سفرنامو

اچو ته البانيه گهمون (قسط 9 حصو ٻيون)

البانيا جي آزاديءَ جو اهڃاڻ، ڪروجا قلعو

پاڻ تقريبن 9 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئه ڪري ايلباسن ڪائونٽي جي حدن ۾ واقع شيش (Shesh) ڳوٺ ۾ پهتا آهيون جنهن کي الباني پنهنجي ٻولي ۾ Sheh ڪوٺين. وادي ۾ موجود هي ننڍڙو خوبصورت ڳوٺ سمنڊ جي مٿاڇري کان 460 ميٽر مٿي آهي ۽ سردي جي موسم ۾ هن ۾ ٺيڪ ٺاڪ برف پوي ٿي. هن ننڍڙي ڳوٺ جي خاص سڃاڻپ هتي جو شراب آهي، جيڪو سڄي البانيا ۾ مشھور آھي. هي شراب Shes Bardho ۽ Sheshi i zi انگورن مان ٺهي ٿو ۽ هن ڳوٺ جو نالو به انهن انگورن جي پويان رکيل آهي. پنجين صدي قبل مسيح ۾ به هتي جا ماڻهو اٽلي ۽ ٻين ملڪن ڏانهن، هتي جو مشهور شراب ۽ زيتون (Olive) ايڪسپورٽ ڪندا هئا. هتي جي مشهور ليکڪ Baki Derveshi جو هن عمده شراب تي هڪ ڪتاب پڻ لکيل آهي. هتي جا ماڻهو ان انگوري شراب کي نه صرف پسند ڪن ٿا پر پنهنجي لاءِ فخر جي لائق سمجهن ٿا. هن ئي ڳوٺ ۾ هر سال سيپٽمبر جي مهيني ۾ وائن فيسٽيول (Wine Festival) به ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيھي ملڪن جا سياح بہ اچن ٿا ۽ فطرت جي ھنج ۾ ٺھيل ڳوٺ جي خوبصورت ماحول ۾ سوم رس (شراب) جي چسڪين مان مزو وٺن ٿا، اهڙو ئي مزو جهڙو متارن کي موکي جي مڌ مان ايندو هو. ظاهر آهي جيڪو ڳوٺ حسين فطرت جي هنج ۾ ٺهيل هجي اُن جي شراب ۾ به لازمي اُها ئي موج ۽ مستي هوندي. پياڪن کي مدھوش ڪرڻ لاءِ ته اُن جي چُسڪي ئي گنج هجي ٿي، جيڪا اُنهن جي اندر جا چارئي طبق روشن ڪري پرين پسائي ٿي. شايد اهڙي ئي ڪنهن ماحول کي ڏسي لطيف سائين هي بيت چيو هجي،

جي ماسو مليئي مال، ته پوڄارا پُر ٿيئين

هن ننڍڙي خوبصورت ڳوٺ جي روح پرور نظارن جي سونهن جو ته ڪو جواب ناهي، پر جي توهين چاهيو ته اُنجي جبلن جي چوٽين تي چڙهي ترانا، ڊيوريس ۽ ڪروجا جو پري کان ديدار ڪري لطف اندوز ٿي سگهو ٿا. من کي ڀائيندڙ نظارن مان اکيون ٿڌيون ڪري پاڻ وري پنهنجو سفر جاري رکون ٿا. چند ڪلوميٽر ئي اڳيان رستي ۾ Taverna ڳوٺ آھي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هي ڳوٺ ڏاڍو خوبصورت آهي. هونئن به پنهنجو مشاهدو ۽ راءِ آھي ته ميداني علائقن جي ڀيٽ ۾ پهاڙي علائقن جي فطرتي سونهن ڪجهه سرس ئي هجي ٿي. سو پهاڙي وسندي هئڻ ڪري هن ڳوٺ جي فطري سونهن ۽ سوڀيا ڪجهه وڌيڪ ئي اپيل ڪري ٿي. پر هن ڳوٺ جي خاص سڃاڻپ آهي جبل جي چوٽي تي ٺهيل Vjeter Kryier ريسٽورنٽ، هتي ويهي قدرتي نظارو به ڪريو ۽ ماني جو مزو به وٺو. ليڊي (ڊرائيور) ٻڌايو ته هتي هوٽل ۾ ڪافي قسمن جا کاڌا ملن ٿا پر البانيا جي کاڌن ۾ وڌيڪ مشهور ڊش Tave Kosi يعني ساس (Sauce) ۽ ڏهي ۾ ٺهيل رڍ جو گوشت آھي، جنھن جو ذائقو ئي پنھنجو آهي. پاڻ وٽ خدانخواسته پتو پئجي وڃي ته هوٽل وارو ڇيلي جي جاءِ تي رڍ جو گوشت کارائي ٿو ته اُنجو خير ڪونهي ۽ هونئن به پاڻ وٽ رڍ جو گوشت کائڻ پنهنجي وات جي ذائقي کي ڪونه آئڙي. سفر ۾ آئون ڪوشش ڪندو آهيان ته ناشتو ته ڳرو (هيوي) ڪجي باقي ٻنپهرن جو کاڌو گهٽ ۽ هلڪو کائجي جيئن ماڻهو چست ۽ ڦڙت رهي ۽ مزي سان گهمي ڦري سگهي. هونئن ته اڪثر پاڻ وٽ رات جي ماني ۾ مون سميت باقي سنگت به هالاناڪي يا ٻي ڪنهن هوٽل جي ڪڙهائي شوق سان کائي ٿي، باقي ٻنپهرن جو اهڙي ماني کائڻ جو ڪڏهن ئي ڪو اتفاق ٿئي ٿو نه ته مڙئي ٿيو خير. هاڻي ٻنپهرن جو ٽائيم ٿيو هو ۽ بک به محسوس ٿي رهي هئي، انهي ڪري مون سوچيو اڄ کڻي ليڊي جي صلاح وٺجي. هونئن به پاڻ فقط رات جو ئي گوشت کائڻ جو قسم ٿورو ئي کنيو آهي؟ ڀلا ڪڙهائي نه سهي ته ڪو گوشت جو نئون ڊش ئي سهي.

