ماتلي سميت بدين جي سڀني شھرن ۾ سمورن روڊن ۽ مين گھٽين ۾ 24 ڪلاڪن تائين سوَن جي تعداد ۾ ڦاٽل سائيلنسرن وارا موٽرسائيڪل ۽ ريڙھن توڙي رڪشائن ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪر گوڙ گدلاڻ جو وڏو ڪارڻ آھن، جنھن شور جي ڪري دڪاندارن ۽ گراھڪن ۾ ڳالھ ٻولھ متاثر ٿيڻ سان گڏوگڏ گھرن ۾ رات جو آرامي ماڻھن جون ننڊون خراب ٿين ٿيون. مختلف شھرن ۾ ھي مسئلو ڏينھون ڏينھن سنگين ٿيندو پيو وڃي، جنھن طرف ڪنھن به مجاز اختياري ۽ اداري جي ذري برابر به ڪا توجهه ناھي، ھن غير اھم لڳندڙ پر اھم مسئلي جي ڪري ماڻھن جو بلڊپريشر ته ھاءِ ٿئي ٿو، پر ذھني صحت تي ان جا ٻيا به منفي اثر مرتب ٿين ٿا. روڊن تي شور، پريشر ھارن ۽ ٻين سببن واري گوڙ جي ڪري ڀر وارن اسڪولن ۽ ڪاليجن جي پڙھائي وارو عمل به سخت متاثر رھي ٿو، پاڪستان ۾ به “نوائيس پاليوشن ايڪٽ” نالي قانون آھي ۽ لاڳو به آھي، جنھن کي عملي طور تي لاڳو ڪرڻ طرف ان ڪري به توجهه نٿي ڏني وڃي جو ان جي مقابلي ۾ ٻين مسئلن جي شدت ۽ احساس ۾ اضافو اچي ويو آھي.
ھتي اگر ھيءَ ڳالھ ڪئي پئي وڃي ته ان کي ماڻھن جي وڏي اڪثريت عجيب ڳالھ به سمجھندي ۽ چوندي ته ماڻھو بُک پيا مرن ۽ اسان وري گوڙ گدلاڻ جي عجيب ڳالھ پيا ڪريون، گوڙ گدلاڻ خلاف باقاعده ايڪٽ آھي، جيڪو ان کي روڪڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، گوڙ گدلاڻ جو سبب ٿيندڙن خلاف سزائون به طئي آھن، پر اھڙا قانون ڪڏھن لاڳو ئي نه ٿيا آھن ان ڪري انھن جي ھجڻ بابت ڪو تصور به نه آھي، ھن طرح جي وايوليشن کي روڪڻ ڪنھن جو ڪم آھي؟؟ ڪنھن کي اھا به خبر نه آھي، اڳ ۾ اسڪولن ۽ اسپتالن جي گيٽن تي سائن بورڊ لڳل ھوندا ھئا جن تي لکيل ھوندو ھو ته ھتي پريشر ھارن کان پرھيز ڪريو، گاڏين مان پريشر ھارن جا اوزار به پوليس ڪڏھن ڪڏھن پٽي کڻي ويندي ھئي، اھڙو سامان غير قانوني سمجھيو ويندو ھو، جنھن خلاف شڪايت به نه ڪري سگھبي ھئي، مگر ھاڻ ته رڪشائن وارا پوليس جي ڪاررواين خلاف احتجاج ڪندي اھو به الزام ھڻن ٿا ته پوليس وارا ھنن جي رڪشائن مان ٽيپ رڪارڊ لاھيو کڻيو وڃن، اخبارون به اھڙن الزامن کي رپورٽ ڪريو ڇڏين، سبب اھو آھي ته قانونن بابت آگاھي ناھي، نه ته اھو اعتراف ڪير به نٿو ڪري سگھي ته ھِن جي رڪشا يا ريڙھي ۾ ڪو ٽيپ رڪارڊ به لڳل ھو، ڇو ته رڪشا يا ريڙھي يا ڪنھن گاڏي يا دڪان ۾ ٽيپ رڪارڊ يا لائوڊ اسپيڪر لڳائڻ ئي ڏوھ وارو عمل آھي، رڪشا بغير ڪاغذن ۽ بغير ڊرائيونگ لائسنس جي ھلائڻ به ڏوھ آھي، پر جيڪا پوزيشن آھي ان ۾ اگر ڪير رڪشا واري کان پڇندو ته رڪشا جا ڪاغذ آھن؟ ته اھو جواب ۾ چوندو ته رڪشا جا به ڪي ڪاغذ ٿيندا آھن ڇا؟؟ شھرن جي مين پُلين ۽ روڊن تي ريڙھن ۽ رڪشائن ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪرن تي مھدي حسن، عطاءُ الله نيازي، جلال چانڊئي يا ڪنھن ٻئي فنڪار جا وڏي آواز ۾ ڪلام وڄڻ واري عمل کي ڪير روڪيندو ته سوال ٿيندو ته توکي ڪھڙي تڪليف آھي؟؟
ھاڻ ته چورن جي خلاف آواز اٿارڻ تي به چيو ويندو آھي ته فلان چوريون ڪرائي ٿو يا ڪري ٿو، ان سان توکي ڪھڙي تڪليف ٿي ٿئي؟ خير! ڪوبه وڏو آواز جيڪو شور جي شڪل اختيار ڪري سو به ھڪ عوام آزار مسئلو آھي، اھو وڏو آواز نه اخلاق ۾ جائز آھي ۽ نه قانون ۾ ته ڪو وچ روڊ تي يا پنھنجي دڪان، گھر، ھوٽل، رڪشا يا ريڙھي ۾ ايتري وڏي آواز ۾ موسيقي وڄائي جو ٻين تي ان جا بُرا اثر پون، عام فھم ڳالھ آھي ته گوڙ واري حالت ۾ ماڻھن کي ھڪ ٻئي سان گلو ڦاڙي ڳالھائڻو پوندو آھي، جنھن سبب بلڊپريشر وڌندو آھي ۽ چِڙ جنم وٺندي آھي، ماڻھو آھستي آھستي ٻوڙا به ٿيندا رھندا آھن، جن جو انھن کي ڪو احساس به نه ھوندو آھي، اھائي ٻوڙائي ۽ اھائي چڙ نه رڳو بيمارين جو سبب بڻبي آھي، پر گڏوگڏ جھيڙن توڙي خوني جھيڙن جو ڪارڻ به ٿيندي آھي، شور واري ماحول ۾ ڪاروبار ڪندڙ ڪو شخص جڏھن گھر ويندو آھي ته اتي به عادت مطابق وڏي آواز ۾ ڳالھائڻ لڳندو آھي، ٽي وي جو آواز به ضرورت کان وڌيڪ وڌائي ڇڏيندو آھي، اھڙي ماڻھو جي سماعت متاثر رھڻ ۽ ٿيڻ جي اھا نمايان علامت آھي. جڏھن ماڻھوءَ جي ٻڌڻ واري نازڪ حس متاثر ٿيندي آھي ته ھو وڏي آواز ۾ ڳالھائڻ جو به عادي ٿي ويندو آھي، ان عادت جو سبب اھو آھي جو ھو جنھن آواز ۾ خود ٻڌي سگھندو آھي ان ئي وڏي آواز ۾ ڳالھائڻ ان جي مجبوري ٿي پوندي آھي، جيڪا نارمل ماڻھن جي مزاج لاءِ خطرناڪ ۽ خراب ھوندي آھي. جنھن ڳالھ جي ڪري ماڻھو ھڪٻئي سان وڙھي ھڪ ٻئي جو خون ڪري وجھن ان ڳالھ کي جائز ڇو چئجي؟؟ ان خلاف آواز ڇو نه اٿارجي، ان کي ڇو نه روڪجي؟ اچو ته ھر طرح جي وڏن آوازن کي صحت ۽ مزاج خلاف خطرناڪ سمجھون، ان جي خطرن کان آگاھي وارو علم به حاصل ڪريون، شور کي روڪڻ لاءِ ايئن احتجاج ڪريون جيئن چرس، شراب ۽ مين پڙين جي وڪري ۽ واھپي خلاف احتجاج ڪندا آھيون.