اچو ته البانيه گهمون (قسط-10 حصو ٽيون)
اسفنڪسي بيچ هڪ تمام وڏو بيچ آھي جنھن تي تقريبن 12 فٽ اوچو ٿلهو ٺاهيو ويو آھي جيڪو هيٺان کان مٿي ويندو ننڍو ٿيندو وڃي ٿو. هن ٿلھي تي چڙھڻ لاءِ اُنجي چوگرد ڏاڪڻون ٺاهيون ويون آھن، هن ٿلهي مٿي يا هيٺ ڏاڪڻين تي هڪ ئي وقت ۾ ھڪ سئو کان مٿي ماڻهو بيهه يا ويهي سگهن ٿا. ٿلهي جي مٿان خوبصورت سمنڊ، پهاڙن ۽ عمارتن جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. هن ٿلهي (چبوتري) تان صبح جي وقت سمنڊ مان سج اُڀرڻ ۽ شام ٽاڻي سمنڊ ۾ سج جي ٻڏڻ (لهڻ) جو منظر ڏسڻ وٽان آهي. هر دل چاهيندي آهي ته ڪاش هُو به سج سان گڏ سمنڊ مان اُڀري ۽ سج سان گڏ سمنڊ ۾ لهي ۽ انيڪ اسرارن کي ڄاڻي سگهي. هتي عام ماڻهو ته چڙهي کُليِ، شوخ ۽ چنچل هوا ۾ ته مزو وٺن ئي ٿا پر خاص طور تي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون Date تي هتي اچن ٿا ۽ پاڻ ۾ پيار، محبت ۽ جيون ڀر ساٿ نڀائڻ جا واعدا وچن ڪن ٿا. جيئن تہ ھن بيچ تي نالو اسنفڪس جي پس منظر ۾ رکيو ويو آهي، انهي ڪري هتي اسفنڪس جو مجسمو به ٺاهيل آهي. پر جيئن ته اسفنڪس هاڻ مري چڪي آهي، تنهنڪري اُها ھاڻي پيار ڪندڙ دلين جو ڪجهه به بگاڙي نٿي سگهي ۽ جوڙا امن ۽ سڪون جي ماحول ۾ هڪ ٻئي ۾ پيار ونڊين ٿا ۽ دنيا مان نفرتن جون پاڙون پٽڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿا.
هي بيچ ڊيگهه ۾ 6 ڪلوميٽر ۽ ويڪر ۾ بہ ڪافي وڏو آهي. هن بيچ جو فرش ماربل ۽ ٽائل جي سجاوٽ سان ٺاهيو ويو آهي، جن جي وچ ۾ وڻن، گلن، ٻوٽن جون ڪافي ڊگهيون قطارون لڳل آهن. هتي مختلف جڳهين تي ويهڻ لاءِ بينچون پڻ رکيون ويون آهن. سمنڊ جي هن ڊگھي ۽ خوبصورت ڪناري تي وڏا ۽ اوچا ٿلها ٺاهي اُنهن تي مجسما به کڙاڪيا ويا آهن. سمنڊ جي ڪناري تي بلڪل سمنڊ جي ويجهو توهان کي هڪ ملاح جو مجسمو به ملندو جيڪو پٿر جي ڌڪي تي ويهي ڪنڊي سان سمنڊ ۾ شڪار ڪري رهيو آهي. هڪڙي لوڪيشن تي وري توهان کي وڏي چبوتري تي ٺاهيل سپاهي جو بندوق سان مجسمو به نظر ايندو، ته وري ڪٿي توهان کي حسين عورتن جا محدود لباس پاتل مجسما به نظر ايندا. هڪ لوڪيشن تي بنا ڌڙ جي بلڪل اُگهاڙي عورت جو ڪاري رنگ جي ڌاتو ۾ ٺهيل مجسمو به نسب ٿيل ملندو. هن مجسمي کي وڄائڻ سان سُرن سان ڀرپور آواز نڪرن ٿا. پاڻ وٽ ته سنگتراشي شجر ممنوع آهي سو ڇوراھن تي اھڙا خوبصورت پتلا ڪنھنجي ڦِٽي آهي جو نسب ڪندو؟ ھنن حسين و جميل عورتن جا پتلا ڏسي سچ پڇو ته ڀاڪر پائڻ تي دل چوي ٿي ۽ ڀاڪر پائي به سگهجي ٿي ڇو جو هتي اُن تي اعتراض ڪرڻ وارو ڪوئي ڪونهي ۽ نہ ئي پاڻ وارو گھٽ ٻوسٽ جو ماحول. پاڻ واري ملڪ ۾ تہ پنهنجي زال سان ڀاڪر پائي گهمڻ ۾ به جوانن جي غيرت جهل نٿي ڏي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڻ وٽ جيڪو ٻاهران غيرت ۽ اخلاقيات جو نام نهاد صاف سٿرو ماحول نظر اچي ٿو اُن جو اندران ڪم ئي لٿو پيو آهي. اُن ۾ ايڏو تہ گند ڀريل آهي، جو البانيا جهڙا اَٺ ملڪ گڏجن ته به پاڻ ملهه ماري وينداسين. اهو سڀ اسانجي سماج ۾ جنسي گهٽ ٻوسٽ جي ڪري آهي. البانيا جهڙن