بلاگنئون

قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ صوبي کي پنهنجا حق ڏيو

قدرتي وسيلن ۽ زراعت جي حوالي سان سنڌ مالا مال آھي جنهن جو اھم سبب صدين کان موجود سنڌو درياھ آھي. قدرتي وسيلن ۽ زراعت جي لحاظ کان اسان جي سر زمين قدرتي وسيلن سان مالا مال ليکي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو اسان وٽ سنڌو درياھ آھي، جنهن جي ڪري لکين ايڪڙ زمين آباد ڪري آبادگار پنهنجي ڌرتيءَ تي سون اپائي ٿو. اسان جو صوبو ڀاڳن وارو ليکيو وڃي ٿو. اسان وٽ زرعي حوالي سان پوکون جھڙوڪ: ڪڻڪ، ڦٽيون، ڪيلو، انب ٻير وغيره ھر سال تمام گھڻو لهي ٿو، پر افسوس جو اسان جي ڌرتي زرعي وسيلن سان مالا مال ھوندي به ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي پٺتي پيل نظر اچي ٿي، آخر ان جا ڪهڙا سبب آهن؟
هينئر ڏسجي ته ڪجهه سال پھرين ته انبن جو سٺو اگھ ھوندو ھو ۽ مارڪيٽ ۾ انب ٻين فروٽن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندا ھئا، پر افسوس جو موجوده صورتحال ۾ تازو ئي سنڌ ۾ انبن جي موسم عروج تي آھي انب فروٽن جو بادشاهه آهي. سنڌ جون مشهور انبن جون جنسون جھڙوڪ: سنڌڙي، سرولي، لنگڙو، چوسو، الماس ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي مشهور جنسون آهن، پر بازار ۾ انب صفا ٽڪي ڌڙي پيا وڪامجن، ويچارا واپاري الائي ڪيترا مھانگا انبن جا باغ وٺيو ويٺا آھن، پر موجوده انبن جي اگھ صفا ماڻھن کي مايوس ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آھي. ان جو سبب اھو آھي ته انب ملڪ کان ٻاھر موڪليا نه پيا وڃن Export نه پيا ٿين صرف بازار ۾ پيا وڪامجن جيڪا سنڌ جي عوام سان ناانصافي آھي. سڀ کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اھا آهي ته انب ٿورا گھڻا export يعني ٻاھرين ملڪ موڪلڻ ۾ به ڪوٽا مقرر ٿيل آھي جنهن ۾ 70 سيڪڙو پنجاب جا انب export ٿين ٿا، 29 سيڪڙو سنڌ جا ۽ صرف هڪ سيڪڙو خيبر پختونخواھ جا انب export ٿين ٿا.
اھو ڪٿي جو انصاف آھي سنڌ صوبي سان. حڪومت کي سنڌ جي ڪوٽا وڌائڻ گھرجي جيئن سنڌ جا انب ٻاھر وڃن ۽ سنڌ ۾ پئسو اچي ۽ خوشحالي ٿئي. گهڻو ڪري export ۾ به انهن جا انب وڃن ٿا جن جا باغ تمام گھڻا آھن ۽ سندن لائين ٺھي پئي آھي، باقي ننڍن واپارين کي ته ڪنهن کاتي ۾ ئي نٿو ليکيو وڃي. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ نه صرف انب پر اوور آل زراعت تباهه آھي، ڪا اھميت ئي ناھي. هينئر سنڌ جي عوام سان ڪڻڪ ۾ به نا انصافي ڪئي وئي اھا ڳالهه ڪنهن کان به ڳجھي ناھي. ان کانسواءِ سنڌ صوبو سرسبز شاداب ۽ سنڌو درياهه ھئڻ جي باوجود به سنڌ کي پاڻي لاءِ ڪيئن نه تڙپايو پيو وڃي پاڻي جي کوٽ سبب آبادگارن جون ٻنيون سڪي رهيون آهن ۽ فصل تباهه ٿي رهيو آهي. سنڌ تي قدرت جا وڏا احسان آھن، پر موجوده سسٽم ۾ سنڌ جي زراعت ڏينھون ڏينهن تباهه ٿي رھي آھي. خدارا سنڌ صوبي کي پنھنجا حق ڏيو، سسٽم آسان ڪريو جيئن سنڌ جي واپارين، ھارين ۽ مزدورن کي پنھنجا حق ملي سگهن ۽ سنڌ صوبو ٻيھر خوشحالي ڏانهن موٽي اچي.