي چرپر ٿي رهي هئي ۽ پردي پٺيان ڪنهن جي موجودگيءَ جو پتو ڏيئي رهي هئي- خيام اڃان داخل ئي مس ٿيو هو ته هلڪي آواز سان دروازو بند ٿي ويو- انتظار ۽ پريشانيءَ جو هڪ ٻيو لمحو آيو جنهن کانپوءِ کيس هڪ عورت جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو- هن کيس نه سڃاتو، کيس لڳو سندس لهجو ترڪي ٻولي ڳالهائڻ واريءَ جو هجي ان جي باوجود، آواز هلڪو ۽ لفظ ڏاڍا تيز، جن مان بس ڪجهه ايئن اڀري رهيا هئا ڄڻ ڪنهن طوفاني وهڪري ۾ جبلن جا ٽٽل پٿر- اصل ڳالهه کان ته هو نا واقف ئي رهيو ۽ هن خاموش رهڻ چاهيو ته جيئن عربي يا فارسي ۾ ڳالهائڻ لاءِ چئي سگهي، جيڪڏهن ايئن نه ته پوءِ ٿورو هوريان هوريان ئي ڳالهائي، پر هڪ عورت سان پردي جي پويان ڳالهائڻ ڪو سولو ڪم نه هو- اوچتو ئي هڪ ٻئي آواز ميدان سنڀاليو:
”منهنجي بيگم ترڪين خاتون، سلطان جي گهرواري هن ملاقات لاءِ توهان جي اچڻ تي شڪرگذار آهي-“
هن ڀيري زبان فارسي هئي، ۽ آواز اهڙو جنهن کي خيام قيامت جي ڏينهن ڪنهن بازار ۾ به سڃاڻي سگهيو ٿي- هو رڙ ڪرڻ وارو هو، پر سندس رڙ تيزيءَ سان پرمسرت پر غمزده جهونگار ۾ تبديل ٿي وئي:
”جهان!“
هن پردي جي ڪنڊ کي هڪ پاسي سوريو، پنهنجو نقاب مٿي ڪيو ۽ مسڪرائي، پر اشاري سان کيس پنهنجي ويجهو اچڻ کان روڪيو-
”سلطانه،“ هن چيو، ”ديوان ۾ پيدا ٿيڻ واري بيچينيءَ کان پريشان آهي اختلافات تمام گهڻا وڌي چڪا آهن ۽ خونريزي ٿيڻ واري آهي- خود سلطان ان بابت پريشان آهي ۽ تمام حساس ٿي چڪو آهي حرم ۾ سندس قهر ۽ ڪاوڙ جي گونج آهي- اها صورتحال گهڻي دير تائين قائم نٿي رهي سگهي سلطانه کي معلوم آهي ته توهان ناممڪن جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو اها ئي ته اوهان مخالفن وچ ۾ مصالحت ڪرايو، ۽ اهي اوهان کي ڪامياب ڏسڻ چاهين ٿا، پر اها ڪاميابي اڃان پري آهي-“
خيام پنهنجي مايوسيءَ جو اظهار پنهنجي مٿي کي هلڪي حرڪت ڏيندي ڪيو- جهان پنهنجي ڳالهه جاري رکي:
”ڳالهه ايتري پري وڃي پهتي آهي جو ترڪي جي خاتون ان ڳالهه کي ترجيح ٿي ڏي ته ٻنهي مخالفن کي برطرف ڪري وزارت ڪنهن لائق شخص جي حوالي ڪئي وڃي جيڪو طبيعت جي جوش کي قابو ڪري سگهي سندس خيال ۾ هن جو مڙس اسان جو آقا سازش ڪرڻ وارن جي وچ ۾ ڦاٿل آهي، پر کيس صرف هڪ ماڻهوءَ جي ضرورت آهي جيڪو دنيا جي لوڀ لالچ کان پاڪ هجي جيڪو راءِ ڏيڻ جي قابل هجي ۽ بهترين صلاحڪار هجي- جيئن ته سلطان اوهان جي ڏاڍي عزت ڪري ٿو هوءَ چاهي ٿي ته کيس وزيراعليٰ جي لاءِ توهان جو نالو تجويز ڪرائي اوهان جي نامزدگي سان پوري درٻار کي مطمئن ڪري- ان کانسواءِ هوءَ اهو به چاهي ٿي ته ان تجويز پيش ڪرڻ کان پهرين کيس توهان جي رضامنديءَ جو يقين هجڻ گهرجي-“
ان سڄي عرضداشت کي هضم ڪرڻ ۾ عمر کي ٿورو وقت لڳو، هن رڙ ڪري چيو: ”خدا جو قسم، جهان! ڇا تون هي تباهي ٿي چاهين؟ ڇا تون مون کي سلطنت جي سپاهين جي قيادت ڪندي ڏسي سگهين ٿي، ماڻهن جا سر قلم ڪندي يا تون مون کي غلامن جي بغاوت کي روڪيندي ڏسي سگهين ٿي؟ مون کي منهنجي نجوم جي لاءِ بخش ڪر!”
