داستانِ گل (داستان يارهون)
”ڪجهه تلخ اسڪولي تجربا“ مان اقتباس
اسان پهرئين درجي وارن لاءِ ته ننڍي لائبريري به شجرِ ممنوع هئي، ڇاڪاڻ ته اها استاد صاحبن جي ڪامن روم جي لاءِ استعمال ٿيندي هُئي، بس اِهو ئي فرق آهي اسان جي ديس ۽ انگريزي ۽ آمريڪي سيڪنڊري اسڪولن جو. هنن وٽ لائبريريءَ جو استعمال ۽ ٽائپ رائيٽنگ ۽ هاڻي ڪمپيوٽر چوٿين پنجين ڪلاس کان شروع ٿئي ٿو. اسان وٽ لائبريريءَ جو مطلب اهو ڪڍيو ويندو هو ته وڃي پرائيويٽ لائبريريءَ تان، هڪ آني يا ڏهين پئسي ۾، ڪوبه سستو جاسوسي يا سنسني خيز نفسياتي، جناتي ناول، لِڪي لِڪي لوڪ کان بلڪه اونداهي ڪوٺيءَ يا سوَڙَ ۾ پڙهڻ. باقي اسڪول جا صاف سٿرا ادبي، علمي ۽ تاريخي ڪتاب پڙهڻ لاءِ نه اسان ٻارن کي همٿايو ويندو هو ۽ نه ئي ماستر صاحبن ۾ ڪو خاص شوق ڏسڻ ۾ ايندو هو.