ملڪن ۾ عورتون ۽ مرد کلي عام چيلهه تي هٿ ورائي يا ڀاڪر پائي گهمن ٿا. مني اسڪرٽ، بڪني يا جيڪو دل کي لباس وڻي پائي گهمن ٿا، ڪير به اُن تي ڌيان ڏيڻ وارو ڪونهي ۽ نه ئي ڪو اخلاقيات تي ليڪچر ڏيڻ وارو هجي ٿو. آزاد ۽ کلئي ماحول هئڻ سبب هتي جنسي ڏوهه نه هئڻ جي برابر ٿين ٿا. جڏهن ته پاڻ جهڙن ملڪن ۾ جنسي گهٽ ٻوسٽ ۽ پابندي سبب عورتن سان زناڪاري ته ڇڏيو پر ماڻهو معصوم ٻارن سان مقدس جڳهين تي زناڪاري ڪندي به شرم محسوس نٿا ڪن. ان جنسي گهٽ ٻوسٽ ۽ پابندي جو ٻيو نقصان اِهو ٿو ٿئي ته اسانجو ماڻهو چوويهه ڪلاڪ جنس جي معاملي تي سوچيندو ٿو رهي ۽ پنهنجي جنسي پورائي لاءِ دو نمبري حڪيمن جي ور چڙهي وڃي ٿو ۽ نتيجو اِهو ٿو ٿئي ته، نه ته هو پنهنجيون صلاحيتون پنهنجي آئيندي ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ملڪي ترقي ۾ ڪو بهتر ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق رهي ٿو. ظاھر آھي جنھن جي دماغ تي چويھ ڪلاڪ جنسي ڀوت سوار ھوندو اُھو ڪھڙو مثبت انداز ۾ سوچيندو؟ ۽ پنھنجي ۽ سماج جي ترقي لاءِ ڪھڙي بھتر منصوبہ بندي ڪري سگھندو؟
سون جهڙي ريتي جي هن بيچ تي سمنڊ جي گهرائي ايڏي گهڻي ناهي انهي ڪري هتي ٻڏڻ جو خطرو گهٽ رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هتي عورتون، ٻار توڙي مرد سمنڊ ۾ ترڻ جو خوب مزو وٺن ٿا. هن بيچ تي ڪافي کاڌي پيتي جون هوٽلون به آهن جن تي الباني کاڌا خاص طور تي مڇي جي آئٽمن کانسواءِ انگلشن فوڊ به دستياب آهي. ڪافي ڊگهي بيچ هئڻ سبب هن بيچ جو هر هڪ اڌ ڪلوميٽر هلڻ کانپوءِ نئون نقشو ۽ نئين سٽاءُ (ترتيب) ڏسڻ لاءِ ملي ٿي. ڪٿي آرامده ليٽيل بستري ٽائيپ ڪرسيون ته ڪٿي اُس جي ڇترين جو جهان، ڪٿي واڪنگ ۽ جاگنگ جا ٽريڪ ته ڪٿي ننڍڙا راندين جا ميدان جن تي حسينائن کي واڪنگ ۽ جاگنگ ڪندي ڏسو ۽ پاءُ رت جو وڌايو سو به مفت ۾. هتي اونهاري جي موسم جيڪا جون کان سيپٽمبر تائين هجي ٿي، بيچن تي ڪافي رش هجي ٿي. ان سيزن ۾ 6 لک کان مٿي سياح البانيا جي مختلف سامونڊي ڪنارن تي تفريح ڪرڻ اچن ٿا. جيئن ته يورپ جي ڀيٽ ۾ البانيا ۾ وڌ کان وڌ سج نڪري ٿو، انهي ڪري هتي يورپيئن وڌيڪ تعداد ۾ اچن ٿا ۽ سن باٿ (Sun bath) جو خوب مزو وٺن ٿا. نيڪر، بڪنيز ۽ برائوزر پاتل حسين جوانريون سمنڊ جي واري تي يا آرامده ڪرسين تي اهليون پيون هونديون آهن ۽ سج جا ڪرڻا اُنهن جي نازڪ ۽ لسي بدن کي ڇهي اڃان به وڌيڪ تپش پيدا ڪندا آهن.
هينئر سردي (ڊسمبر) هئڻ سبب بيچ تي ماڻهو نه هئڻ جي برابر آهن ۽ حسينن جو جهميلو به گهٽ نظر اچي ٿو. شايد انهي ڪري سمنڊ به اُداس آهي ۽ ڇوهه مان ڇوليون به نٿو ماري ۽ پٺتي لهي آلي چِڪ (گپ يا گهارو) جا نشان پوئتي ڇڏي ويو آهي، جنهن ۾ هلندي اُنهن نازينن جي پيرن جي ڇهاءُ جي سُڳنڌ جيڪا آلي مٽي ۾ سمائجي (جذب) ٿي وئي آهي، هاڻي به محسوس ڪري سگهجي ٿي. جي فطرت کي به زبان هجي ها ته اُها به شايد عام انسانن وانگر انهن حسينائن جي دوري سان ماحول ۾ ڦھليل ويڳاڻپ ۽ درد ڀري ڪيفيتن (روداد) جو اظهار ضرور ڪري ها.
بقايا سفرنامو ايندڙ قسط ۾….


