خاصنئون

ايف بي آر جي ٽيم هاڻي دڪانن تي درآمدي شين جي جاچ ڪندي

ايف بي آر جي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ملڪ اندر اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پهرين سيپٽمبر کان دڪانن تي وڪامندڙ سامان جي جاچ لاءِ ٽيمون موڪلينداسين. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي وڏن شهرن جي مارڪيٽن ۾ ايف بي آر جون ٽيمون موڪليون وينديون جيڪي جاچ ڪنديون ته انهن بازارن ۾ وڪامجندڙ سامان قانوني ضرورتون پوريون ڪرڻ کانپوءِ وڪامجي رهيو آهي يا نه. واضح رهي ته ايف بي آر جي چيئرمين پنهنجي عهدي تي اچڻ بعد ئي ملڪ جي واپارين کي چيو هو ته اهي ملڪ اندر اسمگلنگ کي بند ڪري ڇڏين، هو ان کان بعد به ڪيترائي دفعا ان ڳالهه کي واضح ڪندو رهيو هو ته ڪو به ان ڪم ۾ ملوث ڏٺو ويو ته ان خلاف سخت قدم کنيا ويندا.  واضح رهي ته 1969 واري ڪسٽمز ايڪٽ مطابق ايف بي آر کي درآمدي دستاويز طلب ڪرڻ جو اختيار آهي.