سمرقند
ناول- قسط تيرهين
ترجمو: زاهده ابڙو
ان ڏينهن خيام ۾ نه وڌيڪ غور ڪرڻ جي سگهه رهي هئي ۽ نه وري ماپ تور يا قدر جو اگهه لڳائڻ جي- ديوان مان نڪري هو بازار جي سوڙهين گهٽين ۾ گم ٿي ويو ماڻهن ۽ چوپائي مال جي ٺاهيل پيرن جي نشانن تان ٿيندو پلستر ٿيل محرابي ڇتين جي هيٺان مسالن جي انبارن وچان رستو ٺاهيندو اڳتي وڌندو ويو- هر قدم تي گهٽي اونڌاهي ٿيندي ٿي وئي ۽ ماڻهن جو انبوهه سست رفتاريءَ سان حرڪت ڪندو ۽ بڻ بڻ ڪندي ٿي لڳو وڪرو ڪندڙ ۽ خريد ڪندڙ ٻئي نقاب پوش اداڪار ۽ ننڊ ۾ هلڻ واري ڪيفيت ۾ رقص ڪندڙ لڳي رهيا هئا- عمر ڪڏهن ساڄي پاسي ته ڪڏهن کاٻي پاسي جاچي جوچي اڳيان وڌي رهيو هو، کيس ان ڳالهه جو ڊپ هو ته ڪٿي ڪري نه پوي يا بيهوش نه ٿي وڃي، پوءِ هو هڪدم هڪ ننڍڙي چوڪ تي پهتو جتي ڏاڍي تيز روشني هئي ڄڻ چوڪ کي ڪنهن روشنيءَ سان وهنجاري ڇڏيو هجي، ڄڻ جهنگ جو اهو ٽڪرو جتان وڻ ڪٽي صاف ڪيو ويو هجي- بي رحم سج تمام گهڻي گرمي کنيو مٿان چمڪي رهيو هو- هن چيلهه سڌي ڪري ساهه کنيو- کيس ڇا ٿي رهيو آهي؟ کيس هڪ بهشت عطا ڪيو پيو وڃي جيڪو هڪڙي خوفناڪ دوزخ جهڙي جاءِ سان ٻڌل هجي- هو ڪيئن ها چوي، هو نه ڪيئن ڪري- هو وزيراعليٰ جي آمهون سامهون ڪيئن اچي يا پنهنجي عزت بچائيندي شهر ڪيئن ڇڏي؟
سندس کاٻي هٿ تي هڪ مئخاني جو اڌ دروازو واڙيل هو- هن ان کي ڌڪو ڏنو چاڙهين تي ريتي پکڙيل هئي هيٺ لهي هو هڪ اهڙي ڪمري ۾ پهتو جتي هلڪي روشني هئي، ڪمري جي ڇت ڪافي هيٺ هئي، فرش لچڪڻو ۽ آلي مٽيءَ جو لڳي رهيو هو، بينچون اُلڙيل ۽ ميزون ميريون نظر ٿي آيون- هن قم جو هڪ ڦڪو شراب گهرايو اهو کيس هڪ نقش و نگار واري ظرف ۾ پيش ڪيو ويو- اکيون بند ڪري دير تائين ان جي مهڪ پنهنجي اندر ۾ اوتيندو رهيو-
امروز که نوبت جواني من است
مي نوشم که از آنکه کامراني من است
عيبم مکنيد گرچه تلخ است خوش است
تلخ است، از آنکه زندگاني من است-(خيام)
اوچتو ئي کيس خيال آيو ته هن کي پنهنجي خمار آلود نفس لاءِ هن ڪرڀ جهڙي جاءِ تي اچڻو پيو، اتي خيال سندس منتظر هو، ان ميز تي چوٿون جام نڙيءَ کان هيٺ لاهڻ وقت- هن پئسا ڏنا ۽ چڱي خاصي بخشش ڇڏي ٻيهر ٻاهر نڪري آيو رات ٿي وئي هئي، چوڪ سنسان لڳو پيو هو ۽ بازارن ۾ کلڻ واري هر گهٽيءَ جو منهن هڪ ڳري دروازي سان بند ڪيو ويو هو ايئن عمر کي پنهنجي سرائي تائين پهچڻ لاءِ ڊگهو چڪر ڪاٽڻو پيو-
