سرڪار هجي يا عوام پنهنجي ذميواري کان ۽ پنهنجي اثاثن جي ملڪيت کان لاتعلق بڻجي ويندا ته پوءِ قبضاگير ننڍي پئماني تي يا وڏي پئماني تي انهن اثاثن تي هر وقت قبضي ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن، اهو قبضو ڪچين آبادين جي صورت ۾ هجي، روڊن جي ڪنارن تي هجي، بچاءُ بندن جي مٿان ٺهيل گهرن جي صورت ۾ هجي، شهرن اندر چائنا ڪٽنگ جي نالي تي وڏن وڏن پلازائن جي صورت ۾ هجي، شهرن اندر موجود پارڪن جي زمينن کي هڙپ ڪرڻ جي صورت ۾ هجي، ٻارن جي راند جي ميدانن جي صورت ۾ هجي، رهائشي ڪالونين اندر گهٽين تي قبضو ڪري انهن کي سوڙهو ڪرڻ جي صورت ۾ هجي، شهر جي مکيه رستن تي دڪاندارن جو فٽ پاٿ مٿان قبضي جي صورت ۾ هجي، روڊن تي موجود فروٽ، سبزي جي ريڙهن جي صورت ۾ هجي يا سوين هزارين ايڪڙ سرڪاري زمينن جي مٿان قبضي ڪرڻ جي صورت ۾ هجي، ايستائين جو يونيورسٽين ۽ اسڪولن کي مليل زمين کي ڪوڙا ڪاغذ ڏيکاري وڪرو ڪرڻ جي صورت ۾ هجي.
انهيءَ قبضاگير مافيا ۾ عام ريڙهي واري کان وٺي بلڊر مافيه بيوروڪريسي سياسي اڳواڻ سڀ شامل آهن. اهڙو ئي مثال اسان کي ضلعي دادو اندر نظر آيو آهي جيڪو ميڊيا ۾ رپورٽ پڻ ٿيو آهي ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف علي شاهه ان واقعي جو نوٽيس وٺي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. دادو ضلعي جي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۽ آءِ بي اي سکر جي ڪئمپس قائم ڪرڻ جي لاءِ سنڌ سرڪار طرفان سوين ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ ڪئي وئي. جيئن ته اها زمين شهر کي ويجهو هئي ۽ قيمتي هئي ته قبضاگير مافيا سرڪاري ڪامورن سان ملي انهيءَ زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرايا، ان فراڊ ۾ دادو جو ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جاويد علي لاڙڪ ۽ دادو جو اسسٽنٽ ڪمشنر شاهنواز ميراڻي ملوث ڄاڻايا وڃن ٿا، جن کي معطل ڪري چيف سيڪريٽري سنڌ انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اهو ته هڪ واقعو آهي، پر اهڙا سوين واقعا روز سنڌ اندر ٿين ٿا، جن ۾ ادارن جا ماڻهو ملوث هجن ٿا، جيڪي رپورٽ ڪونه ٿا ٿين ۽ بلڊر مافيا آفيسرن سان گڏجي اربين رپين جون سرڪاري زمينون هڙپ ڪري سنڌ جي ڌرتي غير قانوني طريقي سان نيلام ڪري ٿي. اهي شهر هجن يا ٻهراڙيون اسان کي صوبي جي صورتحال جو خراب نظارو ڏيکارين ٿيون. اهي سڀ سرڪاري زمينون دراصل سنڌ جي عوام جون آهن، انهن تي اسڪول اڏيا وڃن، يونيورسٽيون ٺاهيون وڃن، راندين جا ميدان جوڙيا وڃن يا پبلڪ پارڪ ٺهرايا وڃن ته جيئن ان جو فائدو سنڌ جي عوام کي ٿئي، پر اها ڳالهه شايد سنڌ سرڪار کي سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ سنڌ جي عوام کي به سمجهه ۾ گهٽ ٿي اچي. ان جي ڪري اهڙي قسم جا قبضا ٿين ٿا ته عوام طرفان دانهن نٿي ڪئي وڃي. عوام کي سمجهڻ گهرجي ته مالڪ دراصل عوام پاڻ آهي، عوام ئي سرڪار کي چونڊي ٿو. انهيءَ ڪري اهي سڀئي زمينون ۽ اثاثا سنڌ سرڪار جا نه آهن، پر حقيقي طور ان جي مالڪي عوام جي آهي ۽ عوام کي ئي ان جي مالڪي ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن عوام لاتعلق بڻجي ويندو ته پوءِ دادو ۾ موجود روينيو جن ٻن اهم آفيسرن وانگر پوري سنڌ اندر موجود روينيو آفيسر سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري پنهنجا پيٽ ڀريندا ۽ بلڊر مافيه کي يا قبضاگيرن کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا. چيف سيڪريٽري سنڌ جي کنيل ان قدم جي سنڌ جو عوام آجيان ڪري ٿو. خاص طور تي دادو جو عوام جيڪو ان انتظار ۾ ويٺو هو ته سرڪار طرفان مليل زمين تي آءِ بي اي سکر جو ڪئمپس تعمير ٿيندو، سنڌ يونيورسٽي جو ڪئمپس ٺهندو ۽ انهن جا ٻار انهن تعليمي ادارن ۾ پنهنجن گهرن ويجهو تعليم پرائيندا، پر انهن جي خوابن کي هنن ٻن آفيسرن ٽوڙي ۽ بيقائدگي جو گناهه ڪيو آهي، جڏهن هنن جي مٿان انڪوائري جو حڪم آيو آهي ته يقينن ماڻهن ۾ سرهائي آئي هوندي. اسان پڻ اهو مطالبو ڪريون ٿا ته اها انڪوائري شفاف نموني ڪرائي وڃي ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي انهن آفيسرن کي نوڪري تان برخواست ڪري کين قانون مطابق سزا به ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙو ڏوهه ڪندڙن جي لاءِ رستا تنگ ٿي وڃن. اسان جي اها گهر به آهي ته نه صرف انهن ذميدار آفيسرن کي بلڪه انهن بلڊر مافيا جي ماڻهن کي به سخت سزا ڏني وڃي جيڪي ڏٺي وائٺي سرڪاري ادارن جي زمين لالچ ڏئي خريد ڪن ٿا.
عوام جي اها گهر آهي ته سنڌ حڪومت انهيءَ زمين کي خالي ڪرائي جلد از جلد اتي ڪئمپس تيار ڪرائي ته جيئن دادو ۽ ان جي ڀرپاسي جا شاگرد انهن تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪري پنهنجو مستقبل سنواري سگهن. اسان جي گذارش سنڌ جي عوام کي به آهي ته سنڌ جي اثاثن جي مالڪي جي لاءِ پنهنجون اکيون کليل رکن ۽ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو آواز بلند ڪن ته جيئن سندن اثاثا فراڊي آفيسر وڪرو ڪري نه سگهن. ڇو ته اهي سنڌ جي عوام جا آهن ۽ اهي آفيسر انهن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن نه ڪي انهن جي نيلامي جي لاءِ.