ايڊيٽوريلنئون

مهانگي بجليءَ جون دانهون ۽ وفاقي حڪومت جا آسرا

            وفاقي سرڪار عوام طرفان ٿيندڙ دانهون جيڪي بجليءَ جي مهانگي هجڻ سبب ٿي رهيون هيون ته نه صرف بجلي مهانگي آهي، پر بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس پڻ لڳل هجڻ جي ڪري ملڪ جو عوام بجليءَ جا بل ڀرڻ جي قابل نه رهيو هو، عوام جي انهن دانهن جو اثر سرڪار تائين پهتو ۽ وفاقي سرڪار اثر پڻ ورتو آهي. وزيراعظم طرفان ان ڳالهه جو اعلان ڪيو ويو آهي ته ايندڙ ڪجهه وقت ۾ ڪنهن به نموني بجليءَ جي بلن کي گهٽ ڪري عوام جي پهچ ۾ ڪري سگهجڻ جي لاءِ سرڪار مختلف آپشنز تي غور ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف سان پڻ بجلي سستي ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون وينديون. عوام کي اها اميد ڏياري وئي آهي ته کين جلد بجلي سستي مهيا ڪري ڏني ويندي، پر اڃان ان تي ڪوبه فيصلو نه ٿيو آهي.

            2017ع جي ڀيٽ ۾ 2024ع ۾ ملڪ اندر بجليءَ جون قيمتون پنجوڻيون ٿي چڪيون هيون، ايستائين جو هر مهيني بجلي جي بلن ۾ مختلف ٽيڪس لڳائي عوام کي مهانگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهيو پئي ويو. گذريل ڇهن مهينن کان بجليءَ جي قيمتن ۾ ڪنهن حد تائين استحڪام رهيو آهي ۽ هاڻي وزيراعظم اميد ڏيکاري آهي ته بجليءَ کي في يونٽ 10 رپيا سستو ڪيو ويندو ۽ بلن ۾ لڳندڙ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس پڻ گهٽايا ويندا. هن جي چوڻ مطابق 5 آءِ پي پيز سان ڳالهيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته 10 آءِ پي پيز سان ڳالهيون هلندڙ آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سرڪار کي 700 ارب کان مٿي ساليانو فائدو حاصل ٿيندو جيڪو وفاقي سرڪار چاهي ٿي ته عوام طرف منتقل ڪري. دنيا جي ملڪن ۾ سرڪار جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن به طرح عام عوام کي فائدو ڏئي سگهجي، ان لاءِ اتي جون سرڪارون وڏن سرمائيدارن کان ۽ امير ماڻهن کان ٽيڪس گڏ ڪري بي پهچ ۽ غريب ماڻهن تي خرچ ڪنديون آهن، پر پاڪستان ۾ درياءَ هميشه ابتو وهندو آهي. غريب ماڻهن کان زبردستي مختلف بهانن سان ٽيڪس حاصل ڪري اميرن تي ۽ سرمائيدارن تي خرچ ڪيا ويندا آهن. جيڪڏهن فائدو ڏيڻو هوندو آهي ته اهو به چند ماڻهن کي. بجليءَ جي منصوبن ۾ به اسان کي پاڪستان جي مختلف وفاقي سرڪارن جي دور ۾ ايئن ئي ٿيندو نظر آيو آهي، جڏهن انهن آءِ پي پيز سان معاهدا ڪرڻ جي بهاني پنهنجي من پسند ماڻهن کي اربين رپين جا فائدا ڏنا ۽ انهن فائدن جي وهندڙ گنگا مان سڀني پارٽين جي اڳواڻن ۽ انهن جي ويجهو رهندڙ ماڻهن جيئن جو تيئن حاصل ڪيا. غريب ملڪ ۾ ٽي ٽي هزار ارب رپيا صرف چند آءِ پي پيز کي مفت ۾ ڏنا وڃن، ڇو ته سرڪار طرفان اهڙي قسم جا عوام دشمن معاهدا ٿيل هئا ته آءِ پي پيز بجلي ٺاهي يا نه ٺاهي، نيپرا انهن آءِ پي پيز کي ڪئپسٽي پروڊڪشن جي آڌار تي رقم جي ادائگي ضرور ڪندي، اها به پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾، جنهن مان ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پيو آهي. عوام بجليءَ جا بل ڀرڻ جي حالت ۾ نه رهيو آهي. جڏهن سرڪار سڳوري کان پڇيو وڃي ٿو ته اوهان اهڙي قسم جا عوام دشمن معاهدا ڇو ڪريو ٿا ته جواب ۾ الزام گذريل حڪومتن تي لڳائي پنهنجا پلئه آجا ڪندي نظر اچن ٿا. جيڪڏهن ملڪ اندر بجلي مهانگي هوندي ته پوءِ ملڪ جو صنعتي چرخو ڪيئن هلندو؟ ۽ ملڪ برآمدي پيداوار ۾ دنيا جي ملڪن سان مقابلو ڪيئن ڪري سگهندو؟ ڇو ته ملڪ اندر ٺهندڙ مصنوعات تي خرچ وڌيڪ هجڻ جي ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جون مصنوعات مهانگيون هجڻ سبب وڪرو ٿيڻ مشڪل ٿي پون ٿيون. جيڪڏهن هن وقت جي سرڪار کي هيءَ ڳالهه ذهن ۾ آئي آهي ته بجلي سستي ڪرڻ سان عوام جو ته ڀلو ٿيندو، پر صنعتي ترقيءَ  ۾ پڻ اضافو ٿيندو ته بهتر ڳالهه  آهي دير آيد درست آيد. ان ڪري اسين سندن انهيءَ مثبت سوچ جي آجيان ڪريون ٿا.

            اميد ڪريون ٿا ته وزيراعظم جو ٿيل اعلان جلدي عمل ۾ ايندو. ان سان گڏ اهو مطالبو ڪريون ٿا ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار يا صوبائي سرڪار ڪي معاهدا ڪرڻا هجن ٿا جيڪي ملڪي ڪمپنين سان يا ٻاهرين ڪمپنين سان ته سڀ کان پهرين پنهنجي ملڪ جو ۽ ملڪ جي عوام جو مفاد کي اوليت ڏني وڃي، صرف چند ماڻهن کي خوش نه ڪيو وڃي ۽ انهن کان ڪڪ بيڪس جي نالي رقم حاصل نه ڪئي وڃي، ملڪ جو عوام اهڙن عوام دشمن منصوبن جي مخالفت ڪري ٿو.