عمر بانبڙا پائيندي پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو ڏٺائين ته حسن ستل هو ۽ سندس چهري تي سختي ۽ تڪليف جا آثار نمايان هئا- عمر گهڻي دير تائين سندس چهري کي تڪيندو رهيو- هزارين سوال سندس ذهن ۾ اڀريا، پر هن ڪنهن به سوال جي جواب جي جستجو ڪرڻ کان بنا انهن کي نظر انداز ڪيو- هو فيصلو ڪري چڪو هو ۽ اهو فيصلو اٽل هو-
عام طور تي ڪتابن ۾ هڪ روايت نقل ٿيل آهي- هن ۾ ٽن دوستن جو ذڪر ٿيل آهي، ٽي ايراني جن مان هرهڪ هڪ هزار سالن تائين پنهنجو نشان ڇڏي ويو آهي: عمر خيام جنهن دنيا جو مشاهدو ڪيو، نظام الملڪ جنهن ان تي حڪومت ڪئي ۽ حسن صباح جنهن ان کي دهشت ۾ مبتلا ڪيو- چيو وڃي ٿو ته اهي ٽيئي نيشاپور ۾ گڏ پڙهيا هئا، اهو ان لاءِ سچ ناهي ڇو ته نظام عمر جي لحاظ کان خيام کان ٽيهه سال وڏو هو، ۽ حسن پنهنجي تعليم ”ري“ مان حاصل ڪئي هئي، ۽ شايد ٿوري گهڻي قم مان، پر يقينن نيشاپور مان ته نه-
ڇا ان جي صداقت سمر قند جي خطن مان حاصل ٿئي ٿي؟ انهن جي حاشين تي جيڪي واقعا درج آهن انهن ۾ زور ڏيئي چيو ويو آهي ته پهريون ڀيرو ٽنهي جي ملاقات اصفهان ۾ ٿي، وزيراعليٰ جي ديوان ۾، عمر جي چوڻ تي- جيڪو قضا جي چوڻ تي ڪنهن نا تجربيڪار پيروڪار وانگر عمل ٿي ڪيو-
نظام محل جي هڪ ننڍي ڪمري ۾ اڪيلائي اختيار ڪري ڇڏي هئي ۽ سندس چئني طرفن کان ڪاڳر پکڙيل هئا- دروازي تي عمر جو چهرو ڏسندي ئي اندازو ڪيائين ته سندس جواب نه ۾ هوندو-
”ته توکي منهنجن منصوبن ۾ ڪابه دلچپسي ناهي-“
خيام جواب ڏنو ٿوري شرمندگي، پر مضبوطيءَ سان:
”اوهان جا خواب ڏاڍا حوصلو ڏيندڙ آهن ۽ اميد ٿو ڪريان ته اهي تعبير به ماڻيندا، پر جهڙيءَ ريت اوهان انهن ۾ منهنجي شرڪت چاهيو ٿا، اها ممڪن ناهي- جڏهن معاملو رازن جو هجي ۽ ان جي فاش ڪرڻ وارن جو ته منهنجون همدرديون راز وارن سان گڏ هونديون- پهريون ڀيرو جڏهن ڪو جاسوس مون سان ڪنهن جو راز ونڊڻ ايندو ۽ خبر کڻي ايندو ته مان ان کي خاموش رهڻ جو حڪم ڏيندس، چوندوسانس ته اهو منهنجو مٿي جو سور نه آهي، مان ته مٿس پنهنجي گهر اچڻ تي بندش لڳائي ڇڏيندس ماڻهن ۽ شين بابت منهنجي تجسس جو اظهار ٿورو ٻئي انداز ۾ هوندو آهي-“