”منهنجي ڳالهه ٻڌ، عمر- چڱيءَ طرح سان ڄاڻان ٿي ته توکي رياست جي معاملن ۾ رتيءَ برابر به دلچسپي ناهي، پر تنهنجو ڪم صرف ايترو هوندو ته تون اتي موجود رهه! فيصلو ۽ ان جي انجام تائين رسائڻ جو ڪم ٻيا ڪندا!“
”ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي اصلي وزير تون هوندين ۽ تنهنجي مالڪه حقيقي سلطان- ڇا اهو سڀ ڪجهه ناهي جنهن جو تون طلبگار آهين؟“
”تون ڇو پريشان ٿيڻ لڳو آهين ان سڄي ڳالهه مان؟ سڄي واهه واهه تنهنجي هوندي ۽ پريشاني ڪابه نه- ان کان وڌيڪ بهتري جي ڪهڙي اميد رکي سگهين ٿو؟“
ترڪين خاتون پنهنجي تجويز ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ مداخلت ڪئي- جهان ترجمو ڪيو:
”منهنجي مالڪه فرمائي ٿي ته اسان جو حڪومتي نظام ان لاءِ ته ابتر ٿيو آهي جو اوهان جهڙا ماڻهو سياست کان پري ٿا ڀڄن- سندس خيال موجب اوهان ۾ بهترين وزير ٿيڻ جا سڀئي گڻ موجود آهن-“
”انهن کي چئي ڇڏ ته حڪومت هلائڻ لاءِ جن گڻن جي ضرورت هوندي آهي اهي نه جنهن سان اقتدار حاصل ٿيندو آهي- نظام کي صحيح طرح سان هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته انسان پنهنجو پاڻ کي فراموش ڪري ڇڏي ۽ ٻين جو ئي خيال رکي- خاص طور تي اهو سڀني کان وڌيڪ غريب ۽ بي سهارا هجي، اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو سڀ کان وڌيڪ لالچي هجي صرف پنهنجي مفادن کي آڏو رکي ۽ پنهنجي ويجهن دوستن کي چٿڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ تيار هجي، رهيس مان ته مان ڪنهن کي به چيڀاٽڻ وارو ناهيان!“
ٻنهي عورتن جا منصوبا دير جو شڪار ٿي ويا- عمر سندن گهرجون قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هونئن به انهن مان ڪو نتيجو نڪرڻ وارو نه هو ڇو ته نظام ۽ حسن جو تڪرار ضرور ٿيڻو هو-
ٺيڪ انهيءَ ڏينهن ٻڌڻيءَ واري ڪمري جي ڪيفيت هڪ پرسڪون ملهه جي ميدان جهڙي هئي، ۽ جيڪي پندرهن ماڻهو اتي موجود هئا اهي خاموشيءَ سان ان سڄي منظر جو نظارو ڪرڻ تي مجبور هئا- ملڪ شاهه عام طور تي ڏاڍو زنده دل هلڪي هلڪي لهجي ۾ پنهنجي حاجب سان ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف هو، گڏوگڏ پنهنجي مخصوص انداز سان پنهنجي مُڇن کي هٿ سان ڇڪي تاءُ ڏيندو ٿي رهيو وقفي وقفي سان پنهنجي سپاهين تي نگاهه به رکندو ٿي ويو- حسن بيٺو هو، چيني