بلاگنئون

پهرين مئي مزدورن جو عالمي ڏينهن

آمريڪي قوم آمراڻو مزاج، آقا ۽ غلام کي ساراهيندڙ آهي. اڄ هو فزيڪل غلامي جي جڳھه تي معاشي غلامي جي وسيلي دنيا جو آقا ۽ مالڪ بڻيو ويٺو آهي. دنيا ۾ جتي به فساد هوندو، غربت هوندي، بربادي هوندي، انساني حقن جي لتاڙ هوندي يا جنگ ۽ قتل عام هوندو آمريڪي شيطان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اتي موجود ضرور هوندو. ٻاهرين دنيا جا وسيلا ڦرڻ، غلام داري پيدا ڪرڻ ائين ئي آهي جيئن اوڻيهين صدي کان اڳ هو. آڪٽوپس سن 1800ع تائين ورڪنگ وقت معمولي مزدوري جي بدلي 12 کان 18 ڪلاڪ مقرر ڪيو هو! اهوئي سبب آهي ته انهيءَ ظلم ۽ زيادتي جي خلاف 1860ع ۾ مزدور تحريڪن جي شروعات ٿئي ٿي. 1827ع ۾ پندرهن مزدور يونين جو اتحاد “مڪينڪس يونين آف ٽريڊ ايسوسيئشن” وجود ۾ آيو. 1861ع ۾ کاڻين وارا مزدور به منظم ٿي چڪا هئا! ان دوران مزدورن جون ويهن کان مٿي تنظيمون قائم ٿي چڪيون هيون، جن 20 آگسٽ 1866ع ۾ بالٽي مور ۾ گڏ ٿي نيشنل يونين ليبر جي نالي سان هڪ گڏيل تنظيم ٺاهي، جنهن روزانو اٺ ڪلاڪ جو شيڊيول نافذ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. صنعتڪار مافيا ان تحريڪ کي دٻائڻ جي لاءِ جبري برطرفين، تشدد ۽ ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جي مورثي آقائيت واري روش اختيار ڪئي، پر زمين تي ارتقا جي تاريخ لکڻ وارن محنت ڪشن هار نه مڃي! نه جهڪيا نه وڪيا، بلڪه ميدان ۾ ڳاٽ اوچو ڪري بيٺا رهيا! نه فوجي جرنيلن جي ڌمڪين کان، نه کنڀي گم ڪرڻ کان ڊنا، نه هٿ ٺوڪين ڪيسن کان خوفزده ٿيا. جڏهن شينهن دل محنت ڪش اٿيا ته مٺ جيترن اميرن کي مجبورن گوڏا کوڻڻا پيا.