”مان تنهنجي فيصلي جو احترام ٿو ڪريان ۽ ان ڳالهه کي سلطنت لاءِ اجايو نٿو سمجهان ته ڪجهه ماڻهو مڪمل طور تي پنهنجو پاڻ کي علم لاءِ وقف ڪري ڇڏين- ظاهر آهي، هر اها شيءِ جنهن جو مون تو سان واعدو ڪيو آهي ان جي باوجود به توکي ملندي رهندي- زر جو ساليانو مقدار رهائشگاهه، ۽ رصدگاهه- جيڪو مون پنهنجي مرضيءَ سان ڏنو هجي ڪڏهن واپس ناهيان وٺندو، جيڪڏهن تون مون سان ويجهو ٿي ڪم ۾ شريڪ ٿين ها ته راحت محسوس ٿئي ها، پر منهنجي لاءِ اها ڳالهه به تسلي جوڳي آهي ته تاريخ لکڻ وارا تاريخ ۾ اهو درج ڪندا ته عمر خيام نظام الملڪ جي عهد ۾ هو ۽ ان جي تعظيم ٿي کيس خراب موسمن کان پناهه ڏني وئي ۽ هن وزيراعليٰ کي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي نه چوڻ جو خطرو کنيو-“
”مان نٿو سمجهي سگهان ته اوهان جي ان اعليٰ ظرفي جي شايان شان مان ان جو ٿورو ڪيئن مڃي سگهان ٿو-“
ايترو چئي عمر خاموش ٿي ويو- گهٻرائيندي پنهنجي ڳالهه جاري رکيائين:
”شايد جيڪڏهن مان هڪ شخص کي جنهن سان تازو ئي ملاقات ٿي آهي اوهان جي سامهون پيش ڪريان ته ان سان منهنجي انڪار کي اوهان آسانيءَ سان فراموش ڪري سگهو ٿا- هيءُ هڪ بيحد ذهين ۽ داناءُ ماڻهو آهي سندس غير معمولي علم ۽ نهايت اعليٰ ذهني صلاحيتون ماڻهوءَ کي صفا بيوس ۽ لاچار ڪريو ڇڏين- ”صاحب اخبار“ جي عهدي لاءِ بيحد مناسب، ۽ مون کي اميد آهي ته اوهان جو منصوبو سندس لاءِ پڻ سرور جو سبب بڻبو- هن منهنجي اڳيان اهو اعتراف ڪيو آهي ته هو ”ري“ کان اصفهان ان پڪي يقين سان آيو آهي ته اوهان کيس ملازمت ڏيئي سگهندا-“
”ڏاڍو مضبوط ارادي وارو ماڻهو آهي!“ نظام ڏندن جي وچ ۾ ڪجهه بڙ بڙ ڪئي- ”اها آهي منهنجي تقدير- جڏهن به اعتماد جوڳو ماڻهو ملندو آهي ته حوصلو نه سهي سگهندو آهي ۽ اقتدار جي ذريعن کي حقير سمجهندو آهي، ۽ جڏهن ڪو ماڻهو جهٽ ۾ منهنجو پيش ڪيل عهدو قبول ڪندو آهي ته ان جي جلد بازي مون کي پريشان ڪري ڇڏيندي آهي-“ سندس چهري تي پريشانيءَ جا آثار نظر آيا-
”اهو ماڻهو ڪهڙي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو؟“
”حسن، ابن علي صباح- پر مان اوهان کي اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيان ته هو قم ۾ ڄائو هو-“
”هڪ شيعو داعي؟ خير اها ڳالهه منهنجي لاءِ پريشانيءَ واري ناهي جيتوڻيڪ آئون سڀني انڪار ڪرڻ وارن ۽ دهرين جو دشمن آهيان- منهنجا ڪجهه اعليٰ درجي جا صلاحڪار شيعه آهن منهنجا بهترين سپاهي آرميني ۽ منهنجي خزاني جا رکوالا يهودي آهن، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته مان انهن تي ڀروسو نه ڪريان ۽ انهن کي پنهنجي امان ۾ نه رکان- رڳو اسماعيلي اهڙا آهن جن تي مون کي ڪو ڀروسو ڪونهي- مون کي اها اميد ڪونهي ته تنهنجو دوست ان فرقي سان تعلق رکندو هوندو-“
