آمريڪي قوم آمراڻو مزاج، آقا ۽ غلام کي ساراهيندڙ آهي. اڄ هو فزيڪل غلامي جي جڳھه تي معاشي غلامي جي وسيلي دنيا جو آقا ۽ مالڪ بڻيو ويٺو آهي. دنيا ۾ جتي به فساد هوندو، غربت هوندي، بربادي هوندي، انساني حقن جي لتاڙ هوندي يا جنگ ۽ قتل عام هوندو آمريڪي شيطان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اتي موجود ضرور هوندو. ٻاهرين دنيا جا وسيلا ڦرڻ، غلام داري پيدا ڪرڻ ائين ئي آهي جيئن اوڻيهين صدي کان اڳ هو. آڪٽوپس سن 1800ع تائين ورڪنگ وقت معمولي مزدوري جي بدلي 12 کان 18 ڪلاڪ مقرر ڪيو هو! اهوئي سبب آهي ته انهيءَ ظلم ۽ زيادتي جي خلاف 1860ع ۾ مزدور تحريڪن جي شروعات ٿئي ٿي. 1827ع ۾ پندرهن مزدور يونين جو اتحاد “مڪينڪس يونين آف ٽريڊ ايسوسيئشن” وجود ۾ آيو. 1861ع ۾ کاڻين وارا مزدور به منظم ٿي چڪا هئا! ان دوران مزدورن جون ويهن کان مٿي تنظيمون قائم ٿي چڪيون هيون، جن 20 آگسٽ 1866ع ۾ بالٽي مور ۾ گڏ ٿي نيشنل يونين ليبر جي نالي سان هڪ گڏيل تنظيم ٺاهي، جنهن روزانو اٺ ڪلاڪ جو شيڊيول نافذ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. صنعتڪار مافيا ان تحريڪ کي دٻائڻ جي لاءِ جبري برطرفين، تشدد ۽ ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جي مورثي آقائيت واري روش اختيار ڪئي، پر زمين تي ارتقا جي تاريخ لکڻ وارن محنت ڪشن هار نه مڃي! نه جهڪيا نه وڪيا، بلڪه ميدان ۾ ڳاٽ اوچو ڪري بيٺا رهيا! نه فوجي جرنيلن جي ڌمڪين کان، نه کنڀي گم ڪرڻ کان ڊنا، نه هٿ ٺوڪين ڪيسن کان خوفزده ٿيا. جڏهن شينهن دل محنت ڪش اٿيا ته مٺ جيترن اميرن کي مجبورن گوڏا کوڻڻا پيا.