1870ع جي ڏهائي ۾ انهن شير دل هيروز ڪيترائي ڀيرا زبردست احتجاجي مظاهرا ڪيا! 1873ع ۾ شڪاگو ۾ آمريڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو احتجاجي مظاهرو ٿيو. تحريڪ جي ڏهن اڳواڻن کي موت جي سزا ڏني وئي، پر تحريڪ زور وٺندي وئي. آڪٽوبر 1884ع ۾ فيڊريشن آف ليبر يونين هڪ قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته جيڪڏهن پهرين مئي 1886ع تائين وقت 8 ڪلاڪ نه ڪيو ويو ته مزدور ڪم بند ڪري ڇڏيندا! اهائي اهڙي ڪال هئي جنهن اڳتي هلي تاريخ ۾ پهرين مئي جي نالي سان سدائين جي لاءِ پنهنجي سڃاڻپ بحال ڪرائي ورتي. انهيءَ اعلان کانپوءِ فاشسٽ حڪومت جي جبر ۽ تشدد ۾ شدت ايندي وئي! جواب ۾ 1884ع مزدورن بنا وقت مقرر ڪرڻ جي ڪم بند ڪري ڇڏيو. اهو پهرين مئي جو ڏينهن هو، يعني اهو ڏينهن جنهن اڳتي هلي دنيا کي تبديل ڪيو. 3 مئي تيHey Market  شڪاگو ۾ جتي محنت ڪش گڏ ٿيا هئا، ميڙکي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شديد لٺ بازي ڪئي وئي ۽ بعد ۾ گوليون هلايون ويون! ان موقعي تي چار محنت ڪش شهيد ٿي ويا! ٻئي ڏينهن فاشسٽ حڪمرانن جي خلاف سڄي آمريڪا ۾ محنت ڪش سراپا احتجاج هئا! شڪاگو جي مرڪزي جلسي کي مزدور اڳواڻن جي خطاب دوران پوليس مداخلت ڪئي ۽ ان کي زبردستي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هو ناڪام ويا! پوليس ميڙ تي دستي بم ڦٽو ڪيو جنهن ۾ هڪ پوليس وارو مارجي ويو، پر ميڙ تي الزام هڻي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيائون، جنهن ۾ پنجاھه جي لڳ ڀڳ مزدور شهيد ٿيا ۽ سوين زخمي ٿيا! ان موقعي تي هڪ مزدور پنهنجي ساٿي جي اڇي قميص جو ٽڪرو جيڪو رت مان ڳاڙهو هو جهنڊي طور فضا ۾ بلند ڪيو، جيڪو بعد ۾ محنت ڪشن جي جهنڊي جو رنگ بڻجي ويو! اڄ به ڳاڙهو جهنڊو انهيءَ خوني انقلاب جي ياد ۾ مزدور استعمال ڪن ٿا! شڪاگو ۾ تحريڪ جي سرگرم اڳواڻن اوگسٽ اسپائس، البرٽ پارسن، ايڊولف فشر، لوئيس لنگ، جارج ايجنل، سيموئيل فيلڊن، مائيڪل شوائي ۽ اسڪريتب کي پوليس تي حملي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. اوگسٽ، فشر، البرٽ، اسپائس ۽ اينجل کي 11 نومبر 1887ع تي ڦاسي ڏني وئي جڏهن ته مائيڪل ۽ سيموئيل کي عمر قيد جي سزا ملي! لوئيس جي جيل ۾ وفات ٿي. انهن مزدور اڳواڻن ۾ ٻن جو تعلق آمريڪا سان هو. جڏهن ته ٻين جو تعلق جرمني، برطانيه ۽ آئرلينڊ سان هو. فاشسٽ سامراجيت ان واقعي کي عام واقعو قرار ڏئي ان جي اهميت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر 1889ع ۾ فرانس ۾ انٽرنيشنل يونين جي نمائندن پهرين مئي کي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي ۽ 1890ع ۾ هالينڊ ۾ ان کي باقاعده ملهايو ويو. ائين اهو ڏينهن تاريخ ۾ امر ٿي ويو. آمريڪا ۾ يوم مزدور پهرين مئي تي نه پهرين سيپٽمبر جي پهرين سومر تي ملهايو ويندو آهي ۽ انهيءَ ڏينهن هتي عام موڪل ٿيندي آهي! دوستو! آمريڪي سامراجيت جو آڪٽوپس اڄ به  سڄي دنيا جي انسانن کي پنهنجن خوني چنبن ۾ سوگهو ڪري بيٺو آهي! اهو اڄ به ڇهه ارب انسانن جي مقدر جو آقا آهي. جڏهن به چاهي ٿو جتي چاهي ٿو اهو پنهنجي درندگي پکيڙي رت پياڪ بگهڙ بڻجي وجي ٿو. اها اهڙي ديوي آهي جنهن کي هر سال انساني رت جي ضرورت پوي ٿي ۽ اهو ٽپ ڏئي پهچي وڃي ٿو! ان آڪٽوپس کان جان ڇڏائڻ جو طريقو صرف هڪ آهي ۽ اهو آهي مارڪسي نظريي جي جهنڊي هيٺ مزدور اتحاد! جيستائين سڄي دنيا جا پرولتاري محنت ڪش گڏجي ڪري جدوجهد نٿا ڪن اهي سامراجيت کان ڇوٽڪارو حاصل نٿا ڪري سگهن! اسان کي هٿيار ڇڏي قلم هٿ ۾ کڻڻو آهي ۽ محبت جي روشني سان امن، ڀائيچارو ۽ ترقي جا نوان باب لکڻا پوندا! غربت هندستان ۾ به آهي ۽ پاڪستان ۾ به آهي! پر دهلي ۽ اسلام آباد احساس کان وانجهايل اميرن جي قبضي ۾ آهن! جن کي نه غربت جي پرواهه آهي نه غربت جو ٻارڻ بڻيل ڪروڙين ماڻهن جو خيال آهي!  اهڙي ماحول ۾ سواءِ مارڪسزم جي جهنڊي جي هيٺان گڏ ٿي جدوجهد ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو رستو ئي ناهي! اچو ته اڄ پهرين مئي جي سونهري موقعي تي واعدو وفا ڪيون ته اسان دنيا جي مزدورن جو اتحاد قائم ڪري مارڪس جي خواب جي نئين سر تعمير ڪريون!