”مون کي ان جي باري ۾ خبر ناهي- بهرحال حسن مون سان گڏ آيل آهي- ٻاهر انتظار ڪري رهيو آهي- جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيو ته سڏي وٺانس، پوءِ کانئس پڇي وٺو-“
ڪجهه گهڙين جي لاءِ عمر غائب ٿي ويو ۽ پنهنجي دوست سان گڏ واپس آيو، جيڪو ڏاڍو مطمئن ۽ بي خوف نظر اچي رهيو هو ان جي باوجود، خيام ڏسي رهيو هو ته حسن جي ڏاڙهي جا ٻه حصا ڦڙڪي رهيا هئا-
”مان حسن صباح کي پيش ٿو ڪريان ايتري گهڻي سختيءَ سان ٻڌل دستار ايتري گهڻي علم واري اڳ ۾ ڪڏهن ناهي رهي-“
نظام مرڪيو
”مان ته هتي عالمن جي گهيري ۾ اچي ويو آهيان- ڇا اها چواڻي ناهي ته جنهن امير جو اٿڻ ويهڻ عالمن وچ ۾ هجي اهو بهترين امير هوندو آهي؟“
حسن حاضر جوابيءَ مان چيو:
”۽ اهو به چيو ويندو آهي ته جيڪو عالم اميرن جي وچ ۾ اٿندو ويهندو آهي ان کان وڌيڪ بدتر ڪو عالم ناهي هوندو-“
هڪ اوچتي ٺٺول جهڙي مرڪ ٻنهي کي هڪٻئي جي ويجهو وٺي آئي نظام جي چهري تي پريشاني ۽ ناپسنديدگي نمايان ٿيڻ لڳي- هن جي خواهش هئي ته اهو چوڻين جو نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو جيڪو ايرانين جي گفتگو جو شروعاتي حصو هوندو آهي اهو بند ٿئي ته هو حسن کي صاف صاف ٻڌائي سگهي ته هن کي کانئس ڇا گهرجي- عجيب ڳالهه اها هئي جو پهرين ئي جملن ۾ ٻنهي جو ٽڪراءُ ٿي پيو عمر لاءِ اهو ئي مناسب هو ته هو اتان کسڪي وڃي-
۽ ايئن حسن صباح تڪڙو ئي وزيراعليٰ جو اهم صلاحڪار بڻجي ويو، هو مخبري ڪرڻ وارن جي هڪ نهايت ئي مضبوط ۽ ڪٺن تنظيم قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جيڪي سوداگرن، درويشن ۽ حاجين جي ويس ۾ سلجوقي سلطنت جي چپي چپي تي هڪ ڄار وانگر پکڙجي ويا تان جو ڪو محل، گهر يا بازار انهن جي سماعت جي دائري کان ٻاهر نه رهيو- سازشون، افواهون ۽ ڪوڙ گهڙڻ وارن سڀني جو حساب ڪتاب درج ٿيڻ لڳو تمام محتاط ۽ عبرت جهڙي انداز ۾ انهن کي ظاهر ڪيو ٿي ويو ۽ ٿيڻ کان روڪيو ٿي ويو-
