سنڌ ۾ ڪورونا جا رڪارڊ 320 نوان ڪيس ظاهر، انگ 3 هزار 373 ٿي ويو

سنڌ ۾ ڪورونا جا رڪارڊ 320 نوان مريض ظاهر ٿي ويا. مقامي منتقلي جا 308 ڄڻا شڪار ٿي ويا، انگ 3373 ٿي ويو. ان حوالي سان سنڌ جي وڏير وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا بابت پنهنجي وڊيو بيان ۾ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته صوبي ۾ ڪورونا جا 320 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جن مان 308 مقامي منتقلي جا آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شهر ڪراچي آهي، جتي مقامي منتقلي جا 1300 کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا، هيستائين ٿيندڙ ٽيسٽن جو انگ 30 هزار 346 آهي، جن مان 3373 پازيٽو ظاهر ٿيا، فوتگين جو انگ 69 ٿي ويو آهي جيڪو ڪل مريضن جو 2 سيڪڙو آهي. هن وقت 2589 مريض علاج هيٺ آهن. ڪراچي جي صورتحال بابت انڪشاف ڪندي وڏي وزير ٻڌايو ته ضلعو ڏکڻ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقو آهي، جتي 79 نون ڪيسن سميت 578 ڪيس ظاهر ٿيا، تقريبن سمورا ڪيس مقامي منتقلي جا آهن