ايڊيٽوريلنئون

مزدورن جو عالمي ڏينهن: حقن جا نعرا يا رڳو روايت؟

هر سال 1 مئي تي سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن رڳو هڪ علامتي جشن نه، پر انهن قربانين جي ياد آهي جيڪي لڳ ڀڳ 140 سال اڳ شڪاگو جي مزدورن پنهنجي حقن لاءِ ڏنيون. “اٺ ڪلاڪ ڪم، اٺ ڪلاڪ آرام ۽ اٺ ڪلاڪ پنهنجي مرضي لاءِ” جو نعرو اڄ به مزدورن جي حقن جي جدوجهد جو بنياد آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان واقعي انهن اصولن تي عمل ڪري رهيا آهيون يا رڳو تقريرن ۽ پيغامن تائين محدود آهيون؟ پاڪستان جو آئين واضح طور تي استحصال جي خاتمي ۽ مزدورن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو. صدر مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ مزدورن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته منصفاڻو اجورو، مناسب ڪم جا ڪلاڪ ۽ باوقار ڪم جون حالتون هر مزدور جا بنيادي حق آهن. ساڳئي طرح وزيراعظم شهباز شريف به مزدورن کي قومي ترقي جو اهم حصو قرار ڏنو آهي. اهي بيان بيشڪ حوصلا افزا آهن، پر زميني حقيقتون ڪجهه ٻيو داستان بيان ڪن ٿيون. تازو سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ 25 ارب رپين جي مبينا خردبرد جو انڪشاف سامهون آيو آهي، جيڪو مزدورن جي حقن تي وڏو ڌچڪو آهي. ٽريڊ يونين اڳواڻن موجب مزدورن جي انشورنس جي نالي تي اربين رپيا غيرقانوني طور خانگي ڪمپنين کي ڏنا ويا، جڏهن ته مرمت جي نالي تي جعلي ٽينڊر جاري ڪيا ويا. اِي-بائيڪ اسڪيم ۽ سلائي مشينن جهڙن منصوبن ۾ به شفافيت تي سنجيده سوال اٿاريا ويا آهن. اهو سڀ ڪجهه ان وقت سامهون اچي ٿو، جڏهن مزدور اڃا تائين بنيادي سهولتن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. اهو معاملو رڳو هڪ اداري تائين محدود ناهي، پر هڪ وسيع نظامي مسئلي ڏانهن اشارو ڪري ٿو. جيڪڏهن مزدورن جي فلاح لاءِ قائم ادارا ئي ڪرپشن جو شڪار ٿيندا، ته پوءِ عام مزدور کي انصاف ڪٿان ملندو؟ مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل فنڊ جيڪڏهن بدعنواني جي ور چڙهي وڃن، ته پوءِ رياستي دعوائون پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهن ٿيون.

پاڪستان جي معيشت ۾ مزدورن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي شهرن کي تعمير ڪن ٿا، زمينن کي آباد ڪن ٿا ۽ ڪارخانن کي هلائين ٿا. ملڪ کان ٻاهر ڪم ڪندڙ لکين پاڪستاني مزدور به زرمبادلي جي صورت ۾ معيشت کي مضبوط ڪن ٿا. ان جي باوجود، مزدور اڄ به گهٽ اجوري، غيرمحفوظ ڪم جي حالتن، ڊگهن ڪلاڪن، ۽ سماجي تحفظ جي کوٽ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي وڏي اڪثريت غير رسمي شعبي سان لاڳاپيل آهي، جتي مزدور نه لکيل معاهدي هيٺ ڪم ڪن ٿا، نه سوشل سيڪيورٽي حاصل ڪن ٿا ۽ نه ئي کين قانوني تحفظ ميسر آهي. ڪيترن هنڌن تي سرڪار طرفان مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي به مڪمل عمل نٿو ٿئي. عورت مزدور به ٻيڻي استحصال جو شڪار آهن، جن کي نه صرف گهٽ اجورو ملي ٿو، پر تحفظ ۽ عزت واري ماحول کان به محروم رکيو وڃي ٿو. بين الاقوامي ليبر آرگنائيزيشن (ILO) جا اصول واضح طور تي مزدورن جي حقن جي حفاظت تي زور ڏين ٿا، جن ۾ جبري مشقت جو خاتمو، چائلڊ ليبر جي روڪٿام، محفوظ ماحول ۽ برابري جا موقعا شامل آهن. حڪومت طرفان انهن اصولن تي عملدرآمد جون دعوائون ضرور ڪيون وڃن ٿيون، پر عملي سطح تي اڃا تائين وڏا خال موجود آهن.

مزدورن جي مسئلن جو حل صرف پاليسين يا بيانن سان ممڪن ناهي، پر ان لاءِ عملي قدم کڻڻ ضروري آهن. سڀ کان پهرين، ڪرپشن خلاف سخت ۽ شفاف احتساب جو نظام قائم ڪرڻو پوندو ته جيئن مزدورن لاءِ مختص فنڊ صحيح استعمال ٿي سگهن. ٻيو، گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي سختي سان عمل ڪرائڻو پوندو. ٽيون، مزدورن لاءِ سوشل سيڪيورٽي، پينشن، صحت سهولتون ۽ انشورنس جو دائرو وڌائڻو پوندو. چوٿون، ٽيڪنيڪل تعليم ۽ مهارتن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، جيئن مزدور جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ٿي سگهن. آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته مزدورن جو عالمي ڏينهن رڳو هڪ رسمي ڏينهن نه هجڻ گهرجي، پر اهو قومي احتساب ۽ نئين عزم جو ڏينهن بڻجڻ گهرجي. اهڙو عزم، جنهن ۾ حڪومت، نجي شعبي ۽ سماج جا سڀئي طبقا گڏجي مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻن. ڇو ته جيڪا قوم پنهنجي مزدورن جو خيال رکي ٿي، اها ئي پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائي ٿي. جيڪڏهن اسان واقعي 1 مئي جي اهميت کي سمجهون ٿا، ته پوءِ اسان کي رڳو نعرا نه، پر حقيقي تبديلي آڻڻي پوندي، ڇو ته مزدورن جي خوشحالي ئي ملڪ جي خوشحالي آهي.