بلاگنئون

ڪاپي ڪلچر ۽ اسان جو مستقبل!

امتحانن شروع ٿيڻ ۾ اڃان هڪ هفتو هو ته منهنجي هڪ پروفيسر دوست وڏين ڪوششن کانپوءِ سنڌ پروفيسرز ۽ ليڪچرارز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ کي چئي پنهنجي ڊيوٽي هڪ امتحاني سينٽر تي لڳرائي، امتحان امتحاني سينٽر تي صبح جو ٿيڻا هئا. ان رات منهنجي پروفيسر دوست کي سڄي رات ننڊ نه آئي ۽ سڄي رات امتحان وٺڻ جي پلاننگ ڪرڻ لڳو ته آئون سينٽر ۾ ڪنهن کي به ڪاپي ڪرڻ نه ڏيندس ۽ ڪاپي بلاڪ کان ٻاهر ڪڍڻ هرگز نه ڏيندس. سينٽر تي وڃي داٻو هلائيندس، صبح جو تيار ٿي دوست کان موٽرسائيڪل وٺي سينٽر روانو ٿيو، جڏهن ڪاليج جي گيٽ تي پهتو ته ڪاليج جو گيٽ بند لڳو پيو هو، شاگردن جي ۽ انهن جي دوستن جي گيٽ تي تمام گھڻي رش لڳي پئي هئي. موٽرسائيڪل پاسي تي بيهاري وڃي گيٽ کڙڪائڻ لڳو، چوڪيدار اندران نڪتو ڪير آهيو توهان؟ هي ان کي چوڻ لڳو آئون امتحان وٺندڙ صاحب آهيان ۽ حيدرآباد مان آيو آهيان، چوڪيدار جلدي ۾ دروازو کوليو، External head صاحب اندر سينٽر ۾ وڃي ڏسي ته نه Internal ۽ نه Factotum موجود هجي. هڪ ليب اٽينڊنٽ ٻئين اسڪيل جو همراهه هٿن ۾ ڪاپيون کڻيو ڪلارڪن ۽ پٽيوالن کي ورهائيندو پئي رهيو، هن وڃي ان کي چيو ته مان حيدرآباد مان External head ٿي توهان جي سينٽر پهتو آهيان. ان چيس سائين توهان هلي سامهون ڪمري ۾ ويهوInternal ۽ Factotum اچن ته توهان سان ملرائيندس، ساڍا نو ٿي ويا، ان کانپوءِ Internal ۽ Factotum سينٽر تي پهتا. اچڻ شرط اچي External head سان مليا، چانهه بسڪوٽ گهرائي ان جي مهمان نوازي ڪئي وئي External head کين چيو ته سائين پيپر کڻي اچو اڌ ڪلاڪ ليٽ ٿي وئي آهي ته شاگردن ۾ ورهايون Internal صاحب ان کي چوڻ لڳو ته سائين سڀ ڪم ٿي ويو. توهان ڇو ٿا پريشان ٿيو، External head وري Internal ۽ Factotum کي چوڻ لڳو ته اچو ته سينٽر جو دورو ڪريون، تنهن تي به جواب ڏنائون ته اهو ڪم توهان جو آهي. ڀلي گهمي اچو،External head پاڻ اڪيلو سينٽر تي گهمڻ لاءِ نڪتو، ڏسي ته بلاڪن جي اندر ۽ ٻاهر ڪوريڊور ۾ ميلي جو منظر هجي. انهن کي هڪلون ڏيندو رهيو ته جنهن جو پيپر ناهي. اهي ٻاهر نڪري وڃن، پر انهن دانهن ۽ رڙين جي باوجود ڪوبه ماڻهو ٻاهر نه نڪتو، پوليس جا ٻه ٽي سپاهي بيٺا هئا. انهن کي چوڻ لڳو ته هي ٻاهريان ماڻهو ٻاهر ڪڍو، تنهن تي پوليس وارن چيس سائين هي اسان جو چوڻ تي ٻاهر نه نڪرندا. پوليس وارن جي جواب کانپوءِ External head بلاڪ ۾ وڃي هڪلون سڪلون ڏئي بيٺل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي سلپون چيڪ ڪرڻ لڳو، ڏهه ٻارنهن بلاڪن ۾ چيڪنگ دوران 215 جي لڳ ڀڳ Impersonationڪيس پڪتا ۽ 110 جي لڳ ڀڳ ڪاپيون ٻاهر ويل هيون انهن جا نمبر نوٽ ڪيا Invigilatorsکان پڇندو رهيو ته هي ڇاهي توهان امتحان ۾ ٻاهريان ماڻهو ويهاريا آهن ۽ ان سان گڏ ڪاپيون ٻاهر بلاڪ کان ڪڍيون آهن ڇو؟ اهي Invigilators چوندا رهيا، سائين اسان پٽيوالا ۽ ڪلارڪ آهيون، اهي به نوان، اسان کي هتي بيهاريو ويو آهي. اسان حڪم جا بندا آهيون، اسان کي وڌيڪ ڪابه خبر نه آهي Impersonation ڪاپيون ۽ ٻاهر ويل ڪاپين جا نمبر کڻي اچي Internal ۽ Factotum کي اچي ڏنائين ۽ چيو ته هي ڇا آهي؟ Internal ۽ Factotum چوڻ لڳا ته سائين ڇوڪرا ڪاپي نه ڪندا ته پاس ڪٿان ٿيندا. توهان ڇڏيو هنن کي External head انهن کي چيو ته سائين هي ٻين جي پاران امتحان ڏين پيا ۽ ڪاپيون بلاڪ کان ٻاهر نڪتل آهن. ڪاپي جي ڌم متل آهي، هي ته تمام وڏو جرم آهي، توهان چئو ٿا ته ڇڏي ڏيان External head انهن شاگردن کان پڇڻ لڳو ته توهان ٻئي جي پاران امتحان ڇو پيا ڏيو؟ شاگرد چوڻ لڳا سائين هتي ته هر سال ائين ئي ٿيندو آهي. هي ڪا نئين ڳالهه نه آهي. ڪي شاگرد چوڻ لڳا سائين منهنجو ڀاءُ، دوست، مائٽ، دبئي، سعودي عرب، شارجا ويل آهي. ان ڪري انهن جا پيپر اسان ڏيون پيا؟ ڪجھ شاگردن چيو ته منهنجو دوست ڀاءُ، مائٽ مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، لمس، زرعي يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، نوابشاهه يونيورسٽي پڙهڻ ويا آهن، انهن جا اتي امتحان آهن. انهيءَ ڪري نه اچي سگهيا آهن ۽ اسين انهن طرفان امتحان ڏيون پيا. گذريل سال به ڏنا هئا، ڪي شاگرد چوڻ لڳا ته منهنجو مائٽ، ڀاءُ دوست، آرمي، نيوي، ايئرفورس ۾ سرڪاري ڊيوٽي ڏئي رهيا آهن. انهن کي موڪلون نه مليون آهن. اسان انهن پاران امتحان ڏيون پيا.
شاگردنInternal ۽ Factotum جون ڳالهيون ٻڌي External head حيران ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته هي گريجوئيٽ اسان جي ملڪ جا معمار ٿيندا، جن جي پاران ٻيا امتحان ڏئي رهيا آهنExternal head شاگردن کي چيو ته آئون ڪنهن کي به ڪاپيون واپس نه ڏيندسExternal head جو رويو ڏسي Internal ۽ Factotumان کي بليڪ ميل ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته سائين ڪاپيون شاگردن کي واپس ڪريو نه ته پيپر هلي نه سگھندو، شاگرد بائيڪاٽ ڪندا. ماحول خراب ٿيندو، جيڪڏهن توهان ڪاپيون واپس نه ڪيون ته اسان مجبورن ڪنٽرولرExams کي اوهان جي شڪايت ڪنداسين External head کي تمام گھڻو مجبور ڪري ڪاپيون واپس شاگردن کي ڏنيون ويون ۽ شاگرد نعرا هڻندا هليا ويا.
مان سمجهان ٿو ته اسان جي حڪومت تعليم کاتي ۽ يونيورسٽي انتظاميا سڀني کي معلوم آهي ايتري تائين جو سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن کي پڻ معلوم آهي، پر سڀ جو سڀ لڪير جا فقير آهن. سڀ جو سڀ وقت گذاري ۽ مصلحت پسنديءَ جي چڪر ۾ آهن. ڪو به سچ چوڻ وارو نه بچيو آهي، اسان جو تعليمي ۽ انتظامي نظام انتهائي خطرناڪ حد تائين پهچي چڪو آهي. جنهن جي واپسي لاءِ صديون لڳنديون. خوني انقلاب ايندو تڏهن وڃي ڪا بهتري ٿئي. منهنجي وري به وسوارن کي گذارش آهي ته خدارا ائين اکيون بند نه ڪريو جو سڀاڻي سج اڀري ئي نه.