ڇا اليڪشن ڪميشن عام چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي؟
5 جنوري 2024 جمعي جي ڏينهن پاڪستان جي سينيٽ ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا حالات خاص طور تي ننڍن صوبن بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ موزون نه آهن ۽ اهو به چيو ويو آهي ته فيبروري ۾ انهن ٻنهي صوبن ۾ موسم گهڻي ٿڌي هوندي انهيءَ ڪري ماڻهن جو وڏو انگ ووٽ جي عمل ۾ حصو نه وٺي سگهندو. چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اها قرارداد هڪ آزاد سينيٽر دلاور خان پيش ڪئي. جنهن تي چيئرمين سينيٽ ووٽنگ ڪرائي، جنهن کانپوءِ انهيءَ کي منظور ڪيو ويو. حيرت آهي ته اهو ايوان جيڪو هن وقت 104 سينيٽرن تي مشتمل آهي، اتي قرارداد واري ڏينهن رڳو 14 سينيٽر موجود هئا، يعني سينيٽ جو ڪورم ئي پورو نه هو. سينيٽ ۾ موجود ٻن سينيٽرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، جن جو تعلق پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سان آهي، جڏهن ته مسلم ليگ نواز سان لاڳاپيل سينيٽر افنان الله انهيءَ قرارداد جي مخالفت ڪئي. جن سينيٽرن قرارداد جي حمايت ڪئي اهي يا ته آزاد آهن يا انهن جو تعلق بلوچستان عوامي پارٽي سان آهي. ان موقعي تي جڏهن چونڊن ۾ صرف هڪ مهيني کن جو وقت باقي بچيو آهي، تڏهن اهڙي قرارداد پاس ٿيڻ ملڪ کي سياسي عدم استحڪام طرف ڌڪڻ آهي. اسين ملڪ جي اهم سياسي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ تحريڪ انصاف جي موقف سان گڏ بيٺل آهيون ته چونڊون لازمي آهن ته 8 فيبروري تي ٿين ۽ اسين سمجهون ٿا ته اها قرارداد چونڊون ملتوي نه ڪرائي سگهندي جو چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊيول سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جاري ڪري چڪي آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ملڪ جون سياسي جماعتون ۽ پاڪستان جو عوام ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏيندو ته اهي جمهوريت جي خلاف سازش ڪن. پاڪستان جي هڪ مقبول ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌر پيپلز پارٽي واضح ڪيو آهي ته چونڊون ملتوي ڪرڻ ۾ اسانجو آواز ڪڏهن به شامل نه هوندو. تڏهن اهو سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو ته اهڙي ڪهڙي تڪڙ آهي جو سينيٽ ۾ قرارداد منظور ٿي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ هڪدم نوٽيفڪيشن جاري ڪري اليڪشن ڪميشن کي انتخابي شيڊيول فوري تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پاڪستان جي مٿئين ايوان ۾ پاس ٿيل قرارداد جي منظوري کانپوءِ انهيءَ سلسلي ۾ نڪتل نوٽيفڪيشن جي ڪاپي ملڪ جي صدر، نگران وزيراعظم، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ٻين لاڳاپيل محڪمن ڏانهن اماڻي وئي آهي. اسين حيران آهيون ته ڪهڙيون قوتون آهن جيڪي چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿيون. سپريم ڪورٽ جي هڪ واضح فيصلي ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل شيڊيول کانپوءِ جڏهن سياسي جماعتن پنهنجي چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو سينيٽ جهڙي اهم اداري جا ڪجهه سينيٽر ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن جي چوڻ ٿي رهيو آهي ۽ ڪنهن جي خواهش آهي ته چونڊون وقت تي نه ٿين. اسانجون معاشي ۽ مالي حالتون پهرين کان بهتر ٿي رهيون آهن. امن امان جي صورتحال تسلي بخش آهي. ڪوبه جواز ڪونهي جو چونڊون ملتوي ڪيون وڃن. ڪالهه کان وٺي اڄ تائين هڪ طرف ملڪ جون سڀ سياسي پارٽيون هم آواز آهن ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن. ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته مارچ مهينو سينيٽ ۾ نون سينيٽرن جي چونڊ جو مهينو آهي، انهيءَ حقيقت جي باوجود سينيٽ اهڙي قرارداد منظور ڪري ڪنهن کي خوش ڪرڻ ٿي چاهي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 8 فيبروري تي چونڊن جو حڪم ڏئي چڪي آهي ۽ ملڪ جا اعليٰ اختياري ادارا انهيءَ ڏس ۾ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، جيئن چونڊون شفاف ۽ پُرامن نموني ٿين ۽ اقتدار نون چونڊيل عوامي نمائندن جي حوالي ڪيو وڃي. سينيٽ جي نوٽيفڪيشن ۾ وزارت پارلياماني افيئرز کي فوري ڪارروائي ۽ ٻن مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن کي چيو ويو آهي ته ملڪ جي موجوده صورتحال جي تحت اليڪشن جي شيڊيول کي تبديل ڪيو وڃي. جيئن ته عام چونڊن ۾ ڪجهه هفتا ئي رهجي ويا آهن ته اليڪشن جي ملتوي ٿيڻ جا آواز اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ هن دفعي اهي آواز پاڪستان جي سينيٽ جي 14 سينيٽرن جا آهن، جتي جمهوريت ۽ آئين جي تحفظ جي ڳالهه ٿيڻ کپي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته اتي آئين جي مخالفت ۾ قرارداد پاس ٿي رهي آهي، جتي موسم ۽ سيڪيورٽي کي سبب بڻائي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي. ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين، سماجي ۽ صحافتي حلقن انهيءَ قرارداد جي مخالفت ڪئي آهي ۽ انهن مطالبو ڪيو آهي ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن. اهو يقينن اليڪشن ڪميشن جو به ڪو وڏو امتحان هوندو ته هو هڪ آزاد ۽ آئيني اداري تحت پنهنجو حق استعمال ڪندي ڇا چونڊون 8 فيبروري 2024 تي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي؟ ڇو ته هن وقت اليڪشن ڪميشن سان گڏ سپريم ڪورٽ ۽ سڀ سياسي جماعتون بيٺل آهن.