ريشم جو ڪارو چغو ۽ ڪاري رنگ جي دستار ٻڌل هئس معمول جي خلاف ڏاڙهي جهڪيل هئس- سندس چهرو گهنجيل هو- سندس تاءُ واري نگاهه نظام سان نظرون چار ڪرڻ لاءِ تيار هئي، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ سبب ڳاڙها ڏورا واضح نظر اچي رهيا هئا سندس پٺيان هڪ انتظام سنڀالڻ وارو ماڻهو چمڙي جي ويڪري ڦيٿي ۾ ڪاغذن جو ڍير سنڀالي بيٺو هو- ان امتياز ۽ رعايت جي سبب جيڪا وڏي عمر جي ڪري ملندي آهي، وزير به ڪرسيءَ تي ويٺل هو بلڪه ايئن چئجي ته ڍير ٿيو پيو هو- سندس چغو سرمائي هو سندس ڏاڙهي چٽڪمري ۽ پيشاني گهنجن سان ڀريل هئي- صرف سندس نگاهه ۾ ئي شباب جو رنگ ۽ هوشياري هئي بلڪه ايئن چئجي ته سندس اکيون چمڪي رهيون هيون- سندس ٻئي پٽ ساڻس گڏ آيا هئا جن جي اکين مان نفرت ۽ بغاوت صاف نظر اچي رهيون هيون-
عمر سلطان جي ڀر ۾ ويٺل هو ايترو سنجيده ڄڻ پنهنجن حواسن جي زير اثر نظر اچي رهيو هو- هو پنهنجي ذهن ۾ مختلف مصالحتي لفظ ترتيب ڏيئي رهيو هو جن کي ادا ڪرڻ جي نوبت يقينن اچڻ واري نه هئي-
”خزاني جي حالت متعلق هڪ تفصيلي حساب اڄ جي ڏينهن اسان کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو- ڇا اهو تيار آهي؟“ ملڪ شاهه پڇيو-
حسن جهڪيو-
”منهنجو واعدو پورو ٿيو- هي آهي سڄو ليکو چوکو-“
هو پنهنجي انتظامي ماڻهوءَ طرف مڙيو جيڪو ڏانهنس ٻه قدم اڳتي وڌي آيو ۽ ڏاڍي احتياط سان چمڙي واري ڦيٿي جي ڳنڍ کولي، جنهن ۾ هن سڀني ڪاغذن کي هڪڙي جاءِ تي جمع ڪري رکيو هو- صباح انهن کي پڙهڻ شروع ڪيو شروعاتي صفحه جيئن رواج مطابق هئا جنهن ۾ شڪر جو اظهار ٿيل هو نيڪ تمنائن جو خطبو هو ۽ ڏاڍيون سٺيون، شگفته ۽ عقل سان ڀريل ڳالهيون هيون، پر ٻڌڻ وارا ڪنهن ٻي شيءِ جا منتظر هئا- ۽ اها اجهو آئي:
”مان بلڪل صحيح حساب ڪتاب ڪري سگهيو آهيان،“ هن اعلان ڪيو ”ته هر صوبي ۽ معلوم شهر جي محصول واري دفتر شاهي خزاني ۾ ڇا ڇا داخل ڪيو آهي- ساڳئي ريت مون ڦورن کان حاصل ڪيل مال جو اگهه متعين ڪيو آهي ۽ هاڻي مون کي معلوم ٿيو آهي ته سون ڪيئن استعمال ٿيو آهي…“
هن ڏاڍي اعتماد سان پنهنجو گلو صاف ڪيو، جيڪو صفحو هاڻي هاڻي پڙهيو هئائين اهو پنهنجي انتظام سنڀالڻ واري جي حوالي ڪيائين ۽ ٻي صفحي تي نظر وڌائين- سندس چپ چُريا ۽ پوءِ مضبوطيءَ سان ڀچي ويا- ٻيهر خاموشي طاري ٿي وئي- پهرين هن صفحو هڪ طرف اڇلايو ۽ پوءِ ڏاڍي ڪاوڙ سان هڪ پاسي رکي ڇڏيائين- هر طرف خاموشي ڇانيل رهي-