”شروع شروع ۾ نظام جي خوشيءَ جي انتها نه رهي ته هيءَ هيبتناڪ مشينري سندس قابوءَ ۾ هئي سلطان شروع ۾ ان معاملي ۾ ڏاڍو محتاط رهڻ لڳو، هاڻي ڪنهن قدر اطمينان جو اظهار ڪيائين ڇا سندس پيءُ الپ ارسلان کيس اهو مشورو نه ڏنو هو ته ان قسم جي سياست کان باز رهي؟“ ”جڏهن تو هر طرف جاسوس لڳائي ڇڏيا هجن“، هن تنبيهه ڪئي هئس، ”ته تنهنجا حقيقي سڄڻ محتاط نه رهندا ڇو ته انهن کي خبر آهي ته اهي تنهنجا وفادار آهن- پر جيڪي وڏا پاپي آهن اهي موقعي جي تاڙ ۾ رهندا- اهي جاسوسن جي مٺ گرم ڪندا آهستي آهستي توکي اهي خبرون رسايون وينديون جيڪي تنهنجي سچن دوستن ۽ سڄڻن جي خلاف هونديون ۽ تنهنجي دشمنن جي حق ۾ هونديون چڱائي يا برائي جو لفظ تير جھڙو هوندو آهي جڏهن هڪ ئي وقت گهڻا تير هلايا ويندا آهن ته اهي هميشه هڪڙي ئي نشاني تي لڳندا آهن تڏهن تنهنجي دل پنهنجن خير خواهن لاءِ سخت ٿي ويندي، مڪار ۽ مجرماڻي ذهنيت وارا ماڻهو تنهنجي ڀر ۾ اچي ويهندا، ان وقت تنهنجي اقتدار ۾ ڇا وڃي بچندو؟“
بس حرم جي هڪ عورت کي ڪنهن کي زهر ڏيندي پڪڙجڻ جي دير هئي جنهن سلطان کي پنهنجي جاسوسن جي سربراهه جي افاديت تي وڌيڪ شڪ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو سندس خاص رازدان بڻجي ويو- ان جي باوجود نظام کي حسن ۽ ملڪ شاهه ۾ وڌندڙ دوستيءَ کان حقارت پئي ايندي هئي- ٻئي ڄڻا نوجوان هئا، ۽ هو وڏي عمر جو، وزير جي خرچ تي ڏاڍي مزي سان هڪٻئي سان ويهي گپ شپ ڪندا هئا، خاص طور جمعي جي ڏينهن، يعني ”شولن“ جي ڏينهن جڏهن سلطان پنهنجي درٻارين کي ريت موجب دعوت ڏيندو هو-
دعوت جو شروعاتي حصو ڏاڍو پر تڪلف ۽ بيحد رسمي هوندو هو- نظام جي نشست ملڪ شاهه جي ساڄي پاسي هوندي هئي- انهن جي چوگرد اديبن ۽ دانشورن جو گهيرو هوندو هو ۽ هندي، يمني ۽ سيوف جي تقابلي وصفن کان وٺي ارسطو جي مختلف تحريرن تائين ڪيترن ئي مختلف موضوعن تي بحث مباحثا ٿي ٿيا ان قسم جي فقري بازي ۽ نشتر زني کي سلطان نظر انداز ڪري پنهنجي شوق جو اظهار ٿي ڪيو ۽ پوءِ محفل جي رونق ۽ آب و تاب ڦڪي ٿيڻ شروع ٿَي ٿِي ۽ سندس نگاهن ۾ بي اطمناني محسوس ٿي ڪئي وئي- وزير سمجهي ٿي ويو ته هاڻي موڪلائڻ گهرجي- پٺيان پٺيان معزز مهمانن به موڪلائڻ شروع ٿي ڪيو انهن جي ويندي ئي موسيقار ۽ رقاصائون اچي ٿي ويون خالص شراب جون گهگهيون جهڪيون ٿي ۽ کائڻ پيارڻ جو دور- جيڪو ضبط ۾ رهي سگهيو ٿي ۽ جيڪو بي قابو ۽ بدمست ٿي سگهيو ٿي ان جو انحصار به شاهه جي مزاج تي هو- فجر تائين جاري رهيو ٿي- بربط، عود يا تار جي ٻن ٽن سُرن سان نغمه سرا پنهنجي محبوب موضوع- يعني نظام الملڪ- تي ڪجهه اوچتو ئي اوچتو جهونگاريندي- سلطان، جيڪو پنهنجي وزيراعليٰ کانسواءِ ڪجهه به ڪرڻ جي اهل ڪونه هو، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي پنهنجو انتقام ٿي ورتو- هڪ ڏينهن هو ”پنهنجي پيءُ“ تي وار ڪري ئي رهندو، ان لاءِ بس ان جي ٻاراڻي جنوني ڪيفيت تي هڪ نظر وجهڻ ڪافي هو-
