ڪابل اندر شادي جي تقريب ۾ خودڪش ڌماڪو 63 ڄڻا فوت، 180 زخمي
افغان ميڊيا مطابق ڪابل اندر شادي جي تقريب ۾ خودڪش ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 63 ڄڻا فوت ۽ 180 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي بعد امدادي ٽيمن پاران زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي ڪجهه زخمين جي حالت تمام نازڪ ٻڌائي وئي آهي. خبرن مطابق شادي جي تقريب ۾ 1000 ڄڻا شريڪ ٿيا هئا. ڌماڪي بعد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جڳهه کي گهيري ۾ وٺي تحقيق شروع ڪري ڇڏي آهي. افغان اختيارين مطابق طالبان حملي جي مذمت ڪئي آهي. جڏهن ته ڪنهن ٻئي گروپ به ان جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.