سلطان ڪجهه پريشان ۽ بي صبرو نظر اچي رهيو هو:
”ڇا ڳالهه آهي؟ اسان توهان جي ڳالهه ٻڌي رهيا آهيون-“
”حضور مون کي وچ وارو صفحو نه پيو ملي- مون پنهنجن ڪاغذن ۾ ترتيب سان رکيو هو- جنهن صفحي کي ڳوليان پيو شايد اهو ڪٿي ڪري پيو آهي مان ان کي ڳولي لهندس-“
هن ٻيهر ورق اٿلائڻ شروع ڪيا سندس حالت روئڻهارڪي هئي- ان موقعي مان فائدو وٺندي نظام ڏاڍي نرم ۽ مهربان لهجي ۾ مداخلت ڪئي:
”ڪاغذ آهي ڪنهن کان به وڃائجي سگهي ٿو اسان کي پنهنجي رفيق کان ان تي پڇا ڳاڇا نه ڪرڻ کپي- انتظار ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڇو نه باقي حساب ڪتاب جي سماعت ڪئي وڃي-“
”اوهان بلڪل ٺيڪ ٿا چئو، ”اتا“ حساب ڪتاب جاري رکيو وڃي-“
ان ڳالهه ڏانهن سڀني جو ڌيان ويو ته سلطان وزير کي ٻيهر ”والد“ چئي مخاطب ڪيو هو- ڇا ان جو مطلب اهو هو ته هن کي وري سلطان جي حمايت حاصل ٿي رهي هئي؟ اڃان حسن ڏاڍي پريشان حالت ۾ گهيريل بيٺو هو ته وزير پنهنجي لاءِ اڃان وڌيڪ فائدي کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي:
”چڱو هن وڃايل صفحي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو- سلطان کي وڌيڪ انتظار ڪرڻ بجاءِ منهنجي تجويز اها آهي ته حسن ڀاءُ چند اهم شهرن يا صوبن جا انگ اکر پيش ڪري-“
سلطان سندس هاڪار جو مشتاق هو- نظام ڳالهه جاري رکي:
”مثال طور تي نيشاپور جو شهر، عمر خيام جي ڄم جي جاءِ جيڪو اسان وٽ هينئر موجود آهي- ڇا اسان کي اها ڄاڻ ملي سگهي ٿي ته سندس شهر ۽ هن جي صوبي ڪيتري رقم خزاني ۾ جمع ڪرائي آهي؟“
”بلڪل، بلڪل- هاڻي ئي پيش ٿو ڪريان،“ حسن جنهن کي ڪَکَ جي سهاري جي ضرورت هئي، جواب ڏنو-
هو وري پريشانيءَ مان پنهنجا ڪاغذ اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو ۽ ڪوشش ڪندو رهيو ته صفحو نمبر 34 ملي وڃي جنهن تي نيشاپور متعلق هر شيءِ جو ليکو چوکو لکيل هو، پر بيڪار-
”اهو صفحو هتي ناهي،“ هن چيو ”ڪٿي وڃائجي ويو آهي، مون تي ڪنهن ڌاڙو هنيو آهي… ڪنهن منهنجا ڪاغذ هيٺ مٿي ڪيا آهن…“