حسن بادشاهه جي وزير سان رنجش جي هر علامت کي شهه ڏيڻ لاءِ موقعي جي تلاش ۾ هو- وزير کي آخر پنهنجي ڪهڙي ڳالهه تي ناز هو؟ پنهنجي فراصت، پنهنجو علم؟ پر حسن انهن ٻنهي خوبين کي آڱرين سان اڏائي سگهي ٿو- تخت ۽ سلطنت جي دفاع ۾ وزير جي اهليت؟ پر حسن ڏاڍو جلد ئي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو پاڻ به اوترو ئي اهل آهي- وزير جي وفاداري؟ پر وفاداري جي اظهار کان ٻي ڪهڙي شيءِ وڌيڪ سولي آهي، جيڪا بهرحال ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جي چپن تي سڀ کان وڌيڪ سونهين ٿي-
اها ڳالهه اهم هئي ته حسن کي ملڪ شاهه جي مثالي حرص کي پالڻ جو فن آيو ٿي- هو مستقل وزير جي خرچن بابت ٿي ڳالهايو، ۽ وزير ۽ ان جي عهديدارن جي نئين نئين پوشاڪن ڏانهن ڌيان ٿي ڇڪرايو- نظام اقتدار ۽ ان جي ضروري ساز و سامان جو شوقين هو، پر حسن صرف اقتدار جو خواهشمند هو ۽ ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ڪٺنائيءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار هو-
جڏهن کيس يقين ٿي ويو ته ملڪ شاهه هاڻي سندس وس اندر اچي ويو آهي ۽ پنهنجي خاص جاسوسي واري منتظم تي مهلڪ وار ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان لاءِ حسن هن کي موقعو فراهم ڪيو- اهو شاهي تخت واري ڪمري ۾ آچر ڏينهن پيش آيو- سلطان ٻنپهرن جي وقت شديد قسم جي مٿي جي سور ۾ مبتلا ٿي پيو- سندس مزاج حد کان وڌيڪ چڙچڙو هو ۽ جڏهن کيس اها خبر ملي ته سٺ هزار سونا دينار وزير جي آرميني حفاظتي دستي جي سپاهين ۾ تازو ورهايا ويا آهن ته ڪاوڙجي پيو- ضرور اهو اطلاع کيس حسن ۽ ان جي جاسوسن واري تنظيم جي وسيلي ئي پهتو هوندو- نظام ڏاڍي صبر ۽ حوصلي سان اها وضاحت ڪئي ته بغاوت جي ننڍي کان ننڍي خدشي کي اڀرڻ کان اڳ ئي ختم ڪرڻ لاءِ کيس فوجن کي اهو سڀ ڪجهه ڏيڻ ضروري هو، جيڪڏهن اهي بغاوت تي لهي اچن ها ته حڪومت کي ان کان ڏهوڻي رقم خرچ ڪرڻي پوي ها- ”مٺيون ڀري ڀري سون لٽائڻ جو مطلب اهو هو، ملڪ شاهه ڪاوڙ مان جواب ڏنو ته جيئن آخر ۾ حڪومت وٽ پگهار ڏيڻ لاءِ پئسا ئي نه بچن ۽ نتيجي ۾ واقعي بغاوتون شروع ٿي وڃن- هڪ داناءُ حڪومت لاءِ اها ڄاڻ رکڻ ضروري ناهي ته سون کي مشڪل گهڙين لاءِ ڪيئن محفوظ رکيو ويندو آهي؟“
