يوڪرين جي سربراهه زيلنسڪي اهو چئي سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ته يوڪرين روس جي اندر پنهنجي قبضي کي مستحڪم بڻائي رهيو آهي. يوڪرين جي پاران اهو به چيو ويو ته ان جي فوج ٻي جنگ عظيم کانپوءِ روس ۾ سڀني کان وڏي فتح حاصل ڪئي آهي.
يوڪرين روس جي ڪرسڪ علائقي ۾ وڏي پيش قدمي ڪئي آهي. 24 فيبروري 2022ع تي ولادي مير پيوٽن ڪريملن ۾ ويهي يوڪرين تي حملي جا حڪم جاري ڪيا. روس جهڙي عالمي طاقت جو پنهنجي ننڍي پاڙيسري ملڪ تي اهو حملو سڄي دنيا ۾ سٺي نظر سان نه ڏٺو ويو، پر روس ۽ يوڪرين تنازعو پنهنجي طويل تاريخ رکي ٿو. سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ يوڪرين به انهن آزاد ملڪن مان آهي، جيڪي پهرين روس جي وفاق ۾ شامل هئا. يوڪرين دنيا جي ڪڻڪ ۽ جَوَ جي پيداوار جو 34 سيڪڙو حصو پيدا ڪري ٿو. اهو دنيا جي مدد ڪندڙ ملڪ آهي. هڪ طرح سان اهو روس لاءِ پڻ مددگار رهيو آهي. سڀني ملڪن جي اناج جي ضرورت هڪڙو ملڪ پوري ڪندو رهيو آهي. هينئر جيڪا کاڌي پيتي جي شين ۾ مهانگائي جي لهر آهي انهيءَ ۾ روس يوڪرين جنگ جو حصو پڻ آهن. تيل ۽ گئس جي مهانگائي به انهيءَ ۾ شامل آهي، جو روس تيل ۽ گئس جي وڏي پيداوار ڏيندڙ ملڪ آهي، پر اهو تيل ۽ گئس يوڪرين جي رستي دنيا ۾ پهچي ٿو. يوڪرين ۽ روس جنگ انهيءَ ترسيل کي به سست ڪيو آهي. نتيجي ۾ تيل ۽ گئس جون قيمتون به 24 فيبروري 2022 کان آسمان کي ڇهي رهيون آهن. يوڪرين تي جنگ مڙهڻ جو روس جو ارادو پهرين کان ئي هو، جڏهن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جولاءِ 2021ع ۾ چيو ته يوڪرين جي حقيقي خود مختياري صرف روس سان شراڪت ۾ ممڪن آهي. روس جا يوڪرين لاءِ پنهنجا شرط هئا جيڪي ڪوبه آزاد ملڪ نٿو مڃي سگهي. نتيجي ۾ روس يوڪرين تي هڪ ئي وقت زميني، سامونڊي ۽ هوائي رستن سان تباهه ڪندڙ حملو ڪري ڇڏيو، پر يوڪرين جو صدر ولاديمير زيلنسڪي پنهنجي قوم ۽ گڏوگڏ فوج جي قيادت ڪري روس جو مقابلو ڪيو، روس جي سوچ ۾ ئي نه هوندو ته سامهون يوڪريني قوم کيس هڪ طرح سان شڪست ڏيئي ڇڏيندي. روس جو مسئلو گهڻو ڪري پنهنجي سڀني پاڙيسري ملڪن سان آهي. يوڪرين تي دٻاءُ اهو هو ته يوڪرين يورپ کي ويجهو ٿي رهيو هو ۽ يورپي يونين سان ان جي قربت روس کي نٿي وڻي ۽ روس کي اهو ڊپ هو ته يوڪرين ٽيهن ملڪن جي اتحاد نيٽو جو ميمبر ٿي ويندو، پنهنجي پاڙي ۾ روس جهڙي طاقت کي نيٽو جي موجودگي پسند نٿي آئي. انهيءَ کان پهرين به روس 2014 ۾ يوڪرين تي حملو ڪيو هو ۽ يوڪرين جي ڪن علائقن تي قابض به ٿيو جتي روسي زبان ڳالهائڻ وارا اڪثريت ۾ هئا. دنيا جي خارجه پاليسي جا ڄاڻو اها ڳالهه به ڪن ٿا ته يوڪرين تي 2022ع جو حملو دراصل يوڪرين کي ٻن حصن ۾ روهائڻو هو، جيئن حملي وقت روس مشرقي رياستن لوهانسيڪ ۽ ڊونيسڪ تي پنهنجون نگاهون رکيون ۽ انهن لاءِ چيو ته اهي آزاد رياستون آهن.
روس تي يوڪرين جي حملي کانپوءِ پولينڊ، هنگري، رومانيه، مالديوا ۽ سلاوڪيه سڌو سنئون متاثر ٿيا آهن. ڇاڪاڻ ته يوڪرين جي جنگ جا متاثر ماڻهو هجرت ڪري رهيا آهن. انهيءَ سڄي پسمنظر جي باوجود لڳ ڀڳ ٽن سالن کان جاري جنگ ۾ گذريل ڏينهن ۾ اهم پيش رفت ٿي آهي، جو يوڪرين جا هزارين فوجي 6 آگسٽ جي صبح جي ساهتن ۾ روسي سرحد مان ٿيندا روس جي مغربي ڪرسڪ علائقي ۾ داخل ٿي ويا ۽ ائين يوڪرين پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪري سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. آمريڪي صدر بائيڊن جي مطابق يوڪرين جي اها فتح صدر ولاديمير پيوٽن لاءِ شڪست جو هڪ سبب آهي. گهڻو وقت اقتدار ۾ رهڻ جي به هڪ قيمت هجي ٿي، جا پيوٽن ادا ڪري رهيو آهي. يوڪرين ٻي جنگ عظيم کانپوءِ روس جي ڪرسڪ علائقي تي قبضو ڪري مشرقي يورپ ۽ روس ۾ جنگ جي هڪ نئين تاريخ لکي آهي. هاڻي جڏهن به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ بندي ٿي ته يوڪرين جي حيثيت هاڻي فاتح واري هوندي. جنگيون جيئن ته وڏو انساني الميو آهن. اسين روس ۽ يوڪرين جي قيادت کان اها اميد ٿا ڪريون ته اهي جنگ بندي ڪري ڳالهيون ٻولهيون ڪن جيئن ٻنهي ملڪن جو عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.