ايڊيٽوريلنئون

طاقتور اداري جو مرڪزي طاقت ڏانهن سفر

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل ساحر شمشاد مرزا 27 نومبر 2025ع تي پنهنجو مقرر ٿيل مدو پورو ڪري رٽائر ٿي ويو. سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ هاڻي اهو عهدو قانوني طور تي ختم ٿي چڪو آهي. ان جي جاءِ تي هڪ نئون عهدو متعارف ڪرايو ويو آهي. جنهن کي چيف آف ڊفينس فورسز (CDF) سڏيو وڃي ٿو. هيءَ تبديلي پاڪستان جي دفاعي ڍانچي ۾ هڪ اهم سڌارو آهي. هي عهدو سڀني هٿياربند فوجن (آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس) ۾ وڌيڪ ويجهڙائي ۽ گڏيل ڪارروائي کي يقيني بڻائيندو. هاڻي جنرل عاصم منير جيڪو اڳوڻو آرمي چيف هو اهو هينئر چيف آف ڊفينس فورسز جي نئين عهدي تي مقرر ٿي چڪو آهي.

تبديلي هڪ مسلسل عمل آهي، جيڪا سڄي دنيا جي هر جاءِ تي مسلسل ٿيندي نظر اچي ٿي ۽ ان کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. پاڪستان پنهنجي جيو اسٽريٽيجڪ پوزيشن ۾ هن وقت تمام گهڻو اهم نظر اچي ٿو. پاڪستان جي اهميت ٻن عالمي طاقتن جي وچ ۾ طاقت جي تڪرار جو نتيجو آهي. آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ ۾ پاڪستان هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. چين پاڪستان اڪنامڪ ڪاريڊور صرف هڪ روڊ نه، پر اهو چين لاءِ هندستاني سمنڊ تائين پهچڻ جو مختصر ترين رستو آهي. هن وقت چين جي گهڻي ڀاڱي تيل ۽ واپاري سامان جي رسد ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ موجود ملاڪا اسٽريٽ مان ٿيندي آهي. گوادر بندرگاهه جي اسٽريٽيجڪ اهميت جي ڪري پاڪستان جي اهميت ايشيا ۾ تمام گهڻي وڌي وئي آهي. جيڪي ماڻهو ان ڳالهه کان انڪار ڪن ٿا اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. پاڪستان ئي افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن کي دنيا سان ڳنڍڻ جو اهم دروازو آهي.

ان سان گڏوگڏ پاڪستان هڪ نيو ڪليئر طاقت هجڻ جي ڪري عالمي اقتصادي رڳ (سي پيڪ) جو مرڪز بڻجي ويو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستان جي اندر تيزيءَ سان سياسي، انتظامي تبديليون اچي رهيون آهن، آئين ۾ تبديليون ٿيندي نظر اچن ٿيون ۽ اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته هن وقت اسان جا دفاعي ادرا جمهوري ادارن کان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. يقينن ان ۾ عالمي طاقتن جي رضامندي شامل هوندي. هن وقت پاڪستان جي دفاعي ادارن جنهن ماڊل کي اختيار ڪيو آهي، اهو ساڳيو ماڊل چيف آف ڊفينس اسٽاف آمريڪا سميت ڪيترن ئي مغربي ملڪن ۾ ڪاميابي سان هلي رهيو آهي. آمريڪا جيڪو پاڪستان جو دهشتگردي خلاف آپريشن ڪرڻ وارن ملڪن ۾ هڪ پارٽنر آهي، گڏوگڏ چين به پاڪستان جو اهم اسٽريٽيجڪ اتحادي آهي ۽ هن وقت جيڪا تبديلي آئي آهي ان کي چين به مثبت نظر سان ڏسي ٿو. 2025ع ۾ خاص طور تي پاڪستان جي دفاع جي اهميت عام صورتحال کان وڌي وئي آهي.

ڇو ته پاڪستان کي اندروني دهشتگردي جي خطرن سان گڏوگڏ سرحدن تي دٻاءُ ۽ دفاعي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. چين، روس ۽ آمريڪا جهڙن عالمي طاقتن جي وچ ۾ هلندڙ جاگرافيائي سياست جي ڪري پاڪستان جي دفاعي حيثيت وڌي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سڀني فورسن جي قيادت جي لاءِ چيف آف ڊفينس فورسز جو ڪردار هاڻي گڏيل ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان سڌو سنئون اعليٰ اختيار رکڻ وارو ٿي ويو آهي. ان کان اڳ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف (CJCSC) جو عهدو گهڻو ڪري صلاحڪار نوعيت جو هو. جڏهن ته فورسز جي حقيقي طاقت چيف آف آرمي اسٽاف وٽ هئي. نئين چيف آف ڊفينس فورسز جي عهدي جي ذريعي دفاعي حڪمت عملي جي حوالي سان طاقت جو مرڪز هڪ ئي جاءِ تي اچي ويو آهي.

هن عهدي جو ڪم صرف ٽنهي فورسن کي پاڻ ۾ ملائڻ نه، پر سڀني فورسن جي گڏيل ڪارڪردگي جي حوالي سان سڌو سنئون اعليٰ اختيار رکندڙ ٿي ويو آهي، جيڪو حڪومت ۽ فوج جي ٽنهي فورسن جي وچ ۾ دفاعي پاليسي ۽ منصوبابندي جي حوالي سان هڪ طاقتور ۽ مرڪزي آواز بڻجي ويو آهي. قانوني طور تي هي عهدو ٽنهي هٿياربند فوجن مان ڪنهن به لائق ۽ قابل ترين چار اسٽار جنرل، ايڊمرل، يا ايئر چيف مارشل کي ڏيئي سگهجي ٿو. هن عهدي جو بنيادي فلسفو اهو آهي ته سڀني فورسن جي نمائندگي ٿئي. اها تبديلي پاڪستان جي دفاع جي جوڙجڪ کي وڌيڪ جديد بڻائي ٿي ۽ مرڪزي قيادت هئڻ سان مشڪل وقتن ۾ فيصلا تيز ۽ جامع انداز ۾ ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿي. عام طور تي اهو خيال به سامهون اچي ٿو ته اسان جي دفاعي اداري ۾ ايندڙ اها تبديلي دفاعي ادارن کي طاقتور ۽ جمهوريت کي ڪمزور ڪندي، پر حقيقت ۾ جمهوريت کي طاقتور ڪرڻ لاءِ سڄي ذميداري اسان جي سياسي رهنمائن ۽ اسان جي عدليه تي اچي ٿي. انهن جي ذميداري آهي ته اهي هن سڄي نظام ۾ پارلياماني نظام کي ايئن طاقتور ڪري جمهوريت کي مضبوط ڪندي پنهنجن دفاعي ادارن کي آئيني حدن ۾ رکندي ملڪ ۽ قوم کي ترقي وٺرائي سگهن ٿا.