نظام اٿي بيٺو- ملڪ شاهه جي پاسي آيو ۽ سندس ڪن ۾ ڪجهه چيائين: جيڪڏهن اسان جو مالڪ پنهنجي قابل ۽ لائق خادمن تي اعتماد نٿو ڪري سگهي، جن کي منصوبي جي ڏکيائين جو علم آهي ۽ جيڪي ممڪن ۽ غير ممڪن جي فرق کان آگاهه آهن ته سندن رسوائيءَ جي ڪا حد نه رهندي، ايئن ئي پنهنجو مذاق اڏرائيندا رهندا، جاهلن، بيوقوفن ۽ ٻٽاڪين جو آسانيءَ سان شڪار ٿيندا رهندا-“
ملڪ شاهه کي ذرو به شڪ نه هو ته حسن سان ڪنهن شرارت ڪئي آهي جيئن واقعو لکندڙن لکيو آهي، نظام الملڪ حسن جي انتظام سنڀاليندڙ کي رشوت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ۽ ڪجهه صفحا غائب ڪري ڇڏيا هئائين ۽ ڪجهه هيٺ مٿي ڪري ڇڏيا هئائين ۽ ايئن پنهنجي حريف جي محنت سان ڪيل ڪم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو هئائين- حسن جي اها دعويٰ ته هو ڪنهن ڳٺ جوڙ جو شڪار ٿيو آهي کيس ڪو فائدو نه رسائي سگهي، ايڏي هُل ۾ سندس آواز ڪير ٿي ٻڌي سگهيو ۽ سلطان اهو فريب کائي ڏاڍو هارايل محسوس ڪري رهيو هو، پر ان کان وڌيڪ کيس ان ڳالهه جو ڏک هو ته هو پنهنجي وزير جي سرپرستيءَ مان نڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، سڄو الزام حسن جي مٿان مڙهي ڇڏيائين- پنهنجي محافظن کي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، اتي جو اتي کيس موت جي سزا ٻڌائي ڇڏيائين-
پهريون ڀيرو، عمر ڳالهايو: ”اسان جو مالڪ رحم ڪري- حسن صباح غلطين جو مرتڪب ٿيو هوندو، جوش ۽ ولولي جي گهڻائي سبب خطا ڪري ويٺو هوندو ۽ اهڙين ڪوتاهين تي ضرور کيس برطرف ڪرڻ گهرجي، پر هو اوهان جي ذات جي خلاف ڪنهن غلط ڪم جو مرتڪب هرگز نه ٿيو هوندو-“
”اهڙي صورت ۾ هن کي انڌو ڪيو وڃي! شيهو آندو وڃي ۽ سيخون گرم ڪيون وڃن- حسن خاموش رهيو ۽ عمر ٻيهر زبان کولي- هن نٿي چاهيو ته ڪنهن اهڙي شخص کي خاموش يا نابينا ڪيو وڃي جنهن کي هن پاڻ ملازمت ڏيارائي هئي-
”مالڪ،“ هن منٿ ڪندي چيو، ”هڪ نوجوان کي اهڙي سزا نه ڏيو جيڪو پنهنجي رسوائيءَ ۾ صرف ڪجهه لکي پڙهي پنهنجي تسلي ڪري سگهي ٿو-“ ملڪ شاهه جواب ڏنو: ”صرف تنهنجي چوڻ تي، خواجه عمر، جيڪو سڀني کان وڌيڪ دانشمند ۽ پنهنجي فطرت ۾ نيڪ آهي، مان پنهنجي فيصلي کي هڪ ڀيرو ٻيهر واپس وٺان ٿو- ان ڪري حسن صباح کي جلاوطني جي سزا ڏني ٿي وڃي هن کي سڄي عمر لاءِ ڪنهن ڏورانهين ملڪ وڃڻ لاءِ ڏيهه نيڪالي ڏني ٿي وڃي- هاڻي هو سلطنت جي زمين تي ڪڏهن به ڪٿي به ٻيهر قدم نٿو رکي سگهي، پر هي قم جو مرد: انتقام جي غير معمولي عمل کي انجام ڏيڻ وارو هو.
…(هلندڙ)…