سو ماني کائڻ لاءِ جبل جي چوٽي تي ٺهيل هوٽل ۾ اچي ويٺاسين. هتي هوا به ڇڙواڳ محسوس ٿئي ٿي ۽ نظارا به عاشقن جي دلين جي وسعتن جيترا ڦهليل هجن ٿا. ريسٽورنٽ جي ليڊي ويٽر مينيو کڻي آئي، کيس آرڊر ڏنم پر هن کي پنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. سو ليڊي (ڊرائيور) کي چيم ته ”تو وارن يارن جي ٻولي پاڻ کي سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي، تون ئي آرڊر ڏيئي ڇڏ. پر ايڏو گهڻو کاڌو نه گهرائجان جو اڳيان سفر جو به مزو وٺڻو آهي.“ البانيا ۾ ٻولي جو وڏو مسئلو آهي. انگريزي به اهڙي سمجهن جو چئو هڪڙِ شئي ته کڻي ايندا ٻي شئي. ٿوري دير رکي ليڊي ويٽر ننڍي پنٽ شراب جي ۽ گلاس کڻي آئي. مون ليڊي (ڊرائيور) کي چيو، ”هي ڇا آهي؟“ چيائين، ”جيسين ماني تيار ٿئي تيسين هي ضروري آهي ۽ منهنجي طرفان آهي.“ ليڊي پروفيشنل ڊرائيور آھي ڪونه. ڪنهن آفيس ۾ نوڪري اٿس ۽ ھي هن جو سائڊ جاب آهي. طبيعتن ماڻهو به ڀلو آهي. پوري ٽوئر ۾ اشراف ڪنهن به ڏينهن تي پئسا نه گهريا ۽ نه ئي گهڻو ٽائم لڳڻ جي شڪايت ڪئي ۽ نه ئي وري ڪڏهن بيزاري جو اظهار ڪيائين. نه ته مختلف ملڪن جي ٽوئرن ۾ پاڻ کي ڊرائيورن جي عذاب جو وڏو تجربو آهي. انهي ڪري پاڻ به جڏهن البانيا مان واپسي جي تيار ڪئي ته ھن شريف ماڻھو (ليڊي) کي اُهي ئي پئسا ڏئي ڇڏيا، جيڪي هن دبئي ۾ فون تي ڳالهائڻ وقت گهريا هئا، نت پاڻ سوچيو هو ته البانيا پهچي هن سان ڇڏپ ڇوٽ ڪرائبي پر ههڙي ماڻهو سان ڪهڙا ليکا؟

جبل جي اُتاهين چوٽي تي سوم رس (شراب) پي فطرتي سونهن پسڻ جو به پنهنجو مزو آهي. گلاسن ۾ اوتيل سوم رس جي شفق جهڙن رنگن ۾ جڏهن رمندڙ بادلن جا عڪس نکرن ٿا ته ماحول ويتر خوبصورت محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ۽ سوم رس جي چسڪي پيماني مان وٺندي اندر جي اوطاق ۾ من جو محبوب ڄڻ ساڻ ويٺل محسوس ٿئي ٿو. جيئن ئي ٽيبل تي ماني لڳي ته اُن جي خوشبوء ٻڌائي رهي هئي ته ٻوڙ يقينن ڀلو هوندو. هي Tave Kosi به ڪڙهائي جي پيٽرن تي ٺاهي وڃي ٿي. مڃون ٿا تہ سگريٽ صحت لاءِ آھي نقصان ڪار، پر جي ڀليِ ماني ملي، مٿان وري جي ڪافرانہ موسم ۽ مانڊاڻ ھجي ۽ اکيون آسپاس ۾ ويٺل سندرين جي سونھن پسنديون ھجن ۽ اُنھن جو آواز ڪنن ۾ سرگوشي ڪندي مڌر سر اوتيندو ھجي ته اُن مٿان سگريٽ جا ڦوڪا ڀرڻ به لازمي ٿيو پون. سگريٽ جا دونھان بہ شايد سندرين جي سونھن ۽ ماحول کان مست ٿيندي فضا ۾ نرتڪي جي انگڙاين جيان رقص ڪري رھيا آھن. هن سفر جو هڪڙو مزو اهو به آھي ته ليڊي به سگريٽ جو موالو آهي، سو پنهنجو جوڙ هن سان ٺهي ويو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته هُو روشن خيال ماڻهو به آهي. انهي ڪري هن سان ڪچهري ۾ دوستن جهڙو مزو محسوس ٿئي ٿو، نه ته پرڏيهي ٽوئرن ۾ اهڙا ڊرائيور به مٿي ۾ لڳيو وڃن جو سفر جو اڌ مزو ته اُهي ئي ڦٽايو ڇڏين. سگريٽ جو آخري ڪش ڀري اُن مان اٿندڙ دونهين کي فطرت جي ڪينواس تي چٽ چٽڻ لاءِ ڇڏي وري اچي گاڏي ۾ ويٺاسين.

بقايا سفرنامو ايندڙ قسط ۾