نظام جي ٻارنهن پٽن مان هڪ، جيڪو ان وقت اتي موجود هو مداخلت ڪرڻ کي بهتر سمجهو:
”اسلام جي شروعاتي دور ۾ جڏهن خليفي عمر جي مٿان ان سڄي سون کي خرچ ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو جيڪو فتحن جي دوران جمع ٿيو هو، ته عمر پنهنجي مٿان تنقيد ڪرڻ وارن کان پڇيو: ڇا هي سون اسان جي مٿان ان قادر مطلق جي فياضي ناهي؟ جيڪڏهن اوهان کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته هو توهان تي اهڙي فياضي ٻيهر نه ڪندو ته پوءِ بلڪل ان کي خرچ نه ڪريو- باقي مون کي، ته خالق جي لا محدود فياضيءَ تي يقين آهي ۽ پنهنجي خزاني ۾ هڪ سڪو به باقي نه بچائيندس جنهن سان مسلمانن جي ڀلائي تي خرچ ڪري سگهان ٿو-“ بهرحال ملڪ شاهه ان مثال کي پڪڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي- هو هڪ خيال تي غور ڪري رهيو هو جنهن جي وصفن تي حسن کيس قائل ڪري ڇڏيو هو- هن حڪم ڏنو:
”مان مطالبو ٿو ڪريان ته منهنجي خزاني ۾ وڃڻ واري هر شيءِ جو تفصيلي خلاصو پيش ڪيو وڃي ۽ هر خرچ جو ٺيڪ ٺيڪ حساب ڪتاب- اهو سڀ ڪيستائين حاضر ٿي سگهي ٿو؟“
نظام ته ڄڻ چٿجي ويو-
”مان اهو خلاصو فراهم ڪري سگهان ٿو، پر ڪجهه وقت گهرجي“
”خواجه ڪيترو وقت؟“
هن ”اَتا“ نه پر ”خواجه“ چيو جيڪو پڻ ڏاڍو معزز خطاب هو، پر موجوده شين جي ذمري ۾ ڏٺو وڃي ته اها چڱي خاصي رسوائيءَ جي پيشنگوئي معلوم ٿي رهي هئي-
نظام ڏاڍي پريشاني ۾ تشريح ڪئي:
”هڪ ايلچي کي هر امير ڏانهن موڪلڻو پوندو ته جيئن تفصيل سان حساب تيار ٿي سگهي- خدا جي فضل سان سلطنت تمام وسيع آهي ان لاءِ ان سڄي ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال گهرجن“
ان جي باوجود حسن اڳتي وڌي نهايت اطمينان سان چيو:
”مان پنهنجي آقا سان واعدو ٿو ڪريان ته جيڪڏهن مون کي ضروري وسيلا مهيا ڪيا وڃن ۽ حڪم جاري ڪيو وڃي ته ديوان جا سڄا ڪاغذ منهنجي قبضي ۾ ڏنا وڃن ته مان ان سڄي قصي کي چاليهن ڏينهن اندر مڪمل ڪري پيش ڪري سگهان ٿو-“
جواب ۾ وزير ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي پر شاهه اٿي چڪو هو، هن دروازي ڏانهن وڌندي بلند آواز ۾ چيو:
”ٺيڪ آهي حسن کي ديوان تي فائز ڪيو وڃي- سڄو محڪمو سندس حڪم جو تابع هوندو ۽ سندس اجازت کان بغير ڪير اندر داخل نه ٿيندو- چاليهن ڏينهن کانپوءِ مان ان معاملي جو فيصلو ڪندس.“
…(هلندڙ)…