خاص

آءِ ايم ايف پاڪستان کي هنگامي طور هڪ ارب 39 ڪروڙ ڊالر ڏيئي ڇڏيا

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي هنگامي بنيادن تي هڪ ارب 39 ڪروڙ ڊالر ڏيئي ڇڏيا. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان تصديق ڪئي آهي ته ان کي 1.39 ارب ڊالر  ملي ويا آهن ۽ عالمي مالياتي فنڊ کان اها رقم ريپڊ فنانسنگ انسٽرومنٽ (آر ايف آءِ) تحت ملي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ هڪ ارب 39 ڪروڙ ڊالرن جي رليف پئڪيج جي منظوري ڏني هئي. آءِ ايم ايف جي پڌرائي موجب پاڪستان اهو فنڊ ڪورونا اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري سگهندو. پاڪستان ان کان اڳ به آءِ ايم ايف کان 6 ارب ڊالرن جو قرض وٺي